27/06/2026
سول اسپتال مڪلي جي گائني وارڊ ۾ سهولتن جي کوٽ
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سول اسپتال مڪلي جي گائني وارڊ ۾ اڄ کان 15 کان 20 سال اڳ به صرف ٻه وارڊ هئا ۽ اڄ به ساڳيا ٻه وارڊ آهن، جڏهن ته ان عرصي دوران آبادي ۽ مريضن جو انگ ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪو آهي. وڌندڙ آبادي جي مقابلي ۾ صحت جون سهولتون نه وڌائڻ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي.
اسان ڊي ايڇ او ٺٽو، ايم ايس سول اسپتال مڪلي ۽ صحت واري وزير کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته گائني وارڊ ۾ فوري طور تي بسترن ۽ وارڊن جو تعداد وڌايو وڃي، جيئن عورتن کي بهتر طبي سهولتون ۽ مناسب علاج فراهم ٿي سگهي. هن وقت ڪيترائي مريض ۽ سندن وارث وارڊن کان ٻاهر ورانڊن ۾ ويهڻ ۽ رهڻ تي مجبور آهن، جيڪو نه رڳو تڪليف ڏيندڙ پر صحت جي حوالي سان به انتهائي نامناسب صورتحال آهي.
عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، تنهن ڪري هن مسئلي جو ترت نوٽيس وٺي مستقل بنيادن تي حل ڪڍيو وڃي.