12/09/2026
ٺٽو ، شھيد سنڌو ديش شھيد شفيع محمد ڪرناڻي جي سنت تي عمل ڪندي اڄ 12 سيپٽمبر ڇنڇر جي ڏينھن سنڌ جي وزيراعظم شهيد نواب مبارڪ علي عرف دولهہ دريا خان جي 506ھين ورسي جي موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي جي اڳواڻي ۾ ريلي جي صورت ۾ شھيد دولھ دريا خان جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي شھيد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي جنھن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي سينئير وائيس چيئرمين فقير عبدلرزاق انڙ مرڪزي جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي ۽ مرڪزي جيئمسٽ ڪائونسل جي ميمبرن عزيز احمد ڏاھري ، منظور احمد ڦلپوٽو ، جساف جست جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ڄام سنگھار ڪرناڻي ، ضلعي اڳواڻن رفيق احمد ڪنڀار ، جانزيب ڀٽو ، باغي گل محمد ڪرناڻي ھنڌو پنچائت جي اڳواڻ ماسٽر چمن لال ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وزيراعظم شھيد نواب مبارڪ علي عرف دولھ دريا خان جي 506ھين ورسي جي موقعي تي شھيد کي سرخ سلام پيش ڪريو ٿا ۽ سنڌ جي موجوده صورتعال تي ڳالھائيندي چيو ته جيڪي قوتو سازش ڪري سنڌ کي ورھائڻ جون ڳالھيون ٿا ڪن اھي ڪن کولي ٻڌي ڇڏين سنڌ ھڪ ھئي ھڪ آھي ھڪ رھندي سنڌ جو ورھاگو ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي اسان پنھنجي سنڌ کي بچائڻ جي لاء ڀرپور مزاحمت ڪنداسين ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ۽ ڪارپوريٽ فارمينگ ۽ جلال پور ڪيئنال جي خلاف جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران 20 سيپٽمبر آچر جي ڏينھن نوابشاھ ۾ ھڪ وڏي ريلي ڪڊي نوابشاھ شھر ۾ جلسو ڪيو ويندو جنھن لاء سڄي سنڌ جي ماروڙن کي اپيل ڪريو ٿا ته شرڪت ڪري سنڌ دشمن فيصلن کي رڌ ڪن
پاران ، جيئي سنڌ تحريڪ ، ٺٽو