Jeay Sindh Students Federation - Sindh Agriculture University

Jeay Sindh Students Federation - Sindh Agriculture University Jeay Sindh Students` Federation - Distt: Sindh Agriculture University

19/05/2026

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ شاگردن کي گوليون لڳڻ واري معاملي تي اداري جي قومپرست ۽ ترقي پسند شاگرد تنظيمن پاران ويڊيو بيان زريعي وضاحت ڏني وئي.

(شاگرد جدوجھد اتحاد زرعي يونيورسٽي)

سنڌوءَ ديش مقدر آ سائين جي ايم سيد رھبر آجيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ( جساف) طرفان ماھوار شھيد مظفر ڀٽو اسٽڊي سرڪل، مضمون ...
12/05/2026

سنڌوءَ ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ( جساف) طرفان ماھوار شھيد مظفر ڀٽو اسٽڊي سرڪل، مضمون " بلند اخلاق بهتر سياست " مان ھلايو ويندو. زرعي يونيورسٽيءَ جي باشعور شاگردن ۽ تنظيمي دوستن کي شرڪت ڪرڻ جو عرض ڪجي ٿو.

📅 تاريخ: 13/05/2026
📍 ھنڌ: ايڇ بي ايل پارڪ
🕙 وقت: 10 وڳي صبح

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ضلعو زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام.

سنڌو دیش مقدر آهسائين جي ايم سيد رهبر آهجيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ضلعو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام طرفان “سنڌ جي س...
08/05/2026

سنڌو دیش مقدر آه
سائين جي ايم سيد رهبر آه

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ضلعو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام طرفان “سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ شاگرد جو ڪردار” جي موضوع هيٺ هڪ فڪري، شعوري ۽ سياسي ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جي شروعات سنڌ جي قومي تراني سان ڪئي وئي.

پروگرام ۾ جساف جي مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته مقرر قومي اڳواڻ محترم پرويز سنڌو پنهنجي خطاب دوران موجوده سياسي حالتن، قومي شعور ۽ شاگردن جي تاريخي ذميوارين بابت تفصيلي ۽ فڪري بحث ڪيو.

ليڪچر پروگرام ۾ زرعي يونيورسٽي جي باشعور شاگردن سميت مختلف سياسي ۽ شاگرد تنظيمن سان لاڳاپيل شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ويهڪ جي آخر ۾ سوال ۽ جوابن جو سيشن پڻ منعقد ڪيو ويو، جتي شاگردن کلي دل سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف)
ضلعو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام

پريس رليز 05/05/2026زرعي يونيورسٽي،ٽنڊوڄامسنڌ جي تعليمي ادارن اندر استادن جي ويس ۾ بگھڙن پاران شاگردياڻين توڙي شاگردن کي...
05/05/2026

پريس رليز 05/05/2026
زرعي يونيورسٽي،ٽنڊوڄام

سنڌ جي تعليمي ادارن اندر استادن جي ويس ۾ بگھڙن پاران شاگردياڻين توڙي شاگردن کي حراسمينٽ جو شڪار بڻائيندڙن ۽ ڪارو ڪاري جي الزام ھيٺ قتل ڪندڙن خلاف اڄ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد تنظیمن طرفان ھاسٽل گيٽ کان آي ٽي ڊپارٽمينٽ تائين اينٽي حراسمينٽ ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين شرڪت ڪئي.

اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ ادارن ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسان جون ڀيڻو ۽ ڀائر آهن ڪنھن بہ قسم جي ناانصافي برداشت ڪونہ ڪنداسين،ڪنھن کي بہ اجازت نہ ڏینداسین تہ ڪنھن بہ شاگردیاڻي کي حراسان ڪري،تعلیمي ادارن ۾ شاگردیاڻین کي شاگرد تنظیمن جو حصو ٿیڻ جي اپیل ڪئي وئي.

اڳواڻن ھیٺیان مطالبا ڪیا

شاگردیاڻي فھمیدہ لغاري جي قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي.

شاگرد یونین بحال ڪئي وڃي.

حراسمینٽ ڪمیٽي ۾ شاگرد اڳواڻ شامل ڪیا وڃن.

شاگردیاڻي سوڀ خاصخیلي سان انصاف ڪري استاد کي سخت سزا ڏني وڃي.

(شاگرد جدوجھد اتحاد زرعي يونيورسٽي)

جيئي شاگرد سياستجيئي شاگرد جدوجھد"سڏ"سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد تنظيمن پاران سنڌ جي ادارن اندر شاگردن توڙي شاگر...
30/04/2026

جيئي شاگرد سياست
جيئي شاگرد جدوجھد

"سڏ"
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد تنظيمن پاران سنڌ جي ادارن اندر شاگردن توڙي شاگردياڻين سان ٿيندڙ حراسمينٽ خلاف احتجاجي ريلي جو سڏ ڏنو ويو آهي جنھن ۾ اوھان باشعور شاگردن، شاگردياڻين، صحافين توڙي استادن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

هنڌ : سانگھي ڪينٽين کان آئي ٽي ڊپارٽمينٽ
وقت : 10:00 وڳي صبح
تاريخ : 05/05/2026

(شاگرد جدوجھد اتحاد زرعي يونيورسٽي)

پريس رليز 30/04/2026زرعي يونيورسٽيسنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد تنظيمن جو گڏيل اجلاس سنڌ شاگرد سڀا آفيس تي ٿي گزري...
30/04/2026

پريس رليز 30/04/2026
زرعي يونيورسٽي

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد تنظيمن جو گڏيل اجلاس سنڌ شاگرد سڀا آفيس تي ٿي گزريو جنھن ۾ اداري ۽ ھاسٽل اندر هلندڙ مسئلن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ اھم فيصلا پڻ ورتا ويا، اجلاس ۾ جساف آريسر، جساف شھيد بشير خان، جساف، سياف، پي آر ايس ايف، ايس ايس ٽي (QAT) ۽ سنڌ شاگرد سڀا شرڪت ڪئي، جتي اتحاد جو ڪنوينر اڪثريتي راء سان جساف شھيد بشير خان جو صدر افضل شر چونڊيو ويو.

(شاگرد جدوجھد اتحاد زرعي يونيورسٽي)

جيئي سنڌوديش جيئي سائين جي ايم سيد جئي شاگرد جدوجهد جئين ته اسٽونڊنٽ افئير ڊاڪٽر پيار علي شر سان ڪيل شاگرد تنظيمن جي ڳال...
22/04/2026

جيئي سنڌوديش
جيئي سائين جي ايم سيد
جئي شاگرد جدوجهد
جئين ته اسٽونڊنٽ افئير ڊاڪٽر پيار علي شر سان ڪيل شاگرد تنظيمن جي ڳالھ ٻول بعد ليٽ فيس وارو سرڪيولر ختم ڪرئي ڇڏيو ۽ جن شاگردن ليٽ فيس ڀري ڇڏي آھي اھا ڀريل فيس واپس ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرئي ڇڏيو پيپرن جي فارم تي ڪابه فيس ھئڻ جو اعلان.

سنڌوديش مقدر آسائين جي ايم سيد رھبر آجيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ضلعي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران باکوڙي موري جي ش...
21/04/2026

سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ضلعي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران باکوڙي موري جي شھيدن جي ياد ۾ ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف ضلعو زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام.

سنڌوديش مقدر آسائين جي ايم سيد رھبر آپتنگن په ڪيو مڙيا مٿي مچپسي لهس نه لچيا سڙيا مٿي سچسندا ڳيچين ڳچ ويچارين وڃاياموت ا...
20/04/2026

سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ

پتنگن په ڪيو مڙيا مٿي مچ
پسي لهس نه لچيا سڙيا مٿي سچ
سندا ڳيچين ڳچ ويچارين وڃايا

موت اکين سان اکيون ملائي چڪو هو، گولين جو گهيرو هو، باهه جا شعلا هئا، ڌرتيءَ جو رنگ بي رنگ ٿي ويو هو، ڌرتي لھوءَ سان لال ٿي وئي هئي۔ خبر هئي ته سڙي خاڪ ٿينداسين، تنهن هوندي به اڳ ئي وطن سان وفا جو وچن ڪري شھادت جو سودو ڪري ڇڏيو هو۔

ان ڪري نه اکين ۾ خوف هو، نه چهري تي گھٻراھٽ هئي، پر اڃان وڌيڪ اتساھ هو۔ جنھن وطن مٿان قربان ٿيڻ وڃي رهيا هئا، ان وطن لاءِ سندن گلابي چپن تي مسڪراھٽ سان نعرن جو آواز هو۔

وطن به پنهنجي مٿان ٿيندڙ انهن قربانين کي ڏسي حيران ٿيو، ۽ واعدو ڪيو ته جيستائين هي ڌرتي قائم رهندي، اوهان جو نالو امر رهندو۔

باخوڙي موري جي شھيدن سُرائي قربان، کهاوڙ، روپلو چولياڻي، نوراللّٰه تونيو کي جساف ضلعي زرعي يونيورسٽي پاران ڀيٽا پيش ڪئي ويندي۔

زرعي يونيورسٽي جي شاگرد تنظيمن ۽ شعورمند شاگردن کي ڀرپور شرڪت جي گذارش ڪجي ٿي۔

📅 تاريخ: 21 اپريل، بروز اڱارو
🕕 وقت: شام 6:30
📍 ھنڌ: ھاسٽل سي سي لان پارڪ

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف ضلعو زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام

پريس رليز 14/04/2026زرعي يونيورسٽيسموري سنڌ جي تعليمي ادارن اندر لڪيل بگھڙن طرفان شاگردَ توڙي شاگردياڻين کي ڪيتري ئي عرص...
14/04/2026

پريس رليز 14/04/2026
زرعي يونيورسٽي

سموري سنڌ جي تعليمي ادارن اندر لڪيل بگھڙن طرفان شاگردَ توڙي شاگردياڻين کي ڪيتري ئي عرصي کان حراسمينٽ، ڏاڍ، بليڪ ميلنگ جو شڪار ڪيو ويو آھي. سنڌ اندر ڪنھن بہ تعليمي اداري ۾ معياري تعليمي نظام ناهي، سنڌ جا
شاگرد گھڻي ڏکي زندگي کي منھن ڏئي رهيا آهن، شاگرد توڙي شاگردياڻيون استان ۽ ادارن جي انتظاميہ پاران اھڙي سلوڪ کي برداشت ڪندي ڪندي آخر ۾ بيزار ٿي سندن حياتي جو انت آڻڻ تي مجبور آهن.

اھڙي ئي ظلم جو شڪار ٿيندڙ سنڌ اندر تازا ٻہ معاملا پيش آيا آهن هڪ ميرپورخاص ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري جنھن کي مسلسل بليڪ ميل ڪيو پئي ويو ۽ ٻيو زرعي يونيورسٽي جو شاگرد آصف نور بليدي جيڪو پڻ پراسرار نموني قتل ٿي ويو جنھن جي ڪيس جي اڃان تائين ڪا بہ جاچ ناهي ٿي سگھي.

اھڙي ڪڌي عملن کي نظر ۾ رکندي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگرد تنظيمن جساف آريسر، جساف شھيد بشير خان، جساف، سياف، ايس ايس ٽي ۽ سنڌ شاگرد سڀا پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنھن ۾ شاگرد اڳواڻن ڏک جو اظھار ڪندي چيو اسان سنڌ جا شاگرد تعليمي معيار ۾ گھڻا ئي پٺ تي پيل آھيون تعليمي ادارا ڪاروبار جو مرڪز بڻجي ويا آهن ۽ ادارن ۾ ويٺل اشرافيا مسلسل اسان جو استحصال ڪري رهي آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ اسان ان طرح جي عملن کي ڪنھن بہ صورت قبول ڪونہ ڪنداسين ۽ هر شاگرد جو آواز بڻجي سندن ساٿ ڏيندا سين.

(زرعي يونيورسٽي جون شاگرد تنظيمون)

Address

Tando Jam

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Jeay Sindh Students Federation - Sindh Agriculture University posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share