26/04/2026
ٽنڊو غلام علي ۾ سوشلسٽ سٿ جي گرفتار ساٿين عمران لال، سجاد شاھ، عادل مختيار سميت سڀني نوجوانن کي آزاد ڪيو.
سنڌ سرڪار نوجوانن کي روزگار لاءِ احتجاج ڪرڻ تي ھٿڪڙيون ھڻڻ بجاءِ نوڪرين جي وڪري ۽ پنھنجا نوازي وارو ڪُڌو ڌنڌو بند ڪري ۽ اھليت جي بنياد تي نوڪريون ڏي.
پ ر (22/04/2026) | حيدرآباد
عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ضياءِ ڀٽي، نائب صدر بادل ملڪ ۽ جنرل سيڪريٽري سينگار نوناري پنھنجي گڏيل بيان ۾ ٽنڊو غلام علي ۾ ٻه ڏينھن اڳ سوشلسٽ سٿ جي ساٿين جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪئي آھي ۽ مطالبو ڪيو آھي ته گرفتار ٿيل ساٿين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ھونئن ته پوري ملڪ ۾ بيروزگاري تمام وڏو مسئلو آھي ۽ ميرٽ جي لتاڙ عام آھي پر سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ اقربا پروري/ميرٽ جي لتاڙ پنھنجي بدترين شڪل ۾ موجود آھي سنڌ ۾ صنعت ڪاري ۽ روزگار جا ذريعا نہ ھجڻ ۽ خانگي ادارن ۾ پگھارن ۽ سماجي تحفظ نه ھجڻ ڪري سنڌ جو اڪثر نوجوان سرڪاري نوڪرين تي ڀاڙي ٿو جنھن ۾ بہ پوءِ پھرين گريڊ کان وٺي ڪميشن جي ۱۸ گريڊ تائين سنڌ سرڪار وڪرو ڪري ٿي ۽ سرعام بازارون لڳن ٿيون ۽ جيڪي ڪجھ بچن ٿيون سي وزيرن مشيرن جي حصي پتي ۾ ورھايون وڃن ٿيون ۽ اھو ڌنڌو گذريل پندرھن سالن کان وڌيڪ بدترين شڪل ۾ سنڌ ۾ جاري و ساري آھي ۽ ان ئي اقربا پروري خلاف آچر ۱۹ اپريل تي ٽنڊو غلام علي پريس ڪلب اڳيان سوشلسٽ سٿ جي ساٿين پاران احتجاج ڪيو ويو تہ مٿن پوليس پاران بدترين تشدد ڪري ايف آئي آرون ڪٽيون ويون ۽ کين جيل ڀيڙو ڪيو ويو آھي.
عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ ان پوليس گردي جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪندي، نوجوانن جي جدوجھد ۾ ساڻن گڏ بيھي ٿي ۽ مطالبو ڪري ٿي ته ڪامريڊ عمران لال، سجاد شاھ، راجا آريسر، عادل مختيار سميت سٿ جي سڀني احتجاج ڪندڙ ساٿين کي آزاد ڪري مٿن ڪٽيل ايف آئي آرون ختم ڪيون وڃن ۽ نوڪرين جو وڪرو بند ڪري سنڌ جي نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن.
آفتاب جتوئي
ميڊيا ۽ انفارميشن سيڪريٽري، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ