20/09/2025
خانقاھ شريف جي خدمت :
-------------------------------------
بچو فقیر درگاھ شریف وارو نقل ٿو ڪري ته درگاھ مبارڪ تي ننگر شريف جي بٺي وارو ڪم واحد ڏني فقير جي حوالي هو۔
جڏهن فقير واحد ڏني وفات ڪئي ته امام العارفين پير سائين روضي ڌڻي قدس سره جن بٺي جي ڪم ڪار جي خدمت هن ٻانهي کي عطا ڪرڻ جو فيصلو فرمايو۔
مون اها ڳالھ صاحبزادي حضرت سائين صبغت الله شاھ تجر ڌڻي جن سان ڪئي ته؛
” حضرت مرشد ڪريم جن مونکي هن ڪم تي
مقرر ٿا ڪن ۽ مون کي نه ڪو علم آھي ۽ نڪو
حوصلو، مون کان اها خدمت ڪيئن ادا ٿي
سگهندي ؟“
صاحبزاده پير سائين تجر ڌڻي قدس سره جن جواب ۾ مون کي فرمايو:
” مرشد کان مريد کي جنهن به خدمت جي
مقرري ملي، ته اها نيت ۽ سچائي سان قبول
ڪرڻ گهرجي، پوء اها خدمت ظاهري هجي
توڙي باطني، اها خدمت ضرور ان مريد
جي حق ۾ ظاهري ۽ باطني فيوضات ۽
برڪتن جو سرچشمو ثابت ٿيندي ۔۔ “