قومي عوامي تحريڪ سجاول

قومي عوامي تحريڪ سجاول Join Qomi Awami Tehreek For Peace, Equality, Progress & Justice.

سرڪار کي 2010 ۾ چیم ٻوڏ متاثر ڪراچي ۾ آباد ڪیو پر ماڻهو وطن ڪارڊ آسري زوري ڳوٺ موڪليا ویا، آباد ڪجن ها تہ صورتحال اڄ مخت...
09/09/2026

سرڪار کي 2010 ۾ چیم ٻوڏ متاثر ڪراچي ۾ آباد ڪیو پر ماڻهو وطن ڪارڊ آسري زوري ڳوٺ موڪليا ویا، آباد ڪجن ها تہ صورتحال اڄ مختلف هجي ها. اڃا بہ ڳوٺ ڊاھڻ بدران دیس ڌڻي آباد ڪجن: ايازلطيف پليجو


طبقاتي مسئلن کان لاتعلقيءَ مجموعي مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن.!ياد رکو ھاري، آبادگار ۽ زرعي تباهيءَ جا اثر ھر طبقي جي تباهيءَ...
16/05/2026

طبقاتي مسئلن کان لاتعلقيءَ مجموعي مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن.!
ياد رکو ھاري، آبادگار ۽ زرعي تباهيءَ جا اثر ھر طبقي جي تباهيءَ جو سبب آهن، جيڪي بہ طبقا ھارين ۽ آبادگارن جي مسئلن کان لاتعلق آهن اھي بہ ھن وقت ۽ ايندڙ وقت ۾ سنگين معاشي بحرانن جو شڪار ٿيندا.
زراعت ئي آهي جنهن جي ترقيءَ سان سمورن طبقن، ٻهراڙين، شھرن، سنڌ ۽ ملڪ جي خوشحالي وابسته آهي.
زراعت تباھ ٿيندي تہ سڀ ڪجھ تباھ ٿيندو، شھر ويران، ٻهراڙيون ۽ ڳوٺ غربت جي تري ۾ ھليا ويندا ۽ ائين ملڪ جي معيشت جو ڪار وهنوار ٺپ ٿي ويندو.

بااختيار ادارن کان مطالبو آهي تہ پيدا ٿيندڙ زرعي مسئلا جھڙوڪ ھارين کي وقت سر پاڻيءَ جي فراهمي نہ ٿيڻ، ڊيزل جون واڌون قيمتون، شاخن جي کانٽي ۽ صفائي نہ ھجڻ، پڇڙيءَ جي آبادگارن تائين پاڻيءَ جي رسائي نہ ٿيڻ، نڪلي زرعي ٻج، دوائون ۽ ڀاڻ جي وڪري سان گڏ فصل جي نامناسب اگھ، مارڪيٽ ۾ واپارين پاران غير قانوني ڪٽوتي ۽ خرچ مڙھڻ جھڙن مسئلن کي مستقل حل ڪيو وڃي.

سمورن طبقن، شھرين، واپارين، پورهيتن، شاگردن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، استادن، اديبن، سياسي و سماجي تنظيمن توڙي ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ فرد کي اپيل ٿي ڪجي ته ھن وقت زراعت جي تباھ ڪن صورتحال ۾ زراعت جي ترقي ۽ بحاليءَ لاءِ آبادگارن ۽ ھارين جو ساٿ ڏين ۽ انھن جي مسئلن جي حل لاءِ سندن آواز بڻجن.

پنھل سولنگي
قومي عوامي تحريڪ

06/05/2026

پيپلزپارٽي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي حڪم تي، سجاول ضلعي جي شھر، شاھ بندر جا آباد ڳوٺ ڊاھي مقامي رهواسين کي بي گھر ڪرڻ جي مذمت ٿا ڪريون.

23/01/2026

سپريم ڪورٽ جي وڪيل، سربراھ قومي عوامي تحريڪ، سنڌ جي لکين نوجوانن جي آئيڊيل ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش آڏو سڀ کان پهرين ديوار بڻجندڙ، محترم اياز لطيف پليجو صاحب کي اڄ شام 4 وڳي ڊڀو موري اسٽاپ جلسہ عام ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا.

22/01/2026

قومي عوامي تحريڪ ٻنون پاران صبحاڻي شام 5 وڳي ڊڀو موري اسٽاپ تي محبت سنڌ جلسہ عام جون تياريون ۽ دعوتون ورھائڻ جو سلسلو مڪمل ڪيو ويو.
قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ محترم اياز لطيف پليجو صاحب صبحاڻي، 23 جنوري 2026شام 5 وڳي ڊڀو موري تي جلسي کي اھم خطاب ڪندو.


قومي عوامي تحريڪ سجاول طرفان، مختلف ڳوٺن ۾ علانيل مچ ڪچھرين جو آغاز ڊڀو موري کان ڪيو ويندو.پھرين مچ ڪچهري 9 جنوري شام 6:...
30/12/2025

قومي عوامي تحريڪ سجاول طرفان، مختلف ڳوٺن ۾ علانيل مچ ڪچھرين جو آغاز ڊڀو موري کان ڪيو ويندو.
پھرين مچ ڪچهري 9 جنوري شام 6:30 وڳي ڊڀو موري تي ٿيندي.

پنھل سولنگي
سجاول ضلعي آرگنائيزر، قومي عوامي تحريڪ

10/11/2025

ملڪ جي حڪمرانن ۽ ادارن جي سربراهن کي جڏهن، جڏهن به پنهنجي عملن مان خوف نظر آيو آھي ته ھنن ملڪ جو آئين تبديل ڪيو آھي.
ضيا، ڀٽي، مشرف، بينظير ۽ نواز شريف به پاڻ کي بچائڻ لاءِ پاڪستان جي آئين ۾ تبديليون آڻي پنھنجو پاڻ کي محفوظ بڻايو ۽ پنھنجن غير آئيني عمل کي تحفظ فراهم ڪيو.

10/11/2025

Address

Sujawal
73050

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when قومي عوامي تحريڪ سجاول posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share