25/06/2022
مذمت............ مذمت............ مذمت
سائين لفظ سنڌي ٻولي ۾ ادب ڀريو احترام ڀريو ۽ عظمت ڀريو لفظ آھي پر خاص نفرت سان ھن ٻولي جي تباھي چاھيندڙن سنڌي قوم سان گڏ سنڌي ٻولي کي مذاق بنائڻ ۽ ان کي بگاڙڻ شروع ڪيو آھي.
آئون سختي سان ۽ تڪليف سان اسان جي
عظيم قديم سنڌي ٻولي جي بگاڙ جي مذمت ڪيان ٿو.
ھڪ منتظم سوچ تحت سنڌي ٻولي جي عظمت کي بگاڙي سنڌي ٻولي کي غليظ ۽ گار بنائڻ جو سازشون جاري آھن.
مثال:
ھن عورت کي ماھواري سبب رت ھلي رھيو آھي. (ھن وقت غير معتبر جملو)
ھن عورت کي مينسس پيرڊ سبب بلڊ ھلي رھيو آھي. (ھن وقت معتبر جملو)
اھڙا کوڙ مثال سامھون آھن پر اسان کي ھوش ناھي آخر ڇو؟؟؟؟؟؟؟؟