20/03/2025
ھي آھي ”سنڌي جهرڪي“. ھن جو انگريزي نالو Sindh Sparrow آھي. سائنسي سڃاڻپ Passer pyrrhonotus جي نالي سان ٿيندي آھي. ھي عام گهريلو جهرڪين کان مختلف جنس آھي. ھي جهرڪيون انساني آبادي جي ويجھو ڪون رھنديون آھن ۽ گهريلو جهرڪين House Sparrow وانگر گهرن ۾ آکيرا بہ ڪون ٺاھين. ھنن جي رھائش آبادين کان پري جهنگ ۾ ھوندي آھي. ھي سنڌوندي جي ميداني علائقي ۾ اٽڪ کان ساحل تائين ٿينديون آھن. اڳي تہ راجستان تائين بہ ڪون وينديون ھيون پر جڏنھن کان سنڌ مان ھنن جو خاتمو ٿيڻ شروع ٿيو آھي تہ ھاڻي راجستان ۾ بہ رھائش اختيار ڪئي اٿن. ھنن جو قدرتي مسڪن سنڌوندي سان ويجھڙآئي وارا پنجاپ ۽ ڪي پي ڪي وارا علائقا، سنڌ ۽ مڪران آھن. مڪران کان ڪجھ عرصي لاء اوڀر ايران تائين بہ سفر ڪنديون آھن. رھائش لاءِ ھي جهرڪيون گهڻي ڀاڱي ڪنڊيدار وڻ پسند ڪنديون آھن جن ۾ ٻٻر ۽ ٻير ھنن جا پسنديدہ وڻ آھن.
اڳي جيڪي جهرڪين جا ولر اناج جي فصلن تي مارو ڪندا ھئا انھن ۾ 80 سيڪڙو ھن جنس واريون جهرڪيون ھونديو ھيون. ھاڻي اسان وٽ دانھون ھونديون آھن تہ جهرڪيون الائجي ڪيڏانھن ھليون ويون؟ تہ ھنن جهرڪين جي خاتمي جا ذميدار بہ اسان پاڻ ئي آھيون. ڪچي جا ٻيلا اسان تباھ ڪيا، زرعي زمينن مان اسان جا آبادگار وڻ ختم ڪرائيندا ويا. زراعت ۾ ڪيميڪل زھر بي حساب استعمال ڪياسون. نتيجي ۾ ھنن جهرڪين جو نسل اسان جي سنڌ مان خاتمي جي ويجھو وڃي پھتو آھي. تازو سال ٻہ اڳي پنجاب پاران عالمي ادارن کي اھا صلاح ڏني وئي ھئي تہ ھن جهرڪي جو نالو بدلائي پنجاب اسپيرو رکيو وڃي ڇاڪاڻ تہ ھاڻي ھنن جهرڪين جي وڏي آبادي پنجاب ۾ آھي ۽ سنڌ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي بچيون آھن. پنجاپ جي اھا دعوي ان وقت تہ قبول ڪون ڪئي ويئي پر جھڙا حآلات آھن تہ ان ڳالھ جا چٽا امڪان موجود آھن تہ مستقل قريب ۾ پنجاپ جي اھا دعوي عالمي ادارا قبول ڪري ھن جو نالو ۽ سڃاڻپ بدلائي بہ سگھن ٿا. ڇو تہ اسانجي قوم ۾ پنھنجون عادتون بدلائڻ جو ڪو رواج آھي ئي ڪون.
ھي تصويرون پنھنجي ڳوٺ صوڀوديرو مان اڄ صبح جون ورتل آھن. ھڪڙي جوڙي ڳوٺ کان ٻاھر ٿورو پرڀرو زرعي زمين ۾ ٻير جي ھڪڙي تباھ حال وڻ ۾ آکيرو ٺاھي ٻچا ڪيا آھن. مان جڏنھن ھنن جون تصويرون وٺڻ لاءِ اتي ھنن جو انتظار پي ڪيو تہ اوچتو ئي ھڪڙو شڪرو ان وڻ تي اچي ويٺو، ان شايد ھنن جي ٻچن کي تاڙيو ھو پر مون تي نظر پيس تہ يڪدم اڏامي ويو. ماھرن جو چوڻ آھي تہ فطري ماحول ۾ جهرڪين جا 60 سيڪڙو ٻچا وڏا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي شڪار بڻجي ويندا آھن.
زھر پکين جو خاتمو ڪيئن ٿا ڪن ان جو بہ ڪالھ اکين ڏٺو مشاھدو ٿيو. ڀائٽي جي اوطاق ۾ ڪڪڙ بہ جن کي ان ڏيندا آھن ۽ اھو چڳڻ لاءِ ڳيرا ۽ پاريھل بہ اچي ويندا آھن. اتي ھڪڙو گيدوڙي جو وڻ بہ آھي جنھن تي رات جو ڪڪڙ واھيرو ڪندا آھن ۽ ان چڳڻ جي انتظآر ۾ ڳيرا بہ اچي ويھندا آھن. ڪالھ شام جو ھڪڙو ڳيرو ان گيدوڙي جي وڻ تي اچي ويٺو پر ٿوري دير کان پوءِ اوچتو ڦھڪو ڪري اچي زمين تي ڪريو. سندس جسم تي زخم جو بہ نالو نشآن ڪون ھو. جنھن مان اندازو لڳايو تہ ڪا زھريلي چيز کائي ويو ھو جيڪا سندس اوچتي موت جو سبب بڻجي ويئي.
مير الطاف حسين ٽالپر
صوڀوديرو، ضلع خيرپور ميرس
20 مارچ 2025ع