سنڌ جا پکي

سنڌ جا پکي سنڌ جي ڌرتي تي زندگي گذاريندڙ ۽ فطرت جي حسن ۾ رنگ ڀريندڙ

Celebrating my 7th year on Facebook. Thank you for your continuing support. I could never have made it without you. 🙏🤗🎉L...
08/04/2026

Celebrating my 7th year on Facebook. Thank you for your continuing support. I could never have made it without you. 🙏🤗🎉
Love you all.

ھي آھي ”سنڌي جهرڪي“. ھن جو انگريزي نالو Sindh Sparrow آھي. سائنسي سڃاڻپ Passer pyrrhonotus جي نالي سان ٿيندي آھي. ھي عام...
20/03/2025

ھي آھي ”سنڌي جهرڪي“. ھن جو انگريزي نالو Sindh Sparrow آھي. سائنسي سڃاڻپ Passer pyrrhonotus جي نالي سان ٿيندي آھي. ھي عام گهريلو جهرڪين کان مختلف جنس آھي. ھي جهرڪيون انساني آبادي جي ويجھو ڪون رھنديون آھن ۽ گهريلو جهرڪين House Sparrow وانگر گهرن ۾ آکيرا بہ ڪون ٺاھين. ھنن جي رھائش آبادين کان پري جهنگ ۾ ھوندي آھي. ھي سنڌوندي جي ميداني علائقي ۾ اٽڪ کان ساحل تائين ٿينديون آھن. اڳي تہ راجستان تائين بہ ڪون وينديون ھيون پر جڏنھن کان سنڌ مان ھنن جو خاتمو ٿيڻ شروع ٿيو آھي تہ ھاڻي راجستان ۾ بہ رھائش اختيار ڪئي اٿن. ھنن جو قدرتي مسڪن سنڌوندي سان ويجھڙآئي وارا پنجاپ ۽ ڪي پي ڪي وارا علائقا، سنڌ ۽ مڪران آھن. مڪران کان ڪجھ عرصي لاء اوڀر ايران تائين بہ سفر ڪنديون آھن. رھائش لاءِ ھي جهرڪيون گهڻي ڀاڱي ڪنڊيدار وڻ پسند ڪنديون آھن جن ۾ ٻٻر ۽ ٻير ھنن جا پسنديدہ وڻ آھن.
اڳي جيڪي جهرڪين جا ولر اناج جي فصلن تي مارو ڪندا ھئا انھن ۾ 80 سيڪڙو ھن جنس واريون جهرڪيون ھونديو ھيون. ھاڻي اسان وٽ دانھون ھونديون آھن تہ جهرڪيون الائجي ڪيڏانھن ھليون ويون؟ تہ ھنن جهرڪين جي خاتمي جا ذميدار بہ اسان پاڻ ئي آھيون. ڪچي جا ٻيلا اسان تباھ ڪيا، زرعي زمينن مان اسان جا آبادگار وڻ ختم ڪرائيندا ويا. زراعت ۾ ڪيميڪل زھر بي حساب استعمال ڪياسون. نتيجي ۾ ھنن جهرڪين جو نسل اسان جي سنڌ مان خاتمي جي ويجھو وڃي پھتو آھي. تازو سال ٻہ اڳي پنجاب پاران عالمي ادارن کي اھا صلاح ڏني وئي ھئي تہ ھن جهرڪي جو نالو بدلائي پنجاب اسپيرو رکيو وڃي ڇاڪاڻ تہ ھاڻي ھنن جهرڪين جي وڏي آبادي پنجاب ۾ آھي ۽ سنڌ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي بچيون آھن. پنجاپ جي اھا دعوي ان وقت تہ قبول ڪون ڪئي ويئي پر جھڙا حآلات آھن تہ ان ڳالھ جا چٽا امڪان موجود آھن تہ مستقل قريب ۾ پنجاپ جي اھا دعوي عالمي ادارا قبول ڪري ھن جو نالو ۽ سڃاڻپ بدلائي بہ سگھن ٿا. ڇو تہ اسانجي قوم ۾ پنھنجون عادتون بدلائڻ جو ڪو رواج آھي ئي ڪون.
ھي تصويرون پنھنجي ڳوٺ صوڀوديرو مان اڄ صبح جون ورتل آھن. ھڪڙي جوڙي ڳوٺ کان ٻاھر ٿورو پرڀرو زرعي زمين ۾ ٻير جي ھڪڙي تباھ حال وڻ ۾ آکيرو ٺاھي ٻچا ڪيا آھن. مان جڏنھن ھنن جون تصويرون وٺڻ لاءِ اتي ھنن جو انتظار پي ڪيو تہ اوچتو ئي ھڪڙو شڪرو ان وڻ تي اچي ويٺو، ان شايد ھنن جي ٻچن کي تاڙيو ھو پر مون تي نظر پيس تہ يڪدم اڏامي ويو. ماھرن جو چوڻ آھي تہ فطري ماحول ۾ جهرڪين جا 60 سيڪڙو ٻچا وڏا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي شڪار بڻجي ويندا آھن.
زھر پکين جو خاتمو ڪيئن ٿا ڪن ان جو بہ ڪالھ اکين ڏٺو مشاھدو ٿيو. ڀائٽي جي اوطاق ۾ ڪڪڙ بہ جن کي ان ڏيندا آھن ۽ اھو چڳڻ لاءِ ڳيرا ۽ پاريھل بہ اچي ويندا آھن. اتي ھڪڙو گيدوڙي جو وڻ بہ آھي جنھن تي رات جو ڪڪڙ واھيرو ڪندا آھن ۽ ان چڳڻ جي انتظآر ۾ ڳيرا بہ اچي ويھندا آھن. ڪالھ شام جو ھڪڙو ڳيرو ان گيدوڙي جي وڻ تي اچي ويٺو پر ٿوري دير کان پوءِ اوچتو ڦھڪو ڪري اچي زمين تي ڪريو. سندس جسم تي زخم جو بہ نالو نشآن ڪون ھو. جنھن مان اندازو لڳايو تہ ڪا زھريلي چيز کائي ويو ھو جيڪا سندس اوچتي موت جو سبب بڻجي ويئي.
مير الطاف حسين ٽالپر
صوڀوديرو، ضلع خيرپور ميرس
20 مارچ 2025ع

ٽيٽيھر پکي وڻ تي ڪون ويھندو آھي.اھا حقيقت آھي تہ ٽيٽيھر پکي وڻن تي ڪون ويھندو آھي. سوشل ميڊيا تي اھڙيون پوسٽون اينديون ر...
09/03/2025

ٽيٽيھر پکي وڻ تي ڪون ويھندو آھي.
اھا حقيقت آھي تہ ٽيٽيھر پکي وڻن تي ڪون ويھندو آھي. سوشل ميڊيا تي اھڙيون پوسٽون اينديون رھنديون آھن جن ۾ اصل معاملي جي ڄاڻ تہ نہ ھئڻ برابر ھوندي آھي پر اجايون ۽ فضول ڳالھيون، جھالت تي ٻڌل ھٿ ٺوڪيا داستان ۽ نظريا گهڻا ھوندا آھن.
ڳالھ اھا آھي تہ صرف ٽيٽيھر ئي واحد اھڙو پکي ڪونھي جيڪو وڻن تي ڪون ويھي سگھندو آھي پر پکين جا ٻيا بہ سوين اھڙا قسم آھن جيڪي وڻن تي ڪون ويھندا آھن. پر اسان وٽ جيئن تہ سائنسي معلومات نہ ھئڻ برابر آھي بلڪ ائين چوڻ ئي درست ٿيندو تہ اسان پاڻ ئي سائنسي معلومات ۾ دلچسبي ڪون وٺندا آھيون ۽ مشاھدي سان بہ اسانجي ڪون لڳي انڪري ٻين پکين جي تہ خبر آھي ئي ڪون باقي ٽيٽيھر جيئن تہ ھرجاء تي عام آھي انڪري ان جو اھو عمل (وڻن تي نہ ويھڻ وارو) اسانکي عجيب و غريب محسوس ٿيندو آھي. پوءِ پنھنجي پاران ان ۾ مرچ مصالا ۽ رنگ ڀري پيا ان جي باري ۾ داستان ٺاھيندا آھيون.
پکي ھجي يا جانور يا انسان ھر ڪنھن کي پير ٿين ٿا، اھي پير سڀني ۾ مختلف قسمن جا ٿيندا آھن. جانورن جو مثال وٺو تہ گاھ کائيندڙ جانورن ڳئون، مينھن، ٻڪري، رڍ وغيرہ جا پير ”کُرَ“ سڏبا آھن جيڪي ھڏي جا ٺھيل ھوندا آھن ۽ وچ مان ٻن حصن ۾ ورھايل ھوندا آھن، گهوڙي ۽ گڏھ جا پير سُنبَ سڏبا آھن جيڪي پڻ ھڏي جا ٿيندا آھن پر اھي وچ مان چيريل ڪون ھوندا آھن. اُٺَ جا پر داڦوڙا سڏبا آھن ۽ اھي گوشت ۽ چرٻي جا ٿيندا آھن. اھڙي ريت ٻلي، ڪتي شينھن وغيرہ جا چنبا وري الڳ طرح جا ٿيندا آھن. اھو فرق انڪري ھوندو آھي تہ جن حالتن سان انھن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي ۽ جنھن ماحول ۾ اھي رھن ٿا ان جي مناسبت سان ئي فطرت انھن جي پيرن جي بناوٽ ٺاھي آھي.
اھڙي ريت پکين جي پيرن ۾ بہ انھن جي ماحول، خوراڪ ۽ رھڻي ڪھڻي جي بنياد تي فرق ھوندو آھي. ھڪڙا پکي وڻن ٻوٽن جي ميون ٻجن گلن پنن مان خوراڪ حاصل ڪن ٿا يا وري انھن ئي وڻن ٻوٽن ۾ ٿيندڙ جيتن کي پنھنجي خوراڪ بڻائين ٿا تہ انھن کي لازمي وڻن ٻوٽن ۾ ويھڻو پوي ٿو. ان لاءِ کين وڻن جي ٽارين ۾ چنبن جي مضبوط گرفت جي ضرورت ھوندي آھي انڪري فطرت انھن جي پيرن جي بناوٽ اھڙي رکي آھي جو 3 آڱريون اڳيان ۽ ھڪ آڱر پويان تخليق ڪئي آھي تہ جيئن اھي وڻن جي ٽارين کي مضبوطي سان پڪڙي سگھن. ھڪڙا پکي پاڻيءَ ۾ ترن بہ ۽ پاڻيءَ مان ئي پنھنجي خوراڪ حاصل ڪن تہ انھن جي پيرن جي آڱرين جي وچ ۾ فطرت ھڪڙي جهِلي ٺاھي ڇڏي آھي جنھن جي مدد سان اھي پاڻي کي پوئتي ڌڪي آرام سان تري سگھن ٿا.
ائين ئي ٽيٽيھار ۽ ٻيا ڪتيرا ئي اھڙا پکي آھن جن جي خوراڪ زمين جي مٿاڇري ، گپ چڪ يا ترانگهڙي پاڻي ۾ آھي. اھڙن پکين جو وڻن ٻوٽن سان واسطو ڪون ھوندو آھي پر کين زمين جي مٿاڇري تي تيز ڊڪڻ جي ضرورت وڌيڪ پوندي آھي. انڪري انھن پکين جي پيرن ۾ اڳيان واريو 3 آڱريون تہ مضبوط ھونديون آھن پر پويان واري آڱر يا تہ بنھ ڪون ٿيندي آھي يا وري صفا ننڍڙي جيڪا وڻ جي ٽارين تي گرفت قائم ڪرڻ جي قابل ڪون ھوندي آھي. اھڙن پکين ۾ ٽيٽيھر پکي تہ سڀني جي سامھون آھي پر ٻيا بہ ڪيترا ئي پکي اسانجي سنڌ ۾ ئي عام آھن جيئن ٻار ٺڳو جنھنکي انگريزي ۾ Courser چوندا آھن، ھي پکي ڏکڻ سنڌ جي ڪوھستاني علائقي ۾ ھوندا آھن. يا وري پاڻي جي دُٻن تالابن جي ڪنارن يا گپ چڪ وارين جاين تي ، سمنڊ جي ڪنارن وغيرہ تي رھندڙ ويڊرز پکي يا ٽيٽيھار جي ئي خاندان جا ٻيا قسم. انھن کان علاوہ جڳ مشھور تلور پکي بہ وڻن تي ويھڻ جي صلاحيت کان محروم ھوندو آھي جو ان جي خوراڪ بہ زمين جي مٿاچري تي ملندڙ جيت جڻيا يا قدرتي گاھن جا ڦل، ٻج ۽ گئونچ ھوندي آھي.
سو يارو اھڙن معاملن ۾ جاھلن جي ڳالھين تي يقين ڪرڻ بجاء پنھنجو مشاھدو ڪندا ڪريو يا جيڪڏنھن مشاھدو نٿا ڪري سگھو تہ موجودہ دور ۾ انٽرنيٽ جي عام سھولت مان فائدو وٺندي پنھنجي علم ۾ واڌارو ضرور ڪندا ڪريو. توھان پاران حاصڪ ڪيل درست معلومات توھان جي ايندڙ نئين نسل لاء فائيمند ثابت ٿيندي جو توھان جا معصوم ٻار پنھنجي علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ ٻين جي نسبت توھان کان سوال ڪرڻ ۾ ھٻڪ محسوس ڪون ڪندا.
مير الطاف حسين ٽالپر
صوڀوديرو، ضلع خيرپور ميرس
9 مارچ 2025ع

جهنگلي جيوت جو تحفظ ديسي وڻن ٻوٽن گاهن ۽ جڙي ٻوٽين جي تحفظ کان سواءِ ممڪن ڪونهي.چوندا آهن تہ اڌ سچ سڄي ڪوڙ کان وڌيڪ خطرن...
30/11/2024

جهنگلي جيوت جو تحفظ ديسي وڻن ٻوٽن گاهن ۽ جڙي ٻوٽين جي تحفظ کان سواءِ ممڪن ڪونهي.
چوندا آهن تہ اڌ سچ سڄي ڪوڙ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي. زهر خالص هوندو ته ڪو بہ ڄاڻي واڻي ان کي هٿ ڪون لائيندو. پر جيڪڏهن ان زهر جو معمولي مقدار ڪنھن خوراڪ ۾ مليل هوندو تہ اھا خوراڪ سڀڪو شوق سان کائي ويندو ڇو ته کائڻ وارو خوراڪ ۾ زهر جي ملاوت کان لاعلم هوندو. زهر جو اهو معمولي مقدار کائيندڙ تي فوري اثر ڪون ڪندو پر مسلسل استعمال سبب آهستي آهستي اهو زهر کائيندڙ جي جسم ۾ بيماريون، نقص ۽ ڪمزوريون پيدا ڪري ناڪاره بڻائي ڇڏيندو..
40-50 سال اڳ ڳجھ پکين جي آبادي تمام گهڻي هئي. جهنگ جهر ڳوٺن شهرن ۾ جتي به ڪو جانور مري ويندو هو تہ ان جي مردار جسم ۾ بدبوء پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي ڳجهن جا ولر الائي ته ڪٿان اچي ويندا هئا ۽ ڏينهن اڌ ۾ ئي ان مردار جانور جو گوشت کائي چٽ ڪري ويندا هئا، باقي پويان هڏا بچندا هئا جن کي رولو ڪتا پيا گهليندا هئا. ڳجھ پکي سان ماڻھن جي ڪا دشمني ڪون ھئي ڇو تہ نہ ڳجھ ماڻھن جو فصل کائي نہ ئي ڪو ٻيو نقصان ڪري، نہ ئي ڪو ماڻھون ڳجھ جو گوشت کائي جو انھن کي شڪار ڪري ھا. پر ان جي باوجود بہ 1990ع کان پوءِ ڳجھ پکين جي آبادي ۾ ڏينھون ڏينھن گهٽتائي ايندي وئي. ان گهٽتائي کي اول تہ ڪنھن محسوس بہ ڪون ڪيو پر ڪجھ سالن کان پوءِ (لڳ ڀڳ 1996ع) سڀني جا ڪن اڀا ٿيڻ لڳا تہ مئل جانورن جا جسم ڌپ ڪري ٿا وڃن پر ڳجھن جو پري پري تائين ڪو نالو نشان ئي نظر ڪون ٿو اچي؟ آخر ڳجھن جا اھي لشڪر ۽ ولر ڪيڏانھن ھليا ويا؟ حياتيات جا ماھر پريشان ٿي ويا ۽ ڳجھن جي آبادي گهٽجن جا سبب ڳولھڻ شروع ڪيائون. گهڻي تحقيق کان پوء نيٺ سڀ ان نتيجي تي پھتا تہ ڳجھن جي نسل ڪشي جو وڏو سبب کير ڏيندڙ جانورن ۾ diclofenac ڪيميڪل انجيڪشن جو استعمال آھي. اھا انجيڪشن ايجاد تہ ڪنھن ٻي مقصد لاءِ ٿي ھئي مگر ”جڳاڙين“ ۽ ”لالچين“ کير ڏيندڙ جانورن ۾ کير وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ھئي. اڌوري ڄاڻ بہ ائين ھوندي آھي جيئن انڌي جي ھٿ ۾ لٺ يا باندر جي ھٿ ۾ بندوق، پيا ڦيرائيندا ۽ ھلائيندا اھو ڪون ڏسندا يا سوچيندا تہ فائدو ٿو ٿئي يا نقصان، سو ڪنھن اھا انجيڪشن پنھنجي ڍور تي آزمائي تہ معمول کان وڌيڪ کير مليو ... ھاڻي ان اھو نسخو ٻين کي ٻڌايو ۽ ائين مشھور ٿي ويو تہ diclofenac انجيڪشن جيڪا بازار ۾ ملي بہ عام پئي ۽ قيمت بہ صفا ٿورڙي، جانور کي ڏھڻ کان پھرين لڳايو ۽ ان مان معمول کان وڌيڪ کير حاصل ڪري جهجهو منافعو ڪمايو. جانور جي قدرتي سگھ کان وڌيڪ ان تي بار رکبو تہ اھو جانور پنھنجي عمر کان اڳ ۾ ئي ناڪارہ ٿي ويندو يا بيمار ٿي پوندو ۽ مري ويندو، پر لالچ پھريون ئي عقل تي پردو چاڙھي ڇڏيندي آھي ۽ لالچي ماڻھن کي پنھنجي فوري منافعي کان اڳتي ڪجھ سوچڻ ۽ سمجھڻ جي لائق ئي ڪون ڇڏيندي آھي سو ھتي بہ ائين ٿيو. کير ڏيندڙ مال وقت کان اڳ ئي ناڪارہ ٿي مرندو رھيو. انھن جا مردار جسم ڳجھون کائينديون ويون تہ انھن جي گوشت ذريعي diclofenac جو زھر بہ ڳجھن جي اندر منتقل ٿيندو ويو جنھن ڳجھن تي اندران ئي اندران اثر انداز ٿي انھن جي قدرتي نظام ھضم کي ناڪارہ بنائڻ شروع ڪيو. ان سان گڏ ان زھر ڳجھين جي جنسي صلاحيتن تي بہ ناڪاري اثر وجھڻ شروع ڪيا. نظام ھضم ۾ ڳجھين جا گُردا (بُڪيون) بيڪار ٿيندا ويا تہ ڳجھون ويچاريون جن جي قدرتي سراسري عمر 15 کان 50 سالن تائين ھوندي ھئي اھي تيزي سان مرنديون رھيون. ڳجھين ۾ قدرتي طور تي نسل وڌائڻ جو سلسلو بہ آھستي ھلندو آھي. آني مان پيدا ٿيل ڳجھ 5-6 سالن کان پوءِ بالغ ٿيندي آھي ۽ بالغ ڳجھون سال ۾ فقط ھڪ ڀيرو ئي ٻچا ڪنديون آھن پر ھڪ يا ٻن آنن کان وڌيڪ ڪون لاھن. ٻچا ڪرڻ لاء بہ انھن کي آکيرا ٺاھڻ لاءِ وڏا ڊگها وڻ انساني آبادين کان پري پرسڪون ماحول ۾ گهرجن. 1990ع کان پوءِ اسان اھي جهنگ ٻيلا ۽ وڻ بہ ختم ڪري ڇڏيا جن تي ڳجھون پنھنجا آکيرا ٺاھي نسل وڌائينديون ھيون، انھن جي خوراڪ ۾ زھر ملائي ڇڏيو. نتيجو اھو نڪتو جو 8-10 سالن جي مختصر عرصي اندر اسان وٽان ڳجھين جو تقريبن خاتمو ئي ٿي ويو.
اھو ھڪڙو مثال سمجھاڻي لاءِ وڏو سبق آھي. ساڳيو حشر اسان پنھنجي ڌرتي جي ٻي جهنگلي حيات سان بہ ڪري رھيا آھيون. زرعي بيراجي ايراضي واري سنڌ مان قدرتي جهنگلي جانور توڙي ٻي جيوت تقريبن نيست نابود ئي ٿي چڪي آھي. درياھ جي ٻنھي پاسن سان جهنگ ٻيلا اسان جي ”آقائن“ ”نامہ نھاد محافظن“ اھو چئي ختم ڪري ڇڏيا تہ اھي ” ملڪ دشمن“ ماڻھن جون پناھ گاھون آھن. انھن محافظن ۽ آقائن ” ترقي“ جي نالي تي ٻاھرين ملڪن کان خيراتون ۽ قرض وصول ڪري تباھي جا اھڙا اھڙا منصوبا ھلايا جن جو تفصيل لکجي تہ سوين ڪتاب ٺھي وڃن. انھن منصوبن مان حاصل ٿيندڙ ڪميشن ۽ رشوت جي ناڻي کي استعمال ڪندي انھن ڪيمڪل ۽ زھر ( جن کي انھن ڀاڻ ۽ دوائن جا نالا ڏئي ڇڏيا آھن) جا ڪارخانا ۽ ڪاروبار وڌايا تہ جيئن اھو ناڻو وڌندو رھي. انھن ڪيميڪلز ۽ زھرن سبب بيراجي زرعي علاقن مان قدرتي جهنگلي جيوت ڪٿي ٿي سلامت رھي سگھي؟ باقي بچيا بياباني علائقا جن ۾ ٿر جو ريگستان، کيرٿر جو جابلو علائقو ۽ سمنڊ جي ويجھڙائي ۾ ساحلي پٽي ۽ ٻيٽ. انھن مان ساحلي پٽي ۽ ٻيٽ بہ ”دفاع“ ۽ ”ترقي“ جي نالي تي ” محافظن“ ۽ ”آقائن“ پنھنجي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ ڪري ڇڏيا. ٿر جي ريگستان جي بدنصيبي ان جي واريء ھيٺان لڪل ڪوئلي جي ظاھر ٿيڻ سان شروع ٿي ويئي. ايندڙ 30-40 سالن ۾ ٿر رھندو ئي ڪون، ھر پاسي رڳو ڪوئلي جي زھريلي خاڪ ۽ واري پئي اڏامندي. ڪارونجھر ڪپجي ڪورجي بنگلن، محلاتن جي فرشن جي زينت بڻجي ويندو. کيرٿر جنھن نموني استعمال ٿئي پيو اھو بہ بحريہ ۽ ڊفينس بڻجي ويندو جن ۾ رھندڙ ”آقا“ شوق شڪار ۽ پڪنڪ ملھائڻ لاء بچيل کچيل جيوت ماري جشن ملھائيندا.
پر جيستائين اھو سڀ ٿئي تيستائين اسان وٽ ٿورو وقت بچيل آھي تہ کيرٿر ۽ ٿر جي ريگستان ۾ موجود جهنگلي حيات کي بچائي انھن جي آبادي وڌائي سگھجي. دنيا جا جيڪي حالات ھلن پيا ان ۾ اسان وٽ پنھنجي وجود بچائڻ جو بہ اھو ئي واحد رستو بڄيو آھي تہ اسان ھر حالت ۾ پنھنجي علائقي جي جهنگلي حيات کي بچايون ۽ انھن جي حفاظت ڪريون. اھا جهنگلي حيات ئي دنيا جھان کي اسان جو قومي وجود ۽ ڌرتي بچائڻ تي مجبور ڪندي. اھي طاقتون جيڪي پنھنجي مفادن خاطر اسان جي ڌرتي کي تاراج ڪندڙ قوتن کي طاقتور بڻائي رھيون آھن، اھي ساڳيون طاقتون انھن تاراج ڪندڙ قوتن جو خاتمو ڪري سگھن ٿيون جيڪو اھي صرف ان ئي حوالي سان ڪنديون تہ جيئن ھتي جهنگلي حيات ۽ قدرتي ماحول سلامت رھي سگھي.
اھا بچيل کچيل جهنگلي حيات تڏنھن سلامت رھي سگھي ٿي جڏنھن انھن علائقن ۾ مقامي وڻ ٻوٽا گاھ ۽ جڙي ٻوٽيون سلامت ھوندا. جيڪڏنھن انھن علائقن ۾ ترقي يا سونھن جي نالي تي ھائبرڊ، ڌاريا وڻ، گاھ، ٻوٽا يا جڙي ٻوٽيون ڦھلائبيون تہ اھي پنھنجي جهنگلي حيات کي ائين ختم ڪندا جيئن کير وڌائڻ واري 10 رپين جي انجيڪشن اسان جي سنڌ مان مالوندن جا وٿاڻ ختم ڪيا، کير ختم ڪيو، ڏڌ، مکڻ سچو گيھ ختم ڪيو. خالص خوراڪ ختم ڪئي ۽ ان سان گڏ تندرستي ۽ صحت بہ ختم ڪئي. جيڪو ڪيميڪل ڳجھن جا جيرا بڪيون تباھ ٿو ڪري اھو ئي ساڳيو ڪيميڪل اسان جا بہ جيرا بڪيون تباھ ٿو ڪري. ھر گهر ۾ ھاڻي جگر، ڪڊني، شگر، بلڊپريشر، دل ۽ ڪينسر جا مريض عام آھن.
مير الطاف حسين ٽالپر
صوڀوديرو، ضلع خيرپور ميرس
30 نومبر 2024ع

ٽاري/ ٽالھي (شيشم) جي وڻ جون 2 جنسون.ٽاري/ٽالھي ۽ سِنجھِي، جھن کي ھندي ٻولي ۾ شيشم چوندا آھن اسان جي سنڌ خاص ڪري اتر سنڌ...
25/11/2024

ٽاري/ ٽالھي (شيشم) جي وڻ جون 2 جنسون.

ٽاري/ٽالھي ۽ سِنجھِي، جھن کي ھندي ٻولي ۾ شيشم چوندا آھن اسان جي سنڌ خاص ڪري اتر سنڌ ۾ عام جام ھوندو ھو. ھي وڻ ڪاٺ جي ڪري گهڻو مشھور آھي ڇو تہ ٽاريءَ جي مرڪز واري ڪاٺ جنھن کي اسان سنڌي ۾ ڪِٺُ چوندا آھيون، جيت ڪون کائيندو آھي. انڪري عمارتي سامان ۽ فرنيچر ٺاھڻ ۾ تمام گهڻو استعمال ٿيندو آھي.
گذريل 25-30 سالن دوران ٽآريءَ جو وڻ سنڌ مان تقريبن غائب ٿي ويو آھي جنھن جا ٻہ وڏا سبب آھن، ھڪ تہ مھانگي ڪاٺ سبب ون وڻ جي ڪٽآئي بيدردي سان ٿي ۽ ٻيو سبب ھن وڻ ۾ اھڙي بيماري ڦھلجي ويئي جو صدين کان بيٺل وڏا وڏا وڻ بہ اوچتو ئي اوچتو چند ڏينھن اندر سُڪي سڙي نردار بڻجي پيا وڃن. ٽاري/ٽالھي جي وڻ کي تہ ھرڪو سڃآڻي مگر اھا ڄاڻ شايد ئي ڪنھن کي ھجي تہ ھن وڻ جون 2 جنسون ٿينديون.
1- Dalbergia sissoo
2- Dalbergia latifolia
ٻئي مختلف جنسون آھن مگر ڏسڻ وائسڻ ۾ ذري گهٽ ھڪ جھڙيون. فلورا آف پاڪستان ۾ ٻنھي جنسن جو ذڪر آھي مگر اتي ماھرن اھو لکيو آھي تہ Dalbergia latifolia صرف لاھور ۾ ڪٿي ڪٿي نظر ايندي آھي باقي ٻيو ڪٿي بہ نہ.
مان جڏنھن ٻنھي جنسن ۾ فرق تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ٻنھي جنسن جي پنن جي بناوت ۾ واضع فرق ڏسڻ ۾ آيو. پنن جي بناوٽ جي ان فرق کي ڏسي سڀ ماڻھون ٻنھي جنسن جي ڌار ڌار سڃاڻپ سولائي سان ڪري سگھن ٿا. مان ھن پوسٽ سان گڏ ٻنھي جنسن جي پنن جون تصويرو بہ لڳايون آھن.
پھرين جنسن Dalbergia sissoo جي پنن جي پڇڙي ڊگهي ٿيندي آھي جيئن پپر جي پن جي پڇڙي ٿيندي آھي. ۽ ٻي جنس Dalbergia latifolia جي پن جي پڇڙي ڪون ٿيندي آھي بلڪ آخر ۾ پن وچين رڳ وٽ اندر مُڙيل ھوندو آھي جنھن سان پن ڪنھن حد تائين دل جي شڪل جھڙو بڻجي ويندو آھي.
دوستو اھي تصويرون ڏسي ٻنھي جنسن جو فرق ذھن نشين ڪريو. جيڪڏنھن توھان جي ڳوٺ ۾ يا اوسي پاسي ٽاريءَ جا ون آھن تہ انھن جو مشاھدو ڪري ڏسو تہ ڪھڙي جنس جا آھن؟ جيڪڏنھن ڪٿي بہ توھان کي ٻي جنس Dalbergia latifolia جو وڻ ڏسڻ اچي ٿو تہ مھرباني ڪري ان جي پنن جون صاف ۽ ويجھي کان تصويرو وٺي ڪمينٽ باڪس ۾ ضرور شيئر ڪندا .

مير الطاف حسين ٽالپر
صوڀوديرو، ضلع خيرپور ميرس
25 نومبر 2024ع

ھي سنگتي ھتي پنھنجي آفيس جي اندر توڙي اوسي پاسي جام آھن پر تصوير ڪڍائڻ جي معاملي ۾ صفا ڪنجوس. پري کان ديدار ڪرايو وري لڪ...
31/10/2024

ھي سنگتي ھتي پنھنجي آفيس جي اندر توڙي اوسي پاسي جام آھن پر تصوير ڪڍائڻ جي معاملي ۾ صفا ڪنجوس. پري کان ديدار ڪرايو وري لڪيو وڃن. آخرڪار ڪالھ مس مس راضي ٿيا تہ مون بہ موقعو غنيمت ڏسي سنگتين جون ڪجھ تصويرو محفوظ ڪري ورتيون.
ھي سنگتي ھيڙھا / لونگي ھيڙھا آھن جن جي سائنسي سڃاڻپ Argya caudata جي نالي سان ٿيندي آھي ۽ انگريزي ۾ Common Babbler سڏبا آھن. ھي دوست جيتن پڪڙڻ جا ماھر ھوندا آھن، خاص ڪري زمين جي سطح تان يا وري زمين ۾ لڪل جيت مٽي کوٽي ڳولي وٺن. پاڻ ۾ ٽولا ٺاھي رھندا آھن. جيتن کان علاوہ گاھن جا ٻج ۽ ڦل بہ کائيندا آھن.
ھي ويچارا آھن تہ فصل دوست، پر اسان لالچي انسان انھن معصومن کي بہ پنھنجو دشمن سمجھي، فصلن ۽ زمينن ۾ زھر ھاري ھنن جي موت جا انتظام ڪري ٿا ڇڏيون. اڳي ھي ھي جاءِ تي ولرن جي صورت ۾ پيا چھڪندا ھئا پر ھاڻي زھر جي استعمال ڪري باغن ۽ زرعي زمينن ۾ ورلي ئي ڪٿي ملندا. ھا باقي جتي زھر جو استعمال نٿو ٿئي ۽ سر يا ڪنڊيدار وڻ جام آھن اتي چھڪندا وتن ٿا.

مير الطاف حسين ٽالپر
صوڀوديرو، ضلع خيرپور ميرس
31 آڪٽوبر 2024ع

ڪلونجي ڇا آھي؟اشتھارن جي معرفت اسان ڪلونجي جو نالو جام ٻڌو آھي. انھن اشتھارن ۾ ڪلونجي جي ٻڌايل خاصيتن کان متاثر ٿي پنسار...
30/10/2024

ڪلونجي ڇا آھي؟

اشتھارن جي معرفت اسان ڪلونجي جو نالو جام ٻڌو آھي. انھن اشتھارن ۾ ڪلونجي جي ٻڌايل خاصيتن کان متاثر ٿي پنسارين وٽان خريد ڪري گهرن ۾ رکندا آھيون ۽ مختلف طريقن سان استعمال بہ ڪندا آھن. اڪثر مختلف بيمارين کان شفاياب ٿيڻ لاءِ ھڪ ٻئي کي ڪلونجي استعمال ڪرڻ جا مفت مشورا بہ اھڙي تہ پر اعتماد نموني ڏيندا آھيون جيئن ڪو حاذق حڪيم ڏيندو آھي. مگر اھو سوچڻ جي زحمت ڪڏنھن بہ ڪون ڪئي ھوندي تہ ڪلونجي آھي ڪھڙي بلا؟ اسان جي ڪلونجي بابت ڄاڻ جي وڌ ۾ وڌ حد اھا ھوندي آھي تہ ”ڪلونجي ھڪ قسم جي ٻوٽي جو ٻج آھي“. ڪھڙي ٻوٽي جو؟ اھا بہ اسانکي خبر ڪون ھوندي آھي نہ ئي وري ڪلونجي جون وڏيون وڏيون خوبيون ۽ خاصيتون ٻڌائي وڪرو ڪندڙ پنسارين، حاذق حڪيمن، ڪلونجي کي موت کان سواءِ سمورين بيمارين جو شافي علاج قرار ڏيندڙ اشتھارين کي.
اصل ۾ مارڪيٽنگ جي دنيا نفسياتي جنگ جي بنياد تي آباد آھي. ان جنگ ۾ ھڪ فريق عام سادو سودو عوام ھوندو آھي جيڪو علم جي ھٿيار ۽ عقل و دانش جي زرھ پوش کان محروم ھوندو آھي، ٻيو فريق چالاڪي ۽ مڪاري زرھ سان پوري طرح ليس ٿي ٺڳي ۽ بي ايماني جي سواريء تي سوار ٿي ميدان ۾ لھندو آھي. ان جو ھٿيار پراعتماد لھجو ھوندو آھي جنھن سان ھو فريق مخالف جا ذھن ۽ سوچون اھڙي ريت فتح ڪندو آھي جو شڪست خوردہ فردن کي پنھنجي شڪست جو احساس بہ ڪون ٿيندو آھي.
ھاڻي اچو تہ پھريون ڪلونجيء جي باري ۾ ڄآڻ حاصل ڪريون، پوءِ ويھي حساب ڪتاب ڪريون تہ ڇا واقعي ڪلونجي جملي بيمارين جي واحد شفا بخش دوا آھي؟
اشتھار ڏسي اسان بازار جو رخ ڪريون ۽ پنساري کان ڪلونجي طالب ڪريون تہ ھو ڪاري رنگ جا ٻج اسان جي اڳيان رکندو. اھي ٻج ڪھڙي ٻوٽي جا آھن؟
اصل ۾ مصر، اوڀر يورپ، ترڪي ايران شام قبرص ۽ اتر افريڪا ۾ ھڪڙي قدرتي جڙي ٻوٽي Nigella sativa جي سائنسي نالي سان ٿيندي آھي، ان جا ٻج اتان جا رھواسي قديم زماني کان وٺي مصالحي طور پنھنجي کاڌن ۾ استعمال ڪندا پيا اچن. انھن ٻجن جو ذائقو ٿورو تيز ۽ ڪڙاڻ مائل ھوندو آھي جيڪو ٻين کاڌن جو ذائقو بھتر بنائڻ لاء مصالحي طور استعمال ٿيندو ھو. ھن جي ٻجن ۾ 32 کان 40 سيڪڙو تيل ھوندو آھي جيڪو پڻ کاڌن ۾ دوائن ۾ استعمال ٿيندو آھي. انھن ٻجن جي استعمال جون شاھديون اسان کي مصر ۽ ترڪي جي قديم آثارن ۾ 2-3 ھزار سال اڳ کان ملن ٿيون. ھي ٻوٽو ننڍڙي قد جو 8 انچ کان 1 فوٽ تائين ٿيندو آھي. ھن ٻوٽي ۾ سفيد يا نيري رنگ جا خوبصورت گل ٿيندا آھن جن ۾ 5 کان 10 تائين پنکڙيون ٿينديون آھن. ھن جو فروٽ گل جي مٿان ئي ٿيندو آھي جنھنجي اندر ننڍڙا ننڍڙا ڪاري رنگ جا ٻج ٿيندا آھن. اھي ٻج ئي ان علائقي ۾ قديم زماني کان وٺي مصالحي ۽ دوا طور استعمال ٿيندا پيا اچن. اھو تہ ٿيو ”ڪلونجي“ جي اصل ٻوٽي جو تعارف. ھن پوسٽ سان گڏ ان اصل ٻوٽي ۽ سندس ٻجن جون تصويرو بہ شامل آھن. ھاڻي توھان پنھنجي گهرن ۾ بہ ھڪڙو تجربو ڪري سگھو ٿا. ڪلونجي (جيڪا توھان ڪٿان بہ پنھنجي اعتماد واري پنسار وٽان خريد ڪئي ھجي) جا ڪجھ ٻج پنھنجي گهريلو باغيچي ۾ پوکي ڏسو. ٻوٽو تيار ٿيندو تہ ان جا گل ۽ فروٽ انھن تصويرن سان ڀيٽائي ڏسو. اگر ساڳيا آھن تہ توھان جيڪا ڪلجونجي استعمال ڪري رھيا آھيو اھا اصلي آھي. ھاني ان اصلي ڪلونجي مان جيڪڏنھن ڪنھن کي لاعلاج مرض مان شفا نٿي بہ ملي تڏنھن بہ خير آھي پر توھان گهٽ ۾ گهٽ ھڪڙو خوشذائقہ مصالحو تہ پنھنجي گهر ۾ استعمال ڪري رھيا آھيو.
ڪلونجي جي مشھوري، وڏي منافعي جي لالچ ۽ لاعلم ماڻھن پاران وڏي طلب ھتي ڪلونجي سان مشابھت رکندڙ ڪاري رنگ جي ٻجن کي ڪلونجي جي نالي ۾ وڪرو ڪرڻ جو رواج وڌايو آھي.
پراڻي زماني ۾ بزرگ عورتون گهرن ۾ جيڪو آچار تيار ڪنديون ھيون ان ۾ ”بَصر جا ٻج“ بہ ٻين مصالحن سان گڏ شامل ڪنديون ھيون. ھاڻي بہ جيڪڏنھن ڪو پنساري ڪلونجي جي نالي تي بصر جو ٻج ڏئي ٿو ڇڏي تہ خير جھڙي ڳالھ آھي جو طبي خاصيتن ۾ بصر جو ٻج شايد ڪلونجي کان بہ وڌيڪ مفيد ثابت ٿئي. پر ھن وقت قيمت ۾ بصر جو ٻج ڪلونجي کان مھانگو ھجڻ ڪري ڪو بہ اھڙو ڪم نہ ڪري؟
مگر جيئن تہ ٻہ نمبري ماڻھن جي ڪا کوٽ ڪونھي انڪري مارڪيٽ ۾ ھڪڙي آرائشي گلن جي ٻوٽي Nigella damascena جا ٻج بہ ڪلونجي جي نالي تي وڪرو ٿين پيا. ھنن ٻجن ۾ ڪلونجي جھڙا فائديمند جزا تہ ڪون ٿين البتہ ھن جا ٻج بہ کاڌن ۾ مصالحي طور استعمال ٿيندا آھن. ھنن جي خوشبو ۽ ذائقو ڪلونجي جي ٻجن کان ٿورو مختلف ۽ خوشبو تيز ھوندي آھي. ھا البتہ جيڪڏنھن ھي ٻوٽو توھان جي گهريلو باغيچن ۾ سونھن خاطر لڳل آھي تہ ان جي پنن ۽ گلن کان ٻارن ۽ گهريلو جانورن کي پري رکجو ڇو تہ اھي کائڻ سان ٻارن جي طبيعت بگڙي سگھي ٿي. عام ڄاڻ لاءِ ان ٻوٽي جي بيھڪ، گلن، فروٽ ۽ ٻج جون تصويرون بہ ھن پوسٽ ۾ شامل ڪيون آھن تہ جيئن ڪلونجي جا اڻڃاڻ عاشق ڌوڪيبازي کان بچي سگھن. تصويرن ۾ جيڪڏنھن غور ڪندا تہ توھان کي ٻنھي ٻوٽن جي ٻجن ۾ فرق محسوس ٿي ويندو.

مير الطاف حسين ٽالپر
صوبوديرو، ضلع خيرپور ميرس
30 آڪٽوبر 2024ع

ڪانھن (سَرَ جو قسم)ڪانھِن، سَرَ جو ھڪ قسم آھي. گهڻا نباتاتي ماھر ھن جي سڃاڻپ Saccharum spontaneum neso جي نالي سان ڪن ٿا...
28/10/2024

ڪانھن (سَرَ جو قسم)

ڪانھِن، سَرَ جو ھڪ قسم آھي. گهڻا نباتاتي ماھر ھن جي سڃاڻپ Saccharum spontaneum neso جي نالي سان ڪن ٿا، مگر جڏنھن ان نالي واري ٻوٽي جي خاصيتن جو ذڪر پڙھجي ٿو تہ اھي ڪانھن جي ٻوٽي کان مختلف ٿيون نظر اچن. سنڌ ۾ سَرَ جو جيڪو ٻوٽو ”ڪانھن“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو آھي اھو قد ۾ ننڍو، تقريبن 4 کان 5 فوٽ جو مس ٿيندو آھي. سال ۾ ھڪ ڀيرو برساتن جي مند ۾ عام طور تي آگسٽ جي مھيني ۾ نسرندو آھي. ڪانھن جا پن سنھڙا ٿيندا آھن ۽ انھن ۾ ڪُتِ بہ سَرَن جي ٻين قسمن جي نسبت تمام گهٽ ٿيندي آھي. برساتن جي شروعات ۾ ئي ڪانھن جي ٻوٽي ۾ نئون ڦوٽھڙو شروع ٿي ويندو آھي، ٻوڙي جي وچ مان ڪڻڪ جي ٻوٽي وانگر ڳُرِيدار تيلي نڪرندي آھي جنھن چوٽيءِ تي سفيد رنگ جو گُل ٿيندو آھي. ڪانھن جو گل 6-8 انچ ڊگهو ھوندو آھي ۽ سندس تيلي 4-4.5 فوٽ ڊگهي ۽ سنھڙي ٿيندي آھي. ڪانھن جي ڪاني جي ويڪر 3-4 ملي ميٽر مس ٿيندي آھي. ڪانھن عام طور تي مٺي پاڻي ۽ وارياسي يا لٽاشي زمين ۾ ئي ٿيندي آھي. گهڻو ڪري ڪچي جي دريائي علائقي ۾، زرعي زمينن ۾ ٻنن، ڪسين، واٽرن ۽ واھن جي ڪنارن سان، پاڻي جي دُٻن تلائن جي اوسي پاسي ۾، يا وري ريگستاني علائقن ۾ تراين ۽ ھيٺاھين علاقي ۾ جتي برسات جو پاڻي بيھندو ھجي. بظآھر ڪمزور ۽ بيڪار نظر ايندڙ اھو ٻوٽو ماحول ۽ جهنگلي جيوت جي بقا ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو آھي. ھن جي پاڙن ۾ قدرتي طور تي گدلي پاڻي کي صاف ڪرڻ جي صلاحيت ھوندي آھي. ھي ٻوٽو گدلي پاڻي ۾ موجود ھيوي ميٽلز جا جزا پنھنجي پاڙن ذريعي صاف ڪندو آھي. ترقي يافتہ ملڪ ھن ٻوٽي جي اھا اھم خاصيت پنھنجي شھرن جي نڪاسي واري گندي پاڻيءَ کي صاف ڪري ٻيھر استعمال جي لائق بنائڻ لاءِ ڪيميڪلز کان پاڪ، ماحول دوست فلٽريشن سسٽمن ۾ استعمال ڪن ٿا. سنڌ ۾ ڪانھن جا سَرَ ڪچين جاين، لانڍين ۽ منھن جون ڇَتيون ڍڪڻ يا پاسن کان اولا ڏيڻ لاءِ ڳوٺن ٻھراڙين جا مڻھون استعمال ڪندا آھن. ڳوٺن جا ھنرمند مرد، عورتون توڙي ٻار ڪانھن جي سنھڙين تيلين مان دروازن ۽ درين تي پردي لاءِ چِکون ٺاھيندا آھن جيڪي انتھائي خوبصورت ٿينديون آھن. اھڙن ھنرمندن جا ٽولا حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ ايس پي آفيس واري روڊ جي فٽ پاٿ تي ٻنھي پاسن سان توھان ضرور ڏٺا ھوندا. حڪيم ۽ ڀاڳيا ڪانھن جي ٻوٽي جي مختلف حصن کي ماڻھن توڙي مال جي مختلف بيمارين جي علاج لاءِ دوا طور بہ استعمال ڪندا آھن.

مير الطاف حسين ٽالپر
صوڀوديرو، ضلع خيرپور
28 آڪٽوبر 2024ع

ماحولياتي تبديليون ۽ سنڌ جو مستقبلاڄ ڪلھ عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين بابت وڏي وٺ پڪڙ لڳي پئي آهي. سڀني جو زور آهي تہ ...
26/10/2024

ماحولياتي تبديليون ۽ سنڌ جو مستقبل

اڄ ڪلھ عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين بابت وڏي وٺ پڪڙ لڳي پئي آهي. سڀني جو زور آهي تہ وڻ پوکيو. دنيا ۾ وڏا وڏا منصوبا هلن پيا. آفريڪا کنڊ جي وچ ۾ اولھ کان اوڀر تائين 30 ڪلوميٽر ويڪري ۽ هزارين ڪلوميٽر ڊگهي پٽي جيڪا ڪيترن ئي ملڪن مان گذري ٿي، وڻن پوکڻ لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي ته جيئن آفريڪا جي صحراء اعظم کي ڦھلجڻ کان روڪي سگهجي ۽ اڳتي ھلي دنيا جي ان سڀ کان وڏي بيابان ريگستان کي به سرسبز بنائي سگهجي. سعودي عرب جيڪو غيرآباد بيابان هو اهو ايندڙ 10 سالن ۾ پاڪستان کان بلڪ پنجاب کان وڌيڪ سرسبز ٿي ويندو. چين پنهنجي اتر اولھ وارن بياباني ريگستانن کي سرسبز جھنگ ٻيلن ۾ تيزيءَ سان تبديل ڪري رهيو آهي.
اسان وٽ به هر سال سرڪار پاران کربين رپيا وڻ پوکڻ جي اشتهارن تي ڪاغذن ۾. خرچ ڪيا ويندا آهن. عمران خان 10 ارب وڻ پوکڻ جو اعلان ڪري کربين رپيا کپائي ڇڏيا، نئين حڪومت گرين پاڪستان اشتهاري مهم هلائي 46 لک ايڪڙ زمين پنجاپي فوج ۾ ورهائي ڇڏي جننهن ۾ فوجي آفيسرن ۽ جرنيل کي زمين آباد ڪرڻ لاءِ دريائن جا رخ بدلائي وڏا وڏا نوان واھ ڪڍڻ جو تياريون پوري زور شور سان هلي رهيون آهن. سنڌ ۾ انگريز صاحبن روايت قائم ڪئي تہ ٽالپر حڪمران ڪورا ڄٽ ٻيلا وڍڻ ڪون ڏيندا هئا انڪري سنڌ ترقي ڪون ڪئي، انڪري سنڌ ھاڻي سنڌ جي زمين تان فضول ٻيلا وڍي اھا زمين آباد ڪري سنڌ کي ترقي ڏياري ويندي تہ سنڌ جا ماڻھون ستت ئي امير ۽ شاھوڪار بڻجي ويندا. انگريز صاحبن سئو سال حڪمراني ڪئي، بئراج ٺاھي، درياھ کي بندن ۾ سوگھو ڪيائون، ھزارين ميل واھ ٺاھيا، لکين ايڪڙن تا ٻيلا وڍي زراعت لاءِ زمينون الاٽ ڪيون ( جيڪي پڻ گهڻي ڀاڱي ھندستان ۽ پنجاب مان ماڻھون گهرائي انھن کي الاٽ ڪيائون). 1947ع ۾ انگريزن کي تڙ تڪڙ ۾ پويان پير ڪرڻآ پيا تہ ھتان جو اقتدار پنھنجي وفادار غلام پنجاپي فوج ۽ ھندستاني نوڪر شاھي حوالي ڪري ويا. انھن اچڻ سان ھتان ھندن کي پادر ھڻي ڀڄائي ڪڍيو تہ پاڪ سرزمين تي ھندو ڪافرن کي رھڻ جو ڪو حق ڪونھي. ھندن جي ملڪيتن کي مال غنيمت قرار ڏئي ھندستان ۽ پنجاپ مان آيل مجاھدن ۾ تقسيم ڪيون. پاليسيون انگريزن جي ڏسيل واٽ تي ھلندي برقرار رکيون ويون. بيراجون ٺھڻ جي باوجود سنڌ جي ٽيون حصو زمين بہ مشڪل سان سان زراعت لائق ٿي سگھي جنھن جو بہ وڏو حصو مجاھدين اسلام جي آبادڪاري لاءِ نوان شھر ۽ وستيون اڏڻ ۾ استعمال ڪيائون. باقي بچيل آبادي لائق زمينون بہ پنجاپي پٺاڻ ۽ ھندستاني مجاھدين اسلام کي الاٽ ڪندا رھيا تہ سنڌي تہ ڪنھن ڪم جا ئي ڪونھن. مزدور بہ پنجاپ ھندستان ۽ افغانستان مان اچن. باقي بچيل ٻہ حصا زمين جيڪا ريگستانن، پھاڙن، جبلن، درياھ جي ڪچي ۽ سامونڊي گهاٽين ۽ ٻيٽن تي مشتمل آھي ”سرڪاري ملڪيت“ قرار ڏئي 77 سالن ۾ ويڪائو وکر بڻائي ڪڏنھن سرعام تہ ڪڏنھن خفيہ طريقن سان ڌارين کي الاٽ ڪندا ويا. نالو ترقي جو... جيڪا 180 سالن کان سنڌي ماڻھن صرف خوابن ۽ سرڪاري لکارين جي سونھري لکتن ۾ ئي ڏسندا ٿا اچن باقي سرزمين تي حالت اھا آھي جو 180 سالن جي ترقي جي باوجود عالمي ادارا اھو چوڻ تي مجبور ٿيا آھن تہ سال 2024ع ۾ سنڌ جا 98 سيڪڙو ٻار (جيڪي ڪنھن بہ قوم جو مستقبل ھوندا آھن) بکئي پيٽ سمھڻ تي مجبور آھن.
انگريز ويا تڏنھن بہ سنڌ ۾ 30 کان 50 لک ايڪڙ زمين تي ٻيلا ھئا. ھر رستي جي ٻنھي پاسن کان گهٽا مقامي وڻ صدين جي عمر جا موجود ھئا. انگريزن جيڪي واھ کوٽايا انھن جي ٻنھي ڪپرن سان 2-2 قطارون وڻڻ جون پوکائي ويا. انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ اڌ صدي بہ مس گذري تہ اسلامي مجاھدن انھن وڻن کي بہ ڪافر سمجھي قتل ڪرڻ واجب سمجھيو. 1992 کان 2024ع جي وچ ۾ صرف 32 سال عرصو گذريو آھي. صرف انھن 32 سالن جي عرصي جون سرڪاري بجيٽ دستاويز مان ڪو محقق تڪليف ڪري وڻن پوکڻ ۽ ٻيلن جي حفاظت تي، وفاقي توڙي صوبائي حڪومت پاران خرچ ٿيندڙ رقمن جو حساب جمع ڪري عوام لاءِ پڌرو ڪري تہ عقل کي تالا لڳي ويندا. اڻ ميو خزانو جيڪو حڪومتون عوام کان مختلف قسم جي ٽيڪس جي صورت ۾ جمع ڪنديون آھن وڻن پوکڻ جي منصوبن تي خرچ ٿو ان جي باوجود سنڌ جي ٻيلن جي زمين جيڪا سرڪار سڳوري جي پنھنجي دعوي موجب 28 لک 50 ھزار ايڪڙ آھي، ان مان صرف 28 لک ايڪڙ زمين سرڪار سڳوري کان بہ طاقتور ماڻھن جي قبضي ھيٺ آھي ۽ ماشا اللہ 50 ھزار ايڪڙ ٻيلن جي زمين سرڪار سڳوري جي قبضي ۾ تہ آھي پر پڪ ڪونھي اتي وڻ بہ موجود آھن الائي نہ؟ ...... روڊن رستن ٻئي پاسا وڻن کان خالي آھن تہ جيئن انھن سان گذرندڙ سواريون پري پري تائين سنڌ جي حالت جو نظارو پسي سگھن. واھ .... موجود بہ آھن ۽ انھن جي سالياني مرمت. کاٽي بہ ٿيندي آھي (سرڪاري ڪاغذن ۾) پر انھن ۾ وھندڙ پاڻي مسڪين سنڌي آبادگارن جي زمينن تائين پھڌڻ کان اڳ ۾ ئي جادو جي زور تي ھوا ۾ ٻاڦ بڻجي ويندو آھي ۽ وڃي حڪمرانن، شاھي عملدارن ۽ جھادي فوجين جي زمينن مٿان ابر رحمت بڻجي وسندو آھي تہ جين انھن جي زمين مان ريڪارڊ اپت حاصل حاصل ٿئي. واھن جي ڪنارن سان وڻ انڪري ڪونھن جو متان اھي پاڻي جي وھڪرن ۾ رڪاوٽ بڻجن جيڪي اڪثر ڪري سڄو سال پاڻي کان ئي خالي رھندا آھن.
تازو سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جي خوف کان ٽاڪوڙو متل آھي. وڏيون طاقتون پنھنجا پکيڙيل زھر تہ ختم ڪون ٿيون ڪري سگھن سو انھن زھر جي ڪمايل منافع مان ڪجھ حصو سڃين ملڪن کي خيرات ڏئي انھن کي ان ڳالھ لاءِ آمادہ ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون تہ اھي پنھنجي ملڪن ۾ گهڻي کان گهڻا وڻ پوکين جيئن ڌرتي جو ماحول صحيح ٿئي. اھو معمولي حصو بہ اربين ڊالر ٿئي ٿو. ھڪ ھڪ ڊالر اسان جھڙي پينو قوم لاءِ وڏي اھميت ٿو رکي روڪڙي ۾ ان ھڪ ڊالر جي قيمت اسان جا 280 رپيا آھي. پينو تہ ھونئن ئي آھيون (حڪمرانن کان وٺي عام ماڻھون تائين) سو ان موقعي جو فائدو وٺڻ لاءِ اسانجي حڪمران سڳورن بہ وڏا وڏا فلم ۽ ڊراما تخلق ڪرڻ شروع ڪيا. ماحول جي بچاء جا محڪما ۽ وزارتون ٺھي ويون. وڻن پوکڻ جا ڪاغذي منصوبا تيار ڪري ان خيرات مان حصا پتيون وٺڻ شروع ڪيا.
سنڌ سان ويساھ گهاتي ساڳي طريقي سان برقرار رھندي پئي اچي.
ڪالھ صرف انڪري ھڪڙو معمولي سوال سنڌ جي ماڻھن کان پڇڻو پيو تہ ٻڌايو سنڌ جا مقامي وڻ ڪھڙا آھن؟ سڀني 8-10 عام نظر ايندڙ وڻن جي جنسن جا نالا ٻڌايا. عام ماڻھن جو ان ۾ ڪو قصور ڪونھي ڇو تہ عام ماڻھون نہ محقق ھوندو آھي نہ ئي ماھر. پر حيرت جھڙي ڳالھ اھا آھي جو ھتي وڌن وڌن عھدن تي فائز اعلي تعليمي ڊگريون حاصل ڪيل سرڪاري آفيسرن ۽ دانشورن جي معلومات بہ عام ماڻھن کان وڌيڪ ڪونھي.
سال 2023ع ۾ حڪومت پاڪستان سڀني صوبن ۾ وڻن پوکڻ لاء ملڪ جي وڏن وڏن ماھرن کان ” ماھرانہ رپورٽ“ تيار ڪرائي تہ ملڪ جا ڪھڙا علائقا ڪھڙن وڻن پوکڻ لاءِ مناسب آھن؟
سڄي دنيا ۾ اھو اصول آھي تہ ماحول جي بچاءَ ۽ ان علائقي جي جهنگلي جيوت جي تحفظ ۽ واڌاري کي نظر ۾ رکندي ” مقامي“ جنسن جا وڻ ٻوٽا پوکيا ويندا آھن. ڌاريا وڻ ٻوٽا قدرتي ماحول ۾ سڌارو آڻڻ بجاءِ ان کي ويتر تباھ ڪندا آھن ۽ جهنگلي جيوت بہ انھن کان متاثر ٿيندي آھي.
مگر حڪومت پاڪستان جي چوٽيء جي سرڪاري ماھرن پاران جيڪا رپورٽ ڪروڙين رپيا ھضم ڪرڻ کان پوءِ تيار ڪئي ويئي آھي اھا پڙھي حيرت ٿي لڳي تہ جنھن مالڪ جا چوٽيءَ جا ماھر ئي اھڙا آھن تہ ان جو حشر ڇا ٿيندو؟ ان رپورٽ جا سنڌ متعلق تجويزن جا حصا ھن مضمون سان گڏ شامل ڪيا آھن. ماھرن سنڌ کي 6 ايڪولاجيڪل حصن ۾ تقسيم ڪيو آھي ۽ ھر حصي جي جاگرافيائي، زميني ساخت ۽ موسمي حالتن کي مد نظر رکي وڻن جون جنسون تجويز ڪيون آھن. توھان بہ ڏسو.
زون 1( نقشي ۾ نارنگي رنگ سان ظاھر ڪيل علائقو)- مقامي جنسون 10 عدد - ٻٻر جا 3 قسم، روھيڙو، گگرال، نم، ليار، ليسوڙي، ٻير، ڄار/ کبڙ..... غير مقامي ڌارين وڻن جون 5 جنسون - 1 قسم غير مقامي لئو، ٻٻر جون 2 جنسون، ڪونو ڪارپس جون 2 جنسون
زون 2 ( نقشي ۾ گھري سائي رنگ سان ظاھر ڪيل، درياھ جي کاٻي پاسي بيراجي آباد زمينون)- مقامي وڻن جون 15 جنسون - ٻٻر، ٽالھي، سرينھن جون 2 جنسون، نم، سنبل، انب، ڄمون، گدامڙي، ارجن، پپر، بڙ، املداس، ٻير کجي. .. غير مقامي وڻ - يوڪلپٽس يعني بيد مشڪ يا سفيدي جون 2 جنسون.
زون 3 ( نقشي ۾ ھلڪي سائي رنگ سان ظاھر ڪيل درياھ جي ساڄي پاسي وارو ميداني علائقو - مقامي وڻن جون 8 جنسون - ٻٻر، نم ، ارجن، کجي، سرينھن جا 2 قسم، گدامڙي سھناجهڙو ۽ ٻير. غير مقامي وڻن جون 4 جنسون- يوڪلپٽس يا بيمشڪ جون 2 جنسون ۽ ڪونوڪارپس جون 2 جنسون.
زون 4 (درياھ جي ٻنھي پاسي ڪچي جي زمين) نقشي ۾ گھري نيري رنگ وارو علائقو - مقامي وڻن جون 6 جنسون - ٻٻر، ڪنڊي، باھڻ، لئي جا 2 قسم ۽ کبڙ/ ڄار.
زون 5 (لاڙ پٽ جوڊيلٽائي علائقو) - مقامي 8 جنسون _ تمر جون موجود 4 جنسون ۽ ختم ٿيل 4 جنسون جيڪي ڪنھن زماني ۾ ھتي ھيون.
زون 6 ريگستاني علائقو (جيڪو نقشي ۾ زرد رنگ سان ظاھر ڪيل آھي) - مقامي وڻن جون 12 جنسون - ڪنڊي، ڄار/ کبڙ، گگرال، ٻٻر جون 2 جنسون، لئو، ريھيڙو، نم، ليار، ليسوڙي، ٻير ۽ سنھانجڙو. غير مقامي وڻن جون 5 جنسون، 1 ٻٻر، ڪونو ڪارپس جون 2 جنسون، يوڪلپٽس يا بيد مشڪ جون 2 جنسون.

ھي تجويزون ملڪ پاڪستان جي ” نامور“ ۽ ”مايہ ناز“ ماھرن تيار ڪري ڏنيون آھن. انھن ماھرن کي سنڌ ۾ مقامي وڻن جون وڌ ۾ وڌ صرف 15 جنسون ئي نظر آيون آھن انڪري انھن سڳورن حڪومت کي گذارش ڪئي آھي تہ سنڌ ۾ غير مقامي ٻاھرين وڻن جون جنسون سرڪاري سطح تي وڏي پيماني تي لازمي لڱائڻ گهرجن جن ۾ ديوي يا انگريزي ٻٻر جي ھڪ جنس ۽ ڪونو ڪارپس جھڙي بيڪار ترين ۽ ماحول دشمن وڻ جون 2 جنسون بہ لڳايو ۽ آسٽريليا مان آيل يوڪلپٽس جون 2 جنسون بہ پوکيو. ڪونو ڪارپس، يوڪلپٽس ۽ ديوي اھي 3 غير مقامي ٻاھريان وڻ آبادي جي حساب سان ھن وقت بہ سنڌ جي ھر حصي ۾ ڪنھن بہ مقامي وڻ جي جنس کان سوين ڀيرا وڌيڪ پوکيل آھن. نئين تجويز تي عمل ڪندي انھن جي آبادي ۾ ويتر اضافو ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويئي آھي. انھن ڌارين جنسن جي ھن وقت بہ سنڌ ۾ حيثيت Invasive spicies حاصل آھي. پاڙي ۾ ايران، خليجي رياستن ۽ ھندستان پنھنجي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪونوڪارپس پوکڻ تي پابندي مڙھي ڇڏي آھي ۽ جيڪي بيٺل وڻ آھن انھن کي بہ تيزي سان ختم ڪري انھن جي جاءِ تي مقامي وڻ پوکڻ جا منصوبا ھلائي رھيا آھن ۽ ھتان وارا ماھر مقامي وڻن کي ختم ڪري سڄي سنڏ ۾ ڪونو ڪارپس ، يوڪلپٽس ۽ ديوي جا جهنگل پوکڻ جو تجويزون ڏئي رھيا آھن. ان وڌيڪ بيشرمي جي ٻي ڪھڙي حد ٿيندي؟ جيڪڏنھن انھن ماحول دشمن ماھرن جي تجويزن تي عمل ٿيو ( جيڪو لازمي ٿيندو) تہ اسان جا ايندڙ نسل سنڌ ۾ مقامي جهنگلي جيوت صرف ڪتابن ۾ ۽ محفوظ ٿيل تصويرن ۾ ئي ڏسي سگھندا.

مير الطاف حسين ٽالپر
صوڀوديرو
26 آڪٽو بر 2024ع

25/10/2024

چڱو ڀلا اڄ ھڪڙي آزمائش ٿي وڃي؟
ڏسئون تہ اسان کي پنھنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي مقامي ماحول جي باري ۾ ڪيتري ڄاڻ آھي؟

اڄ پنھنجي ڄاڻ مطابق ٻڌايو تہ سنڌ جا مقامي وڻ ڪھڙا ڪھڙا آھن؟

Address

Sobhodero, District Khairpur Mir's. Sindh
Sobhadero
66110

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00
Saturday 09:00 - 17:00

Telephone

+923043907666

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سنڌ جا پکي posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to سنڌ جا پکي:

Share