Shikarpur Sindh

Shikarpur Sindh District Shikarpur, with an area of 2640 square kilometers, has a population of 880,000. For security the city was then protected by seven gates & one window.

It is divided in four "taulkas": Shikarpur, Lakhi, Garhi Yasin and Khanpur. Its borders meet with districts of Larkana, Jacobabd, Khairpur & Sukkur. Two National Highways (N-65 & N-55) intersect in the city of Shikarpur, so it can well be termed as,one of the junction points of the four provinces. District Shikarpur was once famous for education and other civic amenities throughout undivided India

until the first half of the 20th Century. Rai Bahadur Udhaudas Tarachand Hospitial, Hiranand Gangabai Ladies Hospital, Chellaram & Seetaldas College, Two old High Schools now known as school No:1 & 2 and Girls College here, are some dignified and marvelous towers, showing outstanding standards of Shikarpurians during that era. Now, infrastructure being old, Shikarpur is experiencing a lot of problems. Heavy inflow of rural populace has further burdened this old system, needing immediate overhauling. District Shikarpur has a total road length of 920.0 kilometers, including 125.0 kilometers of National Highways and 195.0 kilometers of Provincial Highways. It is, thus, deficient in road density (0.35 km/Km2) compared with recognized international parameters of development (1 km/Km2). During the last few years, creeping development activity has taken pace and 71.0 kilometers of road, 94 schools and a number of schemes in drainage, health and other sectors have been completed, under various Programs. Basically, agrarian economy of district Shikarpur is dependent upon non-perennial irrigation system, so the district is always in semi-drought conditions. The last spell of drought is particularly notable as it created heavy unemployment and unsustainable poverty, which without doubt created serious law & order situations. BOUNDRIES:The District is bounded on the north & East by Jacobabad District in the South by Sukkur District on the West by River Indus and Larkana District.The Town consists on Eight Gates and One Window Name Lakhidar,Hathidar,Hazaridar,Cividar,Karandar,Wagnodar,Khanpurdar,Nausherodar and Siddique Mari(Window ).

ايڊووڪيٽ زين العابدين سومرو جي فريال ٽالپر سان ملاقات، شڪارپور جي سياست ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي ڳالهيونشڪارپور: ايڊووڪي...
14/08/2025

ايڊووڪيٽ زين العابدين سومرو جي فريال ٽالپر سان ملاقات، شڪارپور جي سياست ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي ڳالهيون

شڪارپور: ايڊووڪيٽ زين العابدين سومرو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ادي فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران شڪارپور جي سياست، علائقائي حالتن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.

ذريعن موجب، ملاقات ۾ قانونی معاملن، ترقياتي منصوبن ۽ عوامي مسئلن جي حل بابت به خيالن جو ڏي وٺ ٿيو. سياسي حلقن مطابق، اهڙي ملاقات کي شڪارپور جي موجوده سياسي ماحول ۾ خاص اهميت ڏني پئي وڃي.

معلوم ٿيو آهي ته ايڊووڪيٽ زين سومرو، سینئر سیاستدان حمير سومرو سان پڻ ويجهو تعلق رکي ٿو.

سينيئر صحافي زاهد نون کي “شڪارپور يونين آف جرنلسٽس” جو ضلعي صدر چونڊجڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪجن ٿيونشڪارپور ج...
16/06/2025

سينيئر صحافي زاهد نون کي “شڪارپور يونين آف جرنلسٽس” جو ضلعي صدر چونڊجڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪجن ٿيون

شڪارپور جي غيرجانبدار، باوقار ۽ ذميوار صحافت لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته زاهد نون جهڙو سنجيده، سلجهيل ۽ بااصول صحافي، “شڪارپور يونين آف جرنلسٽس” جو صدر چونڊجي سامهون آيو آهي۔ دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔

زاهد نون جو صحافتي سفر ڪنهن به جذباتي لاڳاپي، شخصي شهرت يا گروهي مفادن کان پاڪ رهيو آهي۔ هن جو قلم هميشه بي آواز ماڻهن جي ترجماني، حق جي وکالت، ۽ صحافتي ضمير جي حفاظت لاءِ هليو آهي۔
اُهو ڪڏهن به ترڪ نه ٿيو، جيتوڻيڪ وقت جي هوا مخالفت ۾ رهي، پر اصولن کان پوئتي نه هٽيو۔

هن وقت افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته ڪجهه جذباتي ذهن، جيڪي صحافت کي هڪ ذاتي جنگ، يا احساساتي اظهار جو اوزار سمجهن ٿا، سي بي بنياد تنقيد ذريعي زاهد نون جي نيڪنامي کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔ پر صحافت جذبات نه پر تدبر، تحقيق ۽ توازن جو نالو آهي، ۽ زاهد نون ان فڪر جو روشن حوالو آهي۔

پريس ڪانفرنس جهڙا فورم ڪا ذاتي اسٽيٽمينٽ ڏيڻ جي جاءِ نه پر ادارتي سطح تي سوال اُٿارڻ جي فضيلت رکندا آهن۔ جڏهن ڪو صحافي پنهنجي سوال کي تقرير يا تنقيد ۾ بدلائي، ته اها صحافت نه پر ناتجربه ڪاري ۽ غيرذميواري ٿئي ٿي۔
زاهد نون جهڙا صحافي انهن لمحن ۾ صحافت جو اصل تعارف آهن، جيڪي خاموشي سان صحافتي معيارن کي برقرار رکندا آيا آهن۔

هن چونڊ سان صحافتي نظم، گڏيل فڪر، ۽ نئين نسل جي رهبرانه تربيت لاءِ نئين دور جي شروعات ٿيندي۔ زاهد نون جي قيادت هيٺ اميد آهي ته يونين آف جرنلسٽس هڪ اهڙو ادارو بڻجندو، جيڪو شخصي لاڳاپن کان آزاد، صرف ۽ صرف صحافتي قدرن جي بنياد تي هلي۔

زاهد نون صرف صحافي نه، پر صحافت جي وقار، سچائي ۽ ذميواريءَ جو نالو آهي۔
اهو نالو، جيڪو شور نه پر سچ ڳالهائي ٿو۔
اهو قلم، جيڪو تعريف نه پر ضمير سان جُڙيل آهي۔

صحافت لاءِ نئين راهون، نئون ويزن، ۽ مضبوط ادارا اڃا جيئرا آهن، جيستائين زاهد نون جهڙا ماڻهو بي خوف بيٺل آهن

ڳڙهي ياسين لڳ هٿياربندن پاران اغوا جي واردات – بلوچستان جا 7 مسافر نشانو بڻايا ويا، 2 ڄڻا اڃا تائين گمڳڙهي ياسين لڳ اغوا...
15/06/2025

ڳڙهي ياسين لڳ هٿياربندن پاران اغوا جي واردات – بلوچستان جا 7 مسافر نشانو بڻايا ويا، 2 ڄڻا اڃا تائين گم

ڳڙهي ياسين لڳ اغوا جي واردات پيش آئي، جتي صبح جو لڳ ڀڳ 4 وڳي هٿياربندن لاڙڪاڻي کان ايندڙ بلوچستان واسي 7 ڄڻن کي اغوا ڪيو.

اغوا ڪيل ماڻهن ۾ خدا بخش ولد لال ڀنگر، عمران باگراڻي، سجاد رند، جويو، اعجاز ٻرڙو، آصف ڀراڻي ۽ عرفان احمد لاشاري شامل هئا، جيڪي درگاهه سيد حسن شاهه، پٽ فيڊر ڊيرا مراد جمالي وٽ ويٺل هئا.

واردات کان ڪجهه وقت پوءِ، هٿياربندن پنج ڄڻن کي ڇڏڻ بعد، آصف ڀراڻي ۽ عرفان لاشاري کي ساڻ ڪري وٺي ويا، جن جو اڃا تائين ڪو اتو پتو ناهي لڳي سگهيو.

اغوا ڪيلن جي گاڏي، GLI ڪار نمبر BCW-364، ماڊل 2014، شڪارپور شهر جي لکيدر ٿاڻي جي حد، تبليغي ابراهيم مرڪز ڀرسان ڇڏي وئي

شڪارپور ۾ قبيلائي رتوڇاڻ، فائرنگ ۾ چار ڄڻا مارجي وياشڪارپور: شڪارپور ۾ قبيلائي دشمني نئين لهر اختيار ڪري وئي آهي، ٽول پل...
12/06/2025

شڪارپور ۾ قبيلائي رتوڇاڻ، فائرنگ ۾ چار ڄڻا مارجي ويا

شڪارپور: شڪارپور ۾ قبيلائي دشمني نئين لهر اختيار ڪري وئي آهي، ٽول پلازه ڀرسان ڳڙهي ياسين موڙ وٽ اڇي مسجد جي ويجهو هٿياربندن ڪار تي اندهاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار چار ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا۔

پوليس موجب، فائرنگ جو واقعو قبيلائي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، جڏهن ته مارجي ويل چارئي ڄڻا سندراڻي برادري سان تعلق رکن ٿا۔ حملي آور واردات بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔

واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي۔ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ جاري آهي

شڪارپور: مغوي نينگر انس ٿهيم جي بازيابي لاءِ پوليس جو وڏي پيماني تي آپريشن جاريشڪارپور (نمائندو خاص):شڪارپور مان اغوا ڪي...
09/06/2025

شڪارپور: مغوي نينگر انس ٿهيم جي بازيابي لاءِ پوليس جو وڏي پيماني تي آپريشن جاري

شڪارپور (نمائندو خاص):
شڪارپور مان اغوا ڪيل معصوم نينگر انس ٿهيم جي بازيابيءَ لاءِ پوليس پاران سخت قدم کنيا ويا آهن، ۽ آپريشن جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، پوليس پاران اغوا واقعي ۾ ملوث شڪي جوابدارن جي ويجهن عزيزن کي عارضي طور حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا بعد آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي، ايس ايس پي شڪارپور جي هدايت تي اسٽورٽ گنج، چڪ، ۽ سلطان ڪوٽ ٿاڻن جي عملدارن کي مٽائي ڇڏيو ويو آهي.

نئين مقرري هيٺ:
• چڪ ٿاڻي تي طارق کوسو
• سلطان ڪوٽ تي اي جي مٺاڻي
• اسٽورٽ گنج تي خميسو بروهي کي مقرر ڪيو ويو آهي.

اطلاعن موجب، پوليس جو موجوده ٽيم اغوا ڪيس جي بارڪ بينيءَ سان جاچ ڪري رهي آهي ۽ آپريشن ۾ جلد ڪاميابي جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. معصوم مغوي نينگر جي حفاظت ۽ بازيابي پوليس جي اولين ترجيح قرار ڏني پئي وڃي.
(AI generated snaps)

09/06/2025

ڏوھارين جي همت تڏهن ختم ٿيندي، جڏهن شھري خوف ڇڏي آواز اٿاريندا۔
اچو، ظلم خلاف هڪ ٿي بيهون، ڇو ته خاموشي هاڻ اختيار ناهي، خطر آهي۔

شڪارپور: معصوم انس ٿہيم اڃان تائين بازياب نه ٿيو، شھرين جو ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلانشڪارپور (نمائندو) – شڪارپور جي ڪسائي مح...
09/06/2025

شڪارپور: معصوم انس ٿہيم اڃان تائين بازياب نه ٿيو، شھرين جو ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان

شڪارپور (نمائندو) – شڪارپور جي ڪسائي محلي مان اغوا ٿيل 3 سالن جو معصوم ٻار، انس ٿہيم، اڃان تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن تي شھرين سخت احتجاج ڪندي ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

احتجاج ڪندڙ شهرين چيو آهي ته جيستائين انس ٿہيم بازياب نه ٿيندو، ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو۔ سندن چوڻ هو ته پوليس جي ناڪامي ۽ بي حسي سبب والدين تڪليف ۾ مبتلا آهن ۽ شهر ۾ خوف جي فضا ڇانيل آهي۔

مظاھرين مطالبو ڪيو آهي ته معصوم ٻار جي جلد از جلد بازيابي لاءِ خاص ٽيم جوڙي وڃي ۽ ذميوار جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي۔

08/06/2025

شڪارپور مان عيد جي ٻئي ڏينھن معصوم 9 سالن جو ٻار انس ٿھيم اغو ٿي ويو شڪارپور جا شھري وڏي انگ ۾ ڏوھارين جي پويان قاضي پٽي پھچي ويا

شڪارپور: معصوم ٻار جو اغوا، شهر ۾ خوف جي لهرشڪارپور شهر جي ڪسائي محلي مان هٿياربند موٽر سائيڪل سوارن پاران 3 سالن جو معص...
08/06/2025

شڪارپور: معصوم ٻار جو اغوا، شهر ۾ خوف جي لهر

شڪارپور شهر جي ڪسائي محلي مان هٿياربند موٽر سائيڪل سوارن پاران 3 سالن جو معصوم ٻار، انس ٿهيم پٽ ڪامران ٿهيم، اغوا ڪيو ويو آهي. واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڏئي ڇڏيو ويو، جڏهن ته ٻار جي وارثن ۾ روڄ راڙو ۽ بيچيني ڇانيل آهي. ياد رهي ته عيد کان صرف ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيل نينگر، روهيت اوڏ، جو لاش هٿ آيو هو، جنهن کان پوءِ شهر ۾ بيچيني ۽ خوف وڌي ويو آهي. شهرين پاران تحفظ جي لاءِ سخت قدم کڻڻ جو مطالبو پڻ سامهون آيو آهي

Address

Shikarpur
75500

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shikarpur Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share