Municipal Committee Shikarpur

Municipal Committee Shikarpur Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Municipal Committee Shikarpur, Government Official, Jumani hall shikarpur, Shikarpur.

26/08/2026

اڄ 12 ربيع الاول جشن آمد رسول صلي الله عليه و آله وسلم جي سلسلي ۾ مدرسه غوثيه جيلانيه حاجي لطيف شاه کان عاشقان رسول جي مرڪزي ريلي نڪتي.

ان سلسلي ۾ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي سي ايم او عابد لطيف راجپوت پاران مفتي شفيق احمد قادري ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏجي ريلي کان اڳ فائربرگيڊ جي گاڏي ۾ عطر ۽ گلاب جي خوشبو ملائي سموري شهر ۾ ڇمڪار ڪرائي وئي.

ريلي م ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو، سي ايم او عابد لطيف راجپوت سميت هزارين شهرين شرڪت ڪئي، ريلي سرڪيولر روڊ هاٿيدر هزاريدر، اسٽورٽ گنج، ڳڙهي ياسين موڙ کان ٿيندي لکيدر تي اختتام پذير ٿيندي.

اڄ 12 ربيع الاول ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه و آله وسلم جي ولادت جو ڏهاڙو آهي ان سلسلي ۾ اڄ نڪرندڙ...
26/08/2026

اڄ 12 ربيع الاول ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه و آله وسلم جي ولادت جو ڏهاڙو آهي ان سلسلي ۾ اڄ نڪرندڙ جشن آمد رسول ريلين جي سلسلي ۾ ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه پاران صفائي سٿرائي ۽ روٽن جي مڪمل صفائي سٿرائي ۽ مين هولن کي ڪور لڳائن جو ڪم مڪمل ڪيو پيو وڃي.

چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي ايڊمنسٽريٽو آفيسر سينيٽيشن عارف شيخ جي نگراني ۾ عملي شهر جي سرڪيولر روڊ سميت مختلف روڊن رستن روٽن تان گند ڪچرا کڻائي صفائي سٿرائي بعد چونا هاريا ويا جڏهن ته ڪجهه جڳهن تي کليل مين هولن کي ڪور لڳايا ويا اهڙي ريت ڪم جو سلسلو جاري آهي.

12 ربيع الاول جشن آمد رسول صلي الله عليه و آله وسلم جي تيارين جي سلسلي ۾ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ ج...
21/08/2026

12 ربيع الاول جشن آمد رسول صلي الله عليه و آله وسلم جي تيارين جي سلسلي ۾ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي مسجدن ۽ مدرسن آڏو توڙي روڊن رستن تي صفائي سٿرائي ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي.

ان سلسلي ۾ ميونسپل عملي شهر جي حاجي لطيف شاه روڊ جي ٻنهي اطرافن کان گند ڪچرا کڻائي صفائي سٿرائي بعد چونا هاري ڇمڪار ڪرائي وئي اهڙي ريت صفائي سٿرائي جو ڪم تيزي سان جاري آهي.

12 ربيع الاول جشن آمد رسول صلي الله عليه و آله وسلم جي تيارين جي سلسلي ۾ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ ج...
19/08/2026

12 ربيع الاول جشن آمد رسول صلي الله عليه و آله وسلم جي تيارين جي سلسلي ۾ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي مسجدن ۽ مدرسن تي لائيٽنگ ڪرائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ چيف ميونسپل آفيسر عابد لطيف راجپوت شهر جي حاجي لطيف شاه روڊ، لکيدر، فيض علي شاه سميت مختلف علائقن ۾ مدرسن ۽ مسجدن جي وزٽ ڪري منتظمين سان ملاقات ڪري لائيٽنگ جي ڪمن جو جائزو وٺي عملي کي مختلف هدايتون ڏنيون.

چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي شهر اندر  صفائي سٿرائي ۽ ڊرينيج لائينن جي ڊيسلٽنگ جو ڪم جا...
19/08/2026

چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي شهر اندر صفائي سٿرائي ۽ ڊرينيج لائينن جي ڊيسلٽنگ جو ڪم جاري آهي.

ان سلسلي ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر سينيٽيشن عارف شيخ وارڊ 18 جي ڪائونسلر شهباز آرائين ۽ عملي سان گڏجي شهر جي پنج گلي روڊ کان ٺارپور روڊ سميت مختلف علائقن جي ڊرينيج لائينن جي ڊيسلٽنگ ۽ صفائي سٿرائي جي ڪمن جو جائزو وٺي عملي کي مختلف هدايتون ڏنيون

چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي شهر اندر  صفائي سٿرائي ۽ گند ڪچرا کڻائڻ جو ڪم جاري آهي.ان ...
17/08/2026

چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي شهر اندر صفائي سٿرائي ۽ گند ڪچرا کڻائڻ جو ڪم جاري آهي.

ان سلسلي ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر سينيٽيشن عارف شيخ شهر جي مختلف محلن جي وزٽ ڪري صفائي سٿرائي ۽ گند ڪچرا کڻائڻ جي ڪمن جو جائزو وٺي عملي کي مختلف هدايتون ڏنيون.

14/08/2026

اڄ 14 آگسٽ پاڪستان جي 79هين جشن آزادي جو ڏهاڙو ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور ۾ ڀرپور نموني ملهايو ويو.

چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين ذوالفقار علي خان ڪماريو، سي ايم او عابد لطيف راجپوت ۽ اي ايس پي آصف کرل جن سان گڏجي ميونسپل لان ۾ قومي جهنڊي جي پرچم ڪشائي ڪئي.

ان موقعي تي چيئرمين فياض محمود شيخ جن چيو ته 14 آگسٽ اسان کي پنهنجي بزرگن جي عظيم قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. پاڪستان آهي ته اسين آهيون انشاالله اسين سڀ گڏجي پاڪستان خاص طور شڪارپور جي ترقي لاء پاڻ پتوڙينداسين.

چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي شهر اندر ڊرينيج لائين جي ڊيسلٽنگ ۽ پمپنگ اسٽيشنز جي مانيٽر...
12/08/2026

چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي شهر اندر ڊرينيج لائين جي ڊيسلٽنگ ۽ پمپنگ اسٽيشنز جي مانيٽرنگ جو سلسلو جاري آهي.

ان سلسلي ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر سينيٽيشن عارف شيخ شهر جي سنجراڻي محلا ۽ انڙ ڪالوني وارن علائقن جي وزٽ ڪئي جتي ڊرينيج لائين جي ڊيسلٽنگ صفائي ۽ پمپنگ اسٽيشن جي وزٽ ڪري معائنو ڪيو ۽ عملي کي مختلف هدايتون ڏنيون.

10/08/2026

شڪارپور جي سنجراڻي محلا ۾ بجلي جي غير اعلانيه ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب موٽريون بند ٿيڻ ۽ پاڻي جو اوور فلوو وڌي وڃڻ سبب شهر جي سنجراڻي محلا پمپنگ بند ٿي وئي جنهن سبب گهٽين ۾ پاڻي نڪري آيو.

اهڙين شڪايتن جو نوٽيس وٺندي چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود شيخ جن جي هدايتن تي عملي في الفور پھچي بيڪو جا ڊيزل پمپ لڳرائي پمپنگ مشينون هلايون ۽ سنجراڻي محلا جي گهٽين مان پاڻي نيڪال ڪرايو اهڙي ريت اتي ڪم جو سلسلو جاري آهي.

Address

Jumani Hall Shikarpur
Shikarpur

Telephone

+92726920245

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Municipal Committee Shikarpur posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share