Rani Kot - رني ڪوٽ

Rani Kot - رني ڪوٽ Ranikot Fort is a historical fort near Sann, Jamshoro District, Sindh, Pakistan.
(247)

❤
11/03/2024

Consul General of the Federal Republic of Germany Mr. Rüdiger Lotz & his Wife Mrs. Ivana Lotz visited Ranikot Fort on da...
25/01/2023

Consul General of the Federal Republic of Germany Mr. Rüdiger Lotz & his Wife Mrs. Ivana Lotz visited Ranikot Fort on dated: 25-01-2023

نئين سال 2023ع کي پنھنجن پيارن دوستن غني عاجز، ننگر درس، حسن جانوري ۽ قدير ڪاڪا سان گڏ مون (سارنگ جويي)  جديد قومپرستيءَ...
02/01/2023

نئين سال 2023ع کي پنھنجن پيارن دوستن غني عاجز، ننگر درس، حسن جانوري ۽ قدير ڪاڪا سان گڏ مون (سارنگ جويي) جديد قومپرستيءَ جي باني، مفڪر اعظم ۽ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد مزار تان رھبر کي قومي تراني سان ڀيٽا ڏيندي آجيان ڪئي، جنھن کان پوءِ منھنجي خوابن جي دنيا، دنيا جي قديم ترين وڏي ۾ وڏي قلعي رني ڪوٽ (نيرون ڪوٽ) ۾ سنگت سان رولاڪيون ڪندي

. 13 جنوري 2019 جي روزاني ھلچل اخبار ۾ رني ڪوٽ قلعي بابت ڇپيل منھنجو مضمون اوھان دوستن سان ھتي ھڪ ڀيرو ٻيھر ونڊ ڪريان ٿو...
02/01/2023

.
13 جنوري 2019 جي روزاني ھلچل اخبار ۾ رني ڪوٽ قلعي بابت ڇپيل منھنجو مضمون اوھان دوستن سان ھتي ھڪ ڀيرو ٻيھر ونڊ ڪريان ٿو، پڙھي پنھنجي قيمتي راءِ کان ضرور آگاھ ڪجو.

رني ڪوٽ (نيرون ڪوٽ) هڪ پُر اسرار ۽ دفاعي قلعو

سارنگ جويو

’رني ڪوٽ‘ هڪ پهاڙي ۽ تاريخي قلعو آهي، جيڪو کير ٿر جي پهاڙي سلسلي جي آخري جابلو قطار لڪيءَ سلسلي ۾ ٺهيل آهي. لڪي جابلو قطار ٽن حصن ۾ ورهائجي رني ڪوٽ تائين پهچي ٿي، رني ڪوٽ انهن ٽنهي قطارن تي ٺهيل آهي، انهن ٽنهي جابلو قطارن يا سلسلن جا نالا هي آهن، ’لُنڊي‘، ’ڏاڦڙو‘ ( پوڙي) ۽ ’ڪارو‘.
رني ڪوٽ جي نالي جي حوالي سان توڙي ان جي بنياد پوڻ يا ٺهڻ جي حوالي سان سنڌ جي مختلف تاريخدانن، محققن جا مختلف رايا آهن. رني ڪوٽ جي نالي جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، اشتياق انصاري ۽ ڪجهه ٻين ليکڪن جو رايو آهي ته، ” رني لفظ ’روڻي‘، ’روڻ‘، يا ’راڻ‘، مان نڪتل آهي، انهن لفظن جي معنيٰ پاڻيءَ جي وهڪري جي ٿئي ٿي، دراصل هن قلعي تي اهو نالو برساتي نئين، جنهن کي مقامي ماڻهو ’نئين رني‘چون ٿا، ان تان پيو آهي.“ اهڙيءَ ريت هند ۽ سنڌ جي وڏي تاريخدان دادا گنگارام سمراٽ ۽ سنڌ جي تاريخدان ۽ ترجمي نگار محترم سائين عطا محمد ڀنڀري جي چوڻ مُطابق ته، ”رني ڪوٽ جو اصل نالو ’راڻي ڪوٽ‘ آهي، جيڪو نالو ’راڻي دهشلا‘ جي نالي سان پيل آهي، ڇو ته، اهو قلعو ’مهاڀارت’ جي دور ۾ سنڌ جي طاقتور بادشاهه ’جئه درٿ ‘جي گهرواري راڻي دهشلا ٺهرايو هو، ان ڪري ان قلعي جو نالو ئي ’راڻي ڪوٽ‘ پيل ٿو ڏسجي، جيڪو بعد ۾ وقت گُذرڻ سان گڏ تبديل ٿي ’رني ڪوٽ‘ ٿيو.“
هي قلعو سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد جي جنم ڀومي سن شهر انڊس هاءِ وي کان اولهه _ ڏکڻ طرف 30 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. هن قلعي جي پکيڙ مُطابق مختلف محققن، تاريخدانن اندازن موجب ڪن 14 ميل، ته ڪن18ميل ته وري ڪن 24 ميل پئي ٻُڌايو آهي، پر سنڌ ايڪسپلوريشن سوسائٽيءَ سان لاڳاپيل سنڌ جي بهترين ليکڪن، محققن، تاريخدانن ۽ انجينيئرن جي ٽيم، جنهن ۾ بدر ابڙو، ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، اشتياق انصاري ۽ ٻيا شامل آهن، انهن هفتو ڏيڍ رني ڪوٽ ۾ رهي ڪري ان جي مڪمل ماپ ورتي آهي، محترم اشتياق انصاري پنهنجي لکيل ڪتاب ’ سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا جُلد 1‘ ۾ ان جا انگ اکر هن ريت ڏنا آهن،” ڪوٽ جي تازي سروي دوران سندس گھيرو 108147 فٽ يعني 20 ميل 25736 فٽ قرار ڏنو ويو آهي“ ان مطابق هن قلعي جو مڪمل گهيرو 32.48ڪلوميٽر آهي. هي قلعو دنيا جي وڏن قلعن ۾ شُمار ٿئي ٿو، هي قلعو فوجي انجينيئرنگ جوهڪ شاهڪار ۽ هڪ دفاعي قلعو آهي، جيڪو سمورو پٿرن جو ٺهيل آهي. هن قلعي کي دشمن جي حملي کان روڪڻ لاءِ ٻن قسمن جي ديوارن سان محفوظ ڪيو ويو آهي، هڪ انساني هٿن جي ٺهيل ديوار ۽ ٻي قُدرتي ديوار، يعني جبلن جي اُوچي چوٽين ۽ کاهين تي مُشتمل آهي.
انساني هٿن سان ٺاهيل ديوار صرف ان جڳهه تي ٺاهيل
آهي، جتان گھوڙي سوار ، پيادو يا جانور قلعي ۾ اندر داخل ٿي پئي سگهيو. انساني هٿن جي هن ديوار جي ڪُل ڊيگهه 8 کان 9 ڪلوميٽر آهي، جيڪاجبل جي مختلف لاهين ۽ چاڙهين تي ٺهيل آهي، هن ديوار جي گھٽ ۾ گھٽ اوچائي 6 فٽ آهي ۽ وڌ ۾ وڌ اوچائي 30 فُٽ آهي. هن ديوار کي وڌيڪ محفوظ ڪرڻ لاءِ ان تي ڪيترائي حفاظتي بُرج ( مورچا) ٺاهيا ويا آهن، جن جو ٽوٽل تعداد 48 آهي. بلڪه سموري ديوار اهڙي طرح جُڙيل آهي، جو ان ۾ تيرن هڻڻ لاءِ مارا ٺاهيا ويا آهن، بعد ۾ ان ۾ اضافو ڪري بندوقن ۽ توپن هلائڻ لاءِ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي.

رني ڪوٽ جي قلعي اندر داخل ٿيڻ جا مُکيه ٻه دروازا آهن، هڪ سن دروازو ۽ ٻيو موهن دروازو، جن ٻنهي دروازن تي اسان کي اوائلي قسم جي پُل جا نشان نظر اچن ٿا، ۽ انهن دروازن جي حفاظت لاءِ ٻنهي پاسي مورچا يعني بُرج ڏنل آهن، پر ڪُجهه محققن رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ جا چار يا پنج رستا به ٻُڌايا آهن، جن ۾ آمري دروازو ، شاهه پير دروازو ۽ ٽوري ڍوري وارو دروازو اچي وڃن ٿا، پر مُنهنجي خيال ۾ سن دروازري، موهن دروازي ۽ ٽوري ڍوري واري دروازي کان علاوه آمري دروازي (جنهن کي مقامي ماڻهو ٻَڌي موري به چون) ۽ شاهه پير دروازي کي ڪنهن به صورت ۾ دروازو نه ٿو چئي سگهجي. آمري دروازو، جنهن کي مقامي ماڻهو ٻَڌي موري پڻ چون ٿا، اُها دراصل پاڻيءَ جي گُذر گاهه آهي، نه ڪي دروازو، اهڙيءَ ريت شاهه پير دروازو به مون کي دروازو نه ٿو لڳي، البت ان جڳهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، اُتي ديوار ڏنل هُئي، پر بعد ۾ جانورن يا ڌنارن پنهنجي سهولت لاءِ اها ديوار ٽوڙي ان کي رستو بڻايو آهي. تازو انڊونمينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران شاهه پير دروازي جي مرمت ڪري ان کي باقاعده دروازو بڻايو ويو آهي.

سنڌ جي بهترين مُحقق ۽ تاريخ جي ڄاڻو بدر ابڙي صاحب جي به اها ساڳي راءِ آهي، جنهن سان آئون مُتفق آهيان، محترم بدر ابڙي رني ڪوٽ متعلق لکيل پنهنجي ڪتاب ’ديوارِ سنڌ رني ڪوٽ‘ ۾ ان شيءِ جو واضح ۽ چِٽو اظهار ڪيو آهي ته، ”اهو شاهه پير دروازو نه آهي، پر بعد ۾ جانورن جي لنگهڻ سان يا مقامي ماڻهن پنهنجي سهولت لاءِ ان کي رستي جي صورت ۾ استعمال ڪيو آهي.“

رني ڪوٽ اندر ٽي ننڍا ڪوٽ يا قلعا پڻ آهن، هڪ ’ميري ڪوٽ‘، ’ٻيو شير ڳڙهه‘ ۽ ٽيون ’موهن ڪوٽ‘ آهي.

رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ کان لڳ ڀڳ 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سمنڊ جي سطح کان 500 فُٽن جي بُلنديءَ تي قائم ٿيل پهريون قلعو ميري ڪوٽ آهي، جيڪو هڪ مڪمل قلعو آهي ، ان قلعي ۾ پنج حفاظتي مورچا آهن، ميري ۽ شير ڳڙهه قلعي ۾ هڪجهڙائي آهي، پر ميري شير ڳڙهه کان ماپَ ۾ ٿورو وڏو آهي.
هن قلعي ۾ ڪُجهه رهائش لاءِ ڪوٺيون به ٺهيل آهن، جن ما ايئن محسوس ٿو ٿئي ته، هي قلعو شاهي گھراڻي يا سپهه سالار جي رهڻ جي جڳهه به ٿي سگھي ٿو. هن قلعي ۾ پاڻيءَ جي بندوبست لاءِ هڪ وڏو اونهو کوهه به پڻ موجود آهي، پر هن وقت ان ۾ پاڻي موجود ناهي. ان کان علاوه هن قلعي جي دروازن ۾ ڪُجهه شاندار قسم جا نقشَ به چِٽيل نظر اچن ٿا، جيڪي پڻ قديم دور جي نشاندهي ڪن ٿا، هن قلعي جي موجوده دور سان گڏوگڏ تاريخ جي مختلف دورن دوران مرمت ٿيل نظر اچي ٿي.
ٻيو قلعو ’شيرڳڙهه‘ آهي، جيڪو اُتر _ اولهه ۾ ڪاري جبل جي چوٽيءَ تي اندازي مُطابق 1750 فُٽن جي بُلنديءَ تي ٺهيل آهي. ان قلعي جو نالو ’شير ڳڙهه‘ شايد ان جي اُوچائي ۽ ان تائين پُهچڻ لاءِ ڏُکيو ۽ خفيا رستو هُئڻ جي ڪري پيل ٿو ڏسجي. پهريون دفعو آيل ماڻهو يا اڻ ڄاڻ جڏهن ’شير ڳڙهه‘ تي وڃڻ چاهيندو ته هو ڀٽڪي ويندو ۽ ’شير ڳڙهه‘ تائين جيڪڏهن ڏُکيو سُکيو پُڄي به ويندو ته گھٽ ۾ گھٽ 3 ڪلاڪ کن لڳي ويندس، جڏهن ته مقامي ماڻهوءَ جي مدد سان يا ڄاڻو ماڻهو سان وڃبو ته 45 منٽن کان ڪلاڪ ۾ شيرڳڙهه جي قلعي تائين پُڄي سگهجي ٿو. هي قلعو ميري قلعي وانگر ئي آهي، پر ان کان ٿورو ننڍو آهي. هن قلعي ۾ پڻ پنج حفاظتي مورچا آهن، جن تان رني ڪوٽ جي سموري ايراضيءَ تي نظر رکڻ سان گڏ رني ڪوٽ قلعي جي ٻاهر ٿيندڙ چُر پُر تي پڻ نظر رکي سگهجي ٿي. هن قلعي تي چڙهڻ جو صرف هڪ ئي رستو آهي، جيڪو صرف ميري ڪوٽ جي پاڙ وٽان برساتي نئين وٽان آباديءَ کان ٿورو پرڀرو آهي، جڏهن ته هن ڪوٽ تي پهچڻ لاءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي.
ٽيون ڪوٽ بلڪل اولهه ۾ قدرتي چشمي ، جنهن کي مقامي ماڻهو ’ پَرين جو تَڙُ ‘ به چون ٿا، ان کان مٿان موهن دروازي کان اندازي مُطابق 1650 فُٽن جي بُلنديءَ تي آهي. هي ڪوٽ هڪ قلعي بجاءِ هڪ وڏو مستطيل بُرج يا مورچو آهي، ڇو ته هن ۾ شيرڳڙهه قلعي يا ميري ڪوٽ وانگيان ديوارن سان لاڳاپيل هڪ به بُرج ناهي، هي رني ڪوٽ اندر وڏي ۾ وڏو مستطيل بُرج يا مورچو آهي.
ان کان علاوه رني ڪوٽ ۾ هڪ قدرتي چشمو پڻ موجود آهي، جنهن جو ٿورڙو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون، (جنهن کي مقامي ماڻهو پَرين جو تڙُ پڻ چون ٿا). هي چشمو موهن دروازي جي ڀرسان زمين جي اندران ڦُٽي نڪري ٿو، جيڪو ٻارنهن ئي مهينا مسلسل وهندو رهي ٿو، ڀلي ڪهڙي به موسم هُجي.
برسات جي موسم ۾ ته هن جو وهڪرو پهاڙن تان وهندڙ برساتي پاڻيءَ جي ملڻ جي ڪري تيز ٿيو وڃي، اهو چشمي جو پاڻي برساتي نئين سان وڃي ٿو مِلي، جنهن نئين کي مقامي ماڻهو موهن گيٽ وٽان وهڻ جي ڪري ’نئين موهن‘ چون ۽ رني ڪوٽ جي اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ پوڙي، ڪاري ۽ لُنڊي جبل جي قطارن يا سلسلن مان وهي ايندڙ پاڻي مختلف ڍورن يعني ٽوري ڍوري، هنج ڍوري ۽ ٻين ڍورن مان گذرندڙ برساتي پاڻي هڪ وڏي نئين يا نديءَ جي صورت اختيار ڪري ٿو، جنهن کي مقامي ماڻهو ’نئين رني‘ چون، ۽ جڏهن اهو برساتي پاڻي رني ڪوٽ جي سموري ايراضيءَ مان گڏيل طور سن گيٽ وٽان هڪ وڏي نئين ۽ نديءَ جي صورت ۾ ٻاهر نڪرندو وڃي سن شهر وٽان سنڌو درياءَ ۾ پوي ٿو ته ان کي وري مقامي ماڻهو ’نئين سن‘چوندا آهن. رني ڪوٽ ۾ رهندڙ گبول قبيلي جي ماڻهن جو گُذر سفر قدرتي چشمي ۽ برساتي نديءَ تي آڌاريل هوندو آهي. قدرتي چشمو سوڪهڙي دوران به وهندو رهندو آهي. سنڌ جي زرعي سائنسدان محقق محترم ايم. ايڇ پنهور جي تحقيق موجب. ” چشمي جو پاڻي هڪ منٽ جي رفتار سان سئو گيلن جي برابر آهي، جيڪو ٻارنهن ئي مهينا وهندو رهندو آهي، پر برساتن دوران ان ۾ اضافو ٿي ويندو آهي.“
رني ڪوٽ ۾ رهندڙ مقامي ماڻهو چشمي جي پاڻيءَ تي لڳ ڀڳ 25 کان 30 ايڪڙن تي بصر پوکيندا آهن، جيڪو ئي واحد ذريعو آهي هتان جي مقامي ماڻهن جي گُذر سفر جو.
برسات جي موسم ۾ جبلن مان وهي ايندڙ پاڻي، ۽ ان کان پوءِ رني ڪوٽ جي پهاڙن تي مختلف خودرو پيدا ٿيندڙ ٻوٽا ۽ گاهه جي نظاري کي ڏسندي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ رني ڪوٽ جي پهاڙن خوبصورت سائي چادر اوڍي هُجي ۽ رني ڪوٽ هڪ خوبصورت واديءَ جو ڏيک ڏيندي نظر ايندو آهي.
رني ڪوٽ کيرٿر جي لڪي جابلو سلسلي جي جن قطارن تي ٺهيل آهي، اهو علائقو تهذيبن کان به آڳاٽي دور سان لاڳاپو رکي ٿو، ڇوجو اتي اسان کي هن قلعي جي وجود کان گهڻو اڳ پٿر جي دور سان واسطو رکندڙ انسانن جي هٿ سان رني ڪوٽ جي پهاڙن ۾ ٺاهيل غارون مِلن ٿيون. جن جو تعداد پنج آهي، جيڪي غارون مون ۽ مُنهنجي دوست امين جويي رني ڪوٽ تي تحقيق ڪرڻ ۽ گھمڻ دوران پنهنجي اکين سان ڏٺيون آهن، جن جون اسان وٽ تصويرون پڻ موجود آهن.
ان کان علاوه انهن غارن جي باري ۾ سنڌ جي ناليواري مُحقق محترم بدر ابڙي پنهنجي لکيل ڪتاب، ’ماڻهو‘ ۾ هن ريت لکيو آهي ته، ”جيتوڻيڪ هن مهل تائين رني ڪوٽ جون غارون ڪنهن محقق جي محنت کان محروم رهيون آهن، پر لڪي سلسلي جون هي غارون گھٽ ۾ گھٽ نيوليٿڪ آباديءَ جي تسلسل کان آجيون ڪونه آهن. مون کي رني ڪوٽ ۾ اهڙيون گھٽ ۾ گھٽ پنج غارون نظر آيون آهن، جيڪي يا ته قدرتي نه آهن، يا وري قدرتي هُئڻ جي صورت ۾ انساني هٿ انهن کي وڏي جفاڪشيءَ سان کوٽي کوٽي ويڪرو ڪيو آهي.“
رني ڪوٽ ڪڏهن ٺهيو، ڪنهن ٺاهيو، ان جو اڃا تائين مُحقق ڪو به پتو لڳائي نه سگھيا آهن، پر اسان جي عالمن ان تي طبع آزمائي ضرور ڪئي آهي، جيڪا اندازن ۽ رِوايتن تي جُڙيل آهي، البته ڪُجهه محققن سنڌ جي تاريخ جي مُطالعي مان ڪُجهه ڪڙيون ملائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي، پر اهي به ڪا حتمي راءِ نه ڏئي سگھيا آهن ته، هي قلعو ڪنهن ٺهرايو يا ڪڏهن ٺهيو. ڪن ليکڪن جو رايو آهي ته، ’هي قلعو سنڌ جي ٽالپر حُڪمرانن ٺهرايو آهي‘، تي ڪي وري ’عربن کي هن قلعي جو ٺاهيندڙ چون ٿا‘، ته ڪي وري ’سٿين ۽ پارٿين‘ ڏانهن منسوب ڪن ٿا، ته ڪي وري ’ايرانين ۽ يونانين‘ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته ’اشوڪ يا راڻي دهشلا ‘ ٺهرايو آهي. پر اڃا تائين ڪا به حتمي ۽ مُدلل ڳالهه تحقيقي طور تي سامهون اچي نه سگهي آهي. مُنهنجي ريسرچ مُطابق هي قلعو قبل مسيح جي دور جو ٺهيل آهي، ان جي طِرزِ تعمير ۽ ڪُجهه تاريخي ڪتابن ۾ ان قلعي جا حوالا ملن ٿا. پر پوءِ به حتمي راءِ فلحال اندازن مطابق يا طرزِ تعمير مُطابق قائم نه ٿي ڪري سگهجي، جيسيتائين رني ڪوٽ جي ديوارن، مورچن، ۾ استعمال ٿيل مٽيريل يعني مواد جي ’ڪاربان ڊيٽنگ‘ نه ٿي ڪرائي وڃي، تيسيتائين رني ڪوٽ جي بُنياد پوڻ جي باري ۾ يا ڪهڙي دور ۾ ٺهيو جي باري ۾ ڪا به حتمي راءِ نه ٿي ڏئي سگهجي، پر ايئن به ناهي تي ڪو رني ڪوٽ جي باري ۾ تاريخ خاموش آهي، يا ان جي باري ۾ تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾ ذڪر نه ٿو مِلي. تاريخ ۾ رني ڪوٽ جو ذڪر تاريخي ڪتابن ۾ بار بار آيل آهي، پر اهو ’نيرون ڪوٽ‘ جي نالي سان آيل آهي. ’نيرون ڪوٽ ‘حيدرآباد جو پُراڻو نالو نه آهي، پر اها غلط فهمي ڪجهه انگريز ليکڪن ۽ مقامي ليکڪن پاران حيدرآباد جي قلعي کي ’نيرون ڪوٽ‘ لکڻ کان پوءِ پيدا ٿي، ۽ ان کان پوءِ جنهن به ليکڪ لکيو پئي انهن انگريز ليکڪن جا حوالا ڏئي حيدرآباد جي قلعي کي ئي ’نيرون ڪوٽ‘ پئي قرار ڏنو، پر حقيقت ۾ نيرون ڪوٽ موجوده رني ڪوٽ ئي آهي.
ان حوالي سان هتي سنڌ جي ٻن اهم محققن جا رايا ڏيندس. هڪ محترم رشيد ڀٽي، جيڪو سنڌ جي هڪ ترقي پسند محقق جي حيثيت سان سُڃاتو وڃي ٿو، ان رني ڪوٽ متعلق هڪ مقالو سنڌي ادبي بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ” مهراڻ رني ڪوٽ نمبر“ ۾ هن ريت لکيو آهي ته، ” رني ڪوٽ جو قلعو دراصل تاريخ جي ڪتابن ۾ ڄاڻايل ’نيرون ڪوٽ‘ وارو قلعو ئي آهي، ڇو ته البلاذري، ابن حوقل ۽ ٻين عرب جاگرافيدانن، جيڪي سنڌ جا نقشا ٺاهيا آهن، جن ۾ نيرون پرڳڻو ۽ نيرون ڪوٽ موجوده سن ۽ سيوهڻ واري پاسي ڏيکاريل آهي.“
اهڙيءَ ريت سنڌ جي هڪ ٻئي اهم محقق ۽ ليکڪ محترم بدر ابڙي رني ڪوٽ متعلق لکيل پنهنجي ڪتاب ’ديوارِ سنڌ‘ ۾ لکيو آهي ته، ” رني ڪوٽ جو ذڪر تاريخ ۾ بار بار آيل آهي، پر اهو ذڪر نيرون ڪوٽ جي نالي سان آيل آهي، رني ڪوٽ دراصل ۾ ’چچ نامي‘ ۾ ڄاڻايل اهو ’نيرون ڪوٽ‘ ئي آهي، جتي محمد بن قاسم ’ديبل بندر‘ فتح ڪرڻ کان پوءِ آيو هو. چچ نامي ۾ محمد بن قاسم عرب گورنر حجاج بن يوسف کي جيڪي خط لکيا آهن، ان ۾ هن قلعي نيرون ڪوٽ جي باري ۾ چوي ٿو ته، ” ديبل فتح ڪرڻ کان پوءِ اسان هڪ اهڙي پٿرن جي ٺهيل مظبوط قلعي وٽ آيا آهيون، جيڪو ’سد ياجوج ماجوج‘ جي ديوار جي ياد تازي ٿو ڪري، هن قلعي جون ديوارن جون ٻانهون جبل جي مٿان سوار آهن، قلعي جي اندر هڪ قدرتي پاڻيءَ جو چشمو آهي، جنهن جو پاڻي محبوب جي اڱين وانگيان اُجرو ۽ صاف آهي، ۽ اندر چراگاهه پڻ آهي“، محمد بن قاسم جي مٿئين بيان ۾ ’نيرون ڪوٽ‘ جون جيڪي به نشانيون ٻڌايون ويون آهن، اُهي سموريون نشانيون ٿوري گھڻي فرق سان اڄ به ’رني ڪوٽ‘ ۾ موجود آهن. جڏهن ته حيدرآباد وارو قلعو هڪ گنجي ٽڪر تي ٺهيل آهي، جتي چراگاهه کان ويندي، پاڻي جو چشمو ۽ ٻيون نشانيون اڻلڀ آهي، ان ڪري منهنجي خيال ۾ ته ’نيرون ڪوٽ‘ جو قلعو’ رني ڪوٽ‘ ئي آهي نه ڪي حيدرآباد وارو قلعو.“
مٿي ڏنل سنڌ جي ٻن اهم محققن جي راين کان پوءِ ’چچ نامي‘، ’تحفته الڪرام‘، ’تاريخ معصومي‘، ’تاريخ طاهري‘، ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘، ‘ديوار سنڌ رني ڪوٽ‘، ’ڪوٽ ۽ قلعا ڀاڱو پهريون‘ ۽ ’مهراڻ رسالو رني ڪوٽ نمبر‘ پڙهڻ کانپوءِ ۽ لڳ ڀڳ 20 دفعا رني ڪوٽ مڪمل گھُمي ڏسڻ کان پوءِ مان محترم رشيد ڀٽي ۽ محترم بدر ابڙي جي انهيءَ راءِ سان مُتفق آهيان ته ’رني ڪوٽ’ ئي ’نيرون ڪوٽ‘ آهي، نه ڪي حيدرآباد وارو قلعو.
هن قلعي جي اندر ايندڙ سياحن لاءِ هڪ ڪمري تي مشتمل رهائشي ڪوارٽر ۽ واشروم وغيره پڻ ٺاهيا ويا آهن، اسان سمجهون ٿا ته، هي اسان سنڌين جو قومي ۽ اهم ثقافتي ورثو آهي، ان ڪري ’ميري ڪوٽ‘ قلعي جي اندر رهائش يا واشروم ٺاهڻ بجاءِ قلعي جي ٻاهر ميداني علائقي ۾ ايندڙ سياحن ۽ ٻاهران ايندڙ مهمانن لاءِ 10 کان 15 ڪمرن تي مشتمل ڪوارٽر ۽ هن قلعي مان ملندڙ شين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ۽ ايندڙ سياحن کي گائيڊ جي سهولت ڏيڻ لاءِ هڪ ميوزيم پڻ جوڙايو وڃي، ته جيئن سنڌ جي ۽ دنيا جي اسڪالرن، محققن، تاريخدانن ۽ آرڪيالاجسٽن سان گڏ سَياح پڻ هن قلعي ۾ اچي تحقيق سان گڏ هن قلعي جي خوبصورتي کي دل سان هنڊائي سگهن. ان کان علاوه هن قلعي ۾ پيئڻ ۽ استعمال لاءِ پاڻيءَ جو پڻ جوڳو بندوبست ڪيو وڃي ته، جيئن ايندڙ سياحن ۽ محققن کي ڪا تڪليف نه اچي.
مددي ڪتاب

1. مهراڻ رسالو رني ڪوٽ نمبر

2. ديوارِ سنڌ رني ڪوٽ، بدر ابڙو

3. ڪوٽ ۽ قلعا ڀاڱو پهريون، اشتياق انصاري

4. چچ نامو، ڊاڪٽر بلوچ

5. چچ نامو هڪ ڀينڪر دوکو، گنگارام سمراٽ

6. سنڌو سئووير، گنگارام سمراٽ

7. تاريخ مظهر شاهجهاني، ترجمو؛ نياز همايوني

8. تاريخ معصومي، معصوم بکري

9. سائين عطا محمد ڀنڀري جو انٽرويو

10.تاريخ طاهري

11.تحفته الڪرام

12/01/2022

New year celebration at rani kot

Let's Explore The Beauty of Sindh "Rani Kot Fort " with Sindh Yatra Toursim - SYT Ittehad Band  Will Perform @ Rani Kot ...
28/12/2021

Let's Explore The Beauty of Sindh "Rani Kot Fort " with Sindh Yatra Toursim - SYT
Ittehad Band Will Perform @ Rani Kot Fort
31 Dec 2021 - 01 Jan 2022

Get Registered yourself
Contact With Us
0347-3970058
0336-6544420

Do you want to explore the Beauty of Sindh?𝗙𝗼𝗿 𝗕𝗼𝗼𝗸𝗶𝗻𝗴 𝗮𝗻𝗱 𝗱𝗲𝘁𝗮𝗶𝗹𝘀 𝗰𝗼𝗻𝘁𝗮𝗰𝘁 𝘂𝘀:+92 347 3970058, +92 336 6544420𝐓𝐑𝐈𝐏 𝐓𝐎 𝐑𝐀...
28/12/2021

Do you want to explore the Beauty of Sindh?
𝗙𝗼𝗿 𝗕𝗼𝗼𝗸𝗶𝗻𝗴 𝗮𝗻𝗱 𝗱𝗲𝘁𝗮𝗶𝗹𝘀 𝗰𝗼𝗻𝘁𝗮𝗰𝘁 𝘂𝘀:
+92 347 3970058, +92 336 6544420
𝐓𝐑𝐈𝐏 𝐓𝐎 𝐑𝐀𝐍𝐈 𝐊𝐎𝐓 :
Sindh Yatra Toursim - SYT presents NEW YEAR Night celebrations in Rani Kot at 31 Dec 2021 to 1 Jan 2022.
1 days and night trips to Rani Kot Fort
Tour Details: 31 Dec 2021 to 1 Jan 2022

Package:
PER HEAD (3-4 PERSONS SHARING BASIS) 4000 PKR
PER HEAD (2 PERSONS SHARING BASIS) 5000 PKR
PER HEAD (SEPARATE CAMP/ROOM) 6500 PKR

HYDERABAD & Other Cities Participants can also Join us above mentioned packages
We Provide Family Like Environment with Best Traveling Experience. Book your seats with your Friends & Families.

𝗦𝗲𝗿𝘃𝗶𝗰𝗲𝘀 𝗜𝗻𝗰𝗹𝘂𝗱𝗲𝗱:
Pvt Booked Transport
Camping
Quality Meals(Breakfast + Dinner + Tea)
Musical Night
Trekking
Fireworks
Stargazing
A Surprise Activity

𝗥𝗲𝗴𝗶𝘀𝘁𝗿𝗮𝘁𝗶𝗼𝗻 𝗣𝗿𝗼𝗰𝗲𝗱𝘂𝗿𝗲:
50% amount to confirm your seat remaining payment at the time of departure.
You can pay via
𝟭) 𝗘𝗮𝘀𝘆𝗣𝗮𝗶𝘀𝗮 Account
Mobile No:
03473970058
Saeed Zaman

نئون سال جو استقبال رني ڪوٽ کان
26/12/2021

نئي سال جي رات رني ڪوٽ ۾..😍
24/12/2021

13 جنوري 2019 جي روزاني ھلچل اخبار ۾ رني ڪوٽ قلعي بابت ڇپيل منھنجو مضمون اوھان دوستن سان ھتي ٻيھر ونڊ ڪريان ٿو، پڙھي پنھ...
14/01/2021

13 جنوري 2019 جي روزاني ھلچل اخبار ۾ رني ڪوٽ قلعي بابت ڇپيل منھنجو مضمون اوھان دوستن سان ھتي ٻيھر ونڊ ڪريان ٿو، پڙھي پنھنجي قيمتي راءِ کان ضرور آگاھ ڪجو.

رني ڪوٽ (نيرون ڪوٽ) هڪ پُر اسرار ۽ دفاعي قلعو

سارنگ جويو

’رني ڪوٽ‘ هڪ پهاڙي ۽ تاريخي قلعو آهي، جيڪو کير ٿر جي پهاڙي سلسلي جي آخري جابلو قطار لڪيءَ سلسلي ۾ ٺهيل آهي. لڪي جابلو قطار ٽن حصن ۾ ورهائجي رني ڪوٽ تائين پهچي ٿي، رني ڪوٽ انهن ٽنهي قطارن تي ٺهيل آهي، انهن ٽنهي جابلو قطارن يا سلسلن جا نالا هي آهن، ’لُنڊي‘، ’ڏاڦڙو‘ ( پوڙي) ۽ ’ڪارو‘.
رني ڪوٽ جي نالي جي حوالي سان توڙي ان جي بنياد پوڻ يا ٺهڻ جي حوالي سان سنڌ جي مختلف تاريخدانن، محققن جا مختلف رايا آهن. رني ڪوٽ جي نالي جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، اشتياق انصاري ۽ ڪجهه ٻين ليکڪن جو رايو آهي ته، ” رني لفظ ’روڻي‘، ’روڻ‘، يا ’راڻ‘، مان نڪتل آهي، انهن لفظن جي معنيٰ پاڻيءَ جي وهڪري جي ٿئي ٿي، دراصل هن قلعي تي اهو نالو برساتي نئين، جنهن کي مقامي ماڻهو ’نئين رني‘چون ٿا، ان تان پيو آهي.“ اهڙيءَ ريت هند ۽ سنڌ جي وڏي تاريخدان دادا گنگارام سمراٽ ۽ سنڌ جي تاريخدان ۽ ترجمي نگار محترم سائين عطا محمد ڀنڀري جي چوڻ مُطابق ته، ”رني ڪوٽ جو اصل نالو ’راڻي ڪوٽ‘ آهي، جيڪو نالو ’راڻي دهشلا‘ جي نالي سان پيل آهي، ڇو ته، اهو قلعو ’مهاڀارت’ جي دور ۾ سنڌ جي طاقتور بادشاهه ’جئه درٿ ‘جي گهرواري راڻي دهشلا ٺهرايو هو، ان ڪري ان قلعي جو نالو ئي ’راڻي ڪوٽ‘ پيل ٿو ڏسجي، جيڪو بعد ۾ وقت گُذرڻ سان گڏ تبديل ٿي ’رني ڪوٽ‘ ٿيو.“
هي قلعو سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد جي جنم ڀومي سن شهر انڊس هاءِ وي کان اولهه _ ڏکڻ طرف 30 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. هن قلعي جي پکيڙ مُطابق مختلف محققن، تاريخدانن اندازن موجب ڪن 14 ميل، ته ڪن18ميل ته وري ڪن 24 ميل پئي ٻُڌايو آهي، پر سنڌ ايڪسپلوريشن سوسائٽيءَ سان لاڳاپيل سنڌ جي بهترين ليکڪن، محققن، تاريخدانن ۽ انجينيئرن جي ٽيم، جنهن ۾ بدر ابڙو، ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، اشتياق انصاري ۽ ٻيا شامل آهن، انهن هفتو ڏيڍ رني ڪوٽ ۾ رهي ڪري ان جي مڪمل ماپ ورتي آهي، محترم اشتياق انصاري پنهنجي لکيل ڪتاب ’ سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا جُلد 1‘ ۾ ان جا انگ اکر هن ريت ڏنا آهن،” ڪوٽ جي تازي سروي دوران سندس گھيرو 108147 فٽ يعني 20 ميل 25736 فٽ قرار ڏنو ويو آهي“ ان مطابق هن قلعي جو مڪمل گهيرو 32.48ڪلوميٽر آهي. هي قلعو دنيا جي وڏن قلعن ۾ شُمار ٿئي ٿو، هي قلعو فوجي انجينيئرنگ جوهڪ شاهڪار ۽ هڪ دفاعي قلعو آهي، جيڪو سمورو پٿرن جو ٺهيل آهي. هن قلعي کي دشمن جي حملي کان روڪڻ لاءِ ٻن قسمن جي ديوارن سان محفوظ ڪيو ويو آهي، هڪ انساني هٿن جي ٺهيل ديوار ۽ ٻي قُدرتي ديوار، يعني جبلن جي اُوچي چوٽين ۽ کاهين تي مُشتمل آهي.
انساني هٿن سان ٺاهيل ديوار صرف ان جڳهه تي ٺاهيل
آهي، جتان گھوڙي سوار ، پيادو يا جانور قلعي ۾ اندر داخل ٿي پئي سگهيو. انساني هٿن جي هن ديوار جي ڪُل ڊيگهه 8 کان 9 ڪلوميٽر آهي، جيڪاجبل جي مختلف لاهين ۽ چاڙهين تي ٺهيل آهي، هن ديوار جي گھٽ ۾ گھٽ اوچائي 6 فٽ آهي ۽ وڌ ۾ وڌ اوچائي 30 فُٽ آهي. هن ديوار کي وڌيڪ محفوظ ڪرڻ لاءِ ان تي ڪيترائي حفاظتي بُرج ( مورچا) ٺاهيا ويا آهن، جن جو ٽوٽل تعداد 48 آهي. بلڪه سموري ديوار اهڙي طرح جُڙيل آهي، جو ان ۾ تيرن هڻڻ لاءِ مارا ٺاهيا ويا آهن، بعد ۾ ان ۾ اضافو ڪري بندوقن ۽ توپن هلائڻ لاءِ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي.

رني ڪوٽ جي قلعي اندر داخل ٿيڻ جا مُکيه ٻه دروازا آهن، هڪ سن دروازو ۽ ٻيو موهن دروازو، جن ٻنهي دروازن تي اسان کي اوائلي قسم جي پُل جا نشان نظر اچن ٿا، ۽ انهن دروازن جي حفاظت لاءِ ٻنهي پاسي مورچا يعني بُرج ڏنل آهن، پر ڪُجهه محققن رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ جا چار يا پنج رستا به ٻُڌايا آهن، جن ۾ آمري دروازو ، شاهه پير دروازو ۽ ٽوري ڍوري وارو دروازو اچي وڃن ٿا، پر مُنهنجي خيال ۾ سن دروازري، موهن دروازي ۽ ٽوري ڍوري واري دروازي کان علاوه آمري دروازي (جنهن کي مقامي ماڻهو ٻَڌي موري به چون) ۽ شاهه پير دروازي کي ڪنهن به صورت ۾ دروازو نه ٿو چئي سگهجي. آمري دروازو، جنهن کي مقامي ماڻهو ٻَڌي موري پڻ چون ٿا، اُها دراصل پاڻيءَ جي گُذر گاهه آهي، نه ڪي دروازو، اهڙيءَ ريت شاهه پير دروازو به مون کي دروازو نه ٿو لڳي، البت ان جڳهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، اُتي ديوار ڏنل هُئي، پر بعد ۾ جانورن يا ڌنارن پنهنجي سهولت لاءِ اها ديوار ٽوڙي ان کي رستو بڻايو آهي. تازو انڊونمينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران شاهه پير دروازي جي مرمت ڪري ان کي باقاعده دروازو بڻايو ويو آهي.

سنڌ جي بهترين مُحقق ۽ تاريخ جي ڄاڻو بدر ابڙي صاحب جي به اها ساڳي راءِ آهي، جنهن سان آئون مُتفق آهيان، محترم بدر ابڙي رني ڪوٽ متعلق لکيل پنهنجي ڪتاب ’ديوارِ سنڌ رني ڪوٽ‘ ۾ ان شيءِ جو واضح ۽ چِٽو اظهار ڪيو آهي ته، ”اهو شاهه پير دروازو نه آهي، پر بعد ۾ جانورن جي لنگهڻ سان يا مقامي ماڻهن پنهنجي سهولت لاءِ ان کي رستي جي صورت ۾ استعمال ڪيو آهي.“

رني ڪوٽ اندر ٽي ننڍا ڪوٽ يا قلعا پڻ آهن، هڪ ’ميري ڪوٽ‘، ’ٻيو شير ڳڙهه‘ ۽ ٽيون ’موهن ڪوٽ‘ آهي.

رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ کان لڳ ڀڳ 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سمنڊ جي سطح کان 500 فُٽن جي بُلنديءَ تي قائم ٿيل پهريون قلعو ميري ڪوٽ آهي، جيڪو هڪ مڪمل قلعو آهي ، ان قلعي ۾ پنج حفاظتي مورچا آهن، ميري ۽ شير ڳڙهه قلعي ۾ هڪجهڙائي آهي، پر ميري شير ڳڙهه کان ماپَ ۾ ٿورو وڏو آهي.
هن قلعي ۾ ڪُجهه رهائش لاءِ ڪوٺيون به ٺهيل آهن، جن ما ايئن محسوس ٿو ٿئي ته، هي قلعو شاهي گھراڻي يا سپهه سالار جي رهڻ جي جڳهه به ٿي سگھي ٿو. هن قلعي ۾ پاڻيءَ جي بندوبست لاءِ هڪ وڏو اونهو کوهه به پڻ موجود آهي، پر هن وقت ان ۾ پاڻي موجود ناهي. ان کان علاوه هن قلعي جي دروازن ۾ ڪُجهه شاندار قسم جا نقشَ به چِٽيل نظر اچن ٿا، جيڪي پڻ قديم دور جي نشاندهي ڪن ٿا، هن قلعي جي موجوده دور سان گڏوگڏ تاريخ جي مختلف دورن دوران مرمت ٿيل نظر اچي ٿي.
ٻيو قلعو ’شيرڳڙهه‘ آهي، جيڪو اُتر _ اولهه ۾ ڪاري جبل جي چوٽيءَ تي اندازي مُطابق 1750 فُٽن جي بُلنديءَ تي ٺهيل آهي. ان قلعي جو نالو ’شير ڳڙهه‘ شايد ان جي اُوچائي ۽ ان تائين پُهچڻ لاءِ ڏُکيو ۽ خفيا رستو هُئڻ جي ڪري پيل ٿو ڏسجي. پهريون دفعو آيل ماڻهو يا اڻ ڄاڻ جڏهن ’شير ڳڙهه‘ تي وڃڻ چاهيندو ته هو ڀٽڪي ويندو ۽ ’شير ڳڙهه‘ تائين جيڪڏهن ڏُکيو سُکيو پُڄي به ويندو ته گھٽ ۾ گھٽ 3 ڪلاڪ کن لڳي ويندس، جڏهن ته مقامي ماڻهوءَ جي مدد سان يا ڄاڻو ماڻهو سان وڃبو ته 45 منٽن کان ڪلاڪ ۾ شيرڳڙهه جي قلعي تائين پُڄي سگهجي ٿو. هي قلعو ميري قلعي وانگر ئي آهي، پر ان کان ٿورو ننڍو آهي. هن قلعي ۾ پڻ پنج حفاظتي مورچا آهن، جن تان رني ڪوٽ جي سموري ايراضيءَ تي نظر رکڻ سان گڏ رني ڪوٽ قلعي جي ٻاهر ٿيندڙ چُر پُر تي پڻ نظر رکي سگهجي ٿي. هن قلعي تي چڙهڻ جو صرف هڪ ئي رستو آهي، جيڪو صرف ميري ڪوٽ جي پاڙ وٽان برساتي نئين وٽان آباديءَ کان ٿورو پرڀرو آهي، جڏهن ته هن ڪوٽ تي پهچڻ لاءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي.
ٽيون ڪوٽ بلڪل اولهه ۾ قدرتي چشمي ، جنهن کي مقامي ماڻهو ’ پَرين جو تَڙُ ‘ به چون ٿا، ان کان مٿان موهن دروازي کان اندازي مُطابق 1650 فُٽن جي بُلنديءَ تي آهي. هي ڪوٽ هڪ قلعي بجاءِ هڪ وڏو مستطيل بُرج يا مورچو آهي، ڇو ته هن ۾ شيرڳڙهه قلعي يا ميري ڪوٽ وانگيان ديوارن سان لاڳاپيل هڪ به بُرج ناهي، هي رني ڪوٽ اندر وڏي ۾ وڏو مستطيل بُرج يا مورچو آهي.
ان کان علاوه رني ڪوٽ ۾ هڪ قدرتي چشمو پڻ موجود آهي، جنهن جو ٿورڙو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون، (جنهن کي مقامي ماڻهو پَرين جو تڙُ پڻ چون ٿا). هي چشمو موهن دروازي جي ڀرسان زمين جي اندران ڦُٽي نڪري ٿو، جيڪو ٻارنهن ئي مهينا مسلسل وهندو رهي ٿو، ڀلي ڪهڙي به موسم هُجي.
برسات جي موسم ۾ ته هن جو وهڪرو پهاڙن تان وهندڙ برساتي پاڻيءَ جي ملڻ جي ڪري تيز ٿيو وڃي، اهو چشمي جو پاڻي برساتي نئين سان وڃي ٿو مِلي، جنهن نئين کي مقامي ماڻهو موهن گيٽ وٽان وهڻ جي ڪري ’نئين موهن‘ چون ۽ رني ڪوٽ جي اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ پوڙي، ڪاري ۽ لُنڊي جبل جي قطارن يا سلسلن مان وهي ايندڙ پاڻي مختلف ڍورن يعني ٽوري ڍوري، هنج ڍوري ۽ ٻين ڍورن مان گذرندڙ برساتي پاڻي هڪ وڏي نئين يا نديءَ جي صورت اختيار ڪري ٿو، جنهن کي مقامي ماڻهو ’نئين رني‘ چون، ۽ جڏهن اهو برساتي پاڻي رني ڪوٽ جي سموري ايراضيءَ مان گڏيل طور سن گيٽ وٽان هڪ وڏي نئين ۽ نديءَ جي صورت ۾ ٻاهر نڪرندو وڃي سن شهر وٽان سنڌو درياءَ ۾ پوي ٿو ته ان کي وري مقامي ماڻهو ’نئين سن‘چوندا آهن. رني ڪوٽ ۾ رهندڙ گبول قبيلي جي ماڻهن جو گُذر سفر قدرتي چشمي ۽ برساتي نديءَ تي آڌاريل هوندو آهي. قدرتي چشمو سوڪهڙي دوران به وهندو رهندو آهي. سنڌ جي زرعي سائنسدان محقق محترم ايم. ايڇ پنهور جي تحقيق موجب. ” چشمي جو پاڻي هڪ منٽ جي رفتار سان سئو گيلن جي برابر آهي، جيڪو ٻارنهن ئي مهينا وهندو رهندو آهي، پر برساتن دوران ان ۾ اضافو ٿي ويندو آهي.“
رني ڪوٽ ۾ رهندڙ مقامي ماڻهو چشمي جي پاڻيءَ تي لڳ ڀڳ 25 کان 30 ايڪڙن تي بصر پوکيندا آهن، جيڪو ئي واحد ذريعو آهي هتان جي مقامي ماڻهن جي گُذر سفر جو.
برسات جي موسم ۾ جبلن مان وهي ايندڙ پاڻي، ۽ ان کان پوءِ رني ڪوٽ جي پهاڙن تي مختلف خودرو پيدا ٿيندڙ ٻوٽا ۽ گاهه جي نظاري کي ڏسندي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ رني ڪوٽ جي پهاڙن خوبصورت سائي چادر اوڍي هُجي ۽ رني ڪوٽ هڪ خوبصورت واديءَ جو ڏيک ڏيندي نظر ايندو آهي.
رني ڪوٽ کيرٿر جي لڪي جابلو سلسلي جي جن قطارن تي ٺهيل آهي، اهو علائقو تهذيبن کان به آڳاٽي دور سان لاڳاپو رکي ٿو، ڇوجو اتي اسان کي هن قلعي جي وجود کان گهڻو اڳ پٿر جي دور سان واسطو رکندڙ انسانن جي هٿ سان رني ڪوٽ جي پهاڙن ۾ ٺاهيل غارون مِلن ٿيون. جن جو تعداد پنج آهي، جيڪي غارون مون ۽ مُنهنجي دوست امين جويي رني ڪوٽ تي تحقيق ڪرڻ ۽ گھمڻ دوران پنهنجي اکين سان ڏٺيون آهن، جن جون اسان وٽ تصويرون پڻ موجود آهن.
ان کان علاوه انهن غارن جي باري ۾ سنڌ جي ناليواري مُحقق محترم بدر ابڙي پنهنجي لکيل ڪتاب، ’ماڻهو‘ ۾ هن ريت لکيو آهي ته، ”جيتوڻيڪ هن مهل تائين رني ڪوٽ جون غارون ڪنهن محقق جي محنت کان محروم رهيون آهن، پر لڪي سلسلي جون هي غارون گھٽ ۾ گھٽ نيوليٿڪ آباديءَ جي تسلسل کان آجيون ڪونه آهن. مون کي رني ڪوٽ ۾ اهڙيون گھٽ ۾ گھٽ پنج غارون نظر آيون آهن، جيڪي يا ته قدرتي نه آهن، يا وري قدرتي هُئڻ جي صورت ۾ انساني هٿ انهن کي وڏي جفاڪشيءَ سان کوٽي کوٽي ويڪرو ڪيو آهي.“
رني ڪوٽ ڪڏهن ٺهيو، ڪنهن ٺاهيو، ان جو اڃا تائين مُحقق ڪو به پتو لڳائي نه سگھيا آهن، پر اسان جي عالمن ان تي طبع آزمائي ضرور ڪئي آهي، جيڪا اندازن ۽ رِوايتن تي جُڙيل آهي، البته ڪُجهه محققن سنڌ جي تاريخ جي مُطالعي مان ڪُجهه ڪڙيون ملائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي، پر اهي به ڪا حتمي راءِ نه ڏئي سگھيا آهن ته، هي قلعو ڪنهن ٺهرايو يا ڪڏهن ٺهيو. ڪن ليکڪن جو رايو آهي ته، ’هي قلعو سنڌ جي ٽالپر حُڪمرانن ٺهرايو آهي‘، تي ڪي وري ’عربن کي هن قلعي جو ٺاهيندڙ چون ٿا‘، ته ڪي وري ’سٿين ۽ پارٿين‘ ڏانهن منسوب ڪن ٿا، ته ڪي وري ’ايرانين ۽ يونانين‘ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته ’اشوڪ يا راڻي دهشلا ‘ ٺهرايو آهي. پر اڃا تائين ڪا به حتمي ۽ مُدلل ڳالهه تحقيقي طور تي سامهون اچي نه سگهي آهي. مُنهنجي ريسرچ مُطابق هي قلعو قبل مسيح جي دور جو ٺهيل آهي، ان جي طِرزِ تعمير ۽ ڪُجهه تاريخي ڪتابن ۾ ان قلعي جا حوالا ملن ٿا. پر پوءِ به حتمي راءِ فلحال اندازن مطابق يا طرزِ تعمير مُطابق قائم نه ٿي ڪري سگهجي، جيسيتائين رني ڪوٽ جي ديوارن، مورچن، ۾ استعمال ٿيل مٽيريل يعني مواد جي ’ڪاربان ڊيٽنگ‘ نه ٿي ڪرائي وڃي، تيسيتائين رني ڪوٽ جي بُنياد پوڻ جي باري ۾ يا ڪهڙي دور ۾ ٺهيو جي باري ۾ ڪا به حتمي راءِ نه ٿي ڏئي سگهجي، پر ايئن به ناهي تي ڪو رني ڪوٽ جي باري ۾ تاريخ خاموش آهي، يا ان جي باري ۾ تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾ ذڪر نه ٿو مِلي. تاريخ ۾ رني ڪوٽ جو ذڪر تاريخي ڪتابن ۾ بار بار آيل آهي، پر اهو ’نيرون ڪوٽ‘ جي نالي سان آيل آهي. ’نيرون ڪوٽ ‘حيدرآباد جو پُراڻو نالو نه آهي، پر اها غلط فهمي ڪجهه انگريز ليکڪن ۽ مقامي ليکڪن پاران حيدرآباد جي قلعي کي ’نيرون ڪوٽ‘ لکڻ کان پوءِ پيدا ٿي، ۽ ان کان پوءِ جنهن به ليکڪ لکيو پئي انهن انگريز ليکڪن جا حوالا ڏئي حيدرآباد جي قلعي کي ئي ’نيرون ڪوٽ‘ پئي قرار ڏنو، پر حقيقت ۾ نيرون ڪوٽ موجوده رني ڪوٽ ئي آهي.
ان حوالي سان هتي سنڌ جي ٻن اهم محققن جا رايا ڏيندس. هڪ محترم رشيد ڀٽي، جيڪو سنڌ جي هڪ ترقي پسند محقق جي حيثيت سان سُڃاتو وڃي ٿو، ان رني ڪوٽ متعلق هڪ مقالو سنڌي ادبي بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ” مهراڻ رني ڪوٽ نمبر“ ۾ هن ريت لکيو آهي ته، ” رني ڪوٽ جو قلعو دراصل تاريخ جي ڪتابن ۾ ڄاڻايل ’نيرون ڪوٽ‘ وارو قلعو ئي آهي، ڇو ته البلاذري، ابن حوقل ۽ ٻين عرب جاگرافيدانن، جيڪي سنڌ جا نقشا ٺاهيا آهن، جن ۾ نيرون پرڳڻو ۽ نيرون ڪوٽ موجوده سن ۽ سيوهڻ واري پاسي ڏيکاريل آهي.“
اهڙيءَ ريت سنڌ جي هڪ ٻئي اهم محقق ۽ ليکڪ محترم بدر ابڙي رني ڪوٽ متعلق لکيل پنهنجي ڪتاب ’ديوارِ سنڌ‘ ۾ لکيو آهي ته، ” رني ڪوٽ جو ذڪر تاريخ ۾ بار بار آيل آهي، پر اهو ذڪر نيرون ڪوٽ جي نالي سان آيل آهي، رني ڪوٽ دراصل ۾ ’چچ نامي‘ ۾ ڄاڻايل اهو ’نيرون ڪوٽ‘ ئي آهي، جتي محمد بن قاسم ’ديبل بندر‘ فتح ڪرڻ کان پوءِ آيو هو. چچ نامي ۾ محمد بن قاسم عرب گورنر حجاج بن يوسف کي جيڪي خط لکيا آهن، ان ۾ هن قلعي نيرون ڪوٽ جي باري ۾ چوي ٿو ته، ” ديبل فتح ڪرڻ کان پوءِ اسان هڪ اهڙي پٿرن جي ٺهيل مظبوط قلعي وٽ آيا آهيون، جيڪو ’سد ياجوج ماجوج‘ جي ديوار جي ياد تازي ٿو ڪري، هن قلعي جون ديوارن جون ٻانهون جبل جي مٿان سوار آهن، قلعي جي اندر هڪ قدرتي پاڻيءَ جو چشمو آهي، جنهن جو پاڻي محبوب جي اڱين وانگيان اُجرو ۽ صاف آهي، ۽ اندر چراگاهه پڻ آهي“، محمد بن قاسم جي مٿئين بيان ۾ ’نيرون ڪوٽ‘ جون جيڪي به نشانيون ٻڌايون ويون آهن، اُهي سموريون نشانيون ٿوري گھڻي فرق سان اڄ به ’رني ڪوٽ‘ ۾ موجود آهن. جڏهن ته حيدرآباد وارو قلعو هڪ گنجي ٽڪر تي ٺهيل آهي، جتي چراگاهه کان ويندي، پاڻي جو چشمو ۽ ٻيون نشانيون اڻلڀ آهي، ان ڪري منهنجي خيال ۾ ته ’نيرون ڪوٽ‘ جو قلعو’ رني ڪوٽ‘ ئي آهي نه ڪي حيدرآباد وارو قلعو.“
مٿي ڏنل سنڌ جي ٻن اهم محققن جي راين کان پوءِ ’چچ نامي‘، ’تحفته الڪرام‘، ’تاريخ معصومي‘، ’تاريخ طاهري‘، ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘، ‘ديوار سنڌ رني ڪوٽ‘، ’ڪوٽ ۽ قلعا ڀاڱو پهريون‘ ۽ ’مهراڻ رسالو رني ڪوٽ نمبر‘ پڙهڻ کانپوءِ ۽ لڳ ڀڳ 20 دفعا رني ڪوٽ مڪمل گھُمي ڏسڻ کان پوءِ مان محترم رشيد ڀٽي ۽ محترم بدر ابڙي جي انهيءَ راءِ سان مُتفق آهيان ته ’رني ڪوٽ’ ئي ’نيرون ڪوٽ‘ آهي، نه ڪي حيدرآباد وارو قلعو.
هن قلعي جي اندر ايندڙ سياحن لاءِ هڪ ڪمري تي مشتمل رهائشي ڪوارٽر ۽ واشروم وغيره پڻ ٺاهيا ويا آهن، اسان سمجهون ٿا ته، هي اسان سنڌين جو قومي ۽ اهم ثقافتي ورثو آهي، ان ڪري ’ميري ڪوٽ‘ قلعي جي اندر رهائش يا واشروم ٺاهڻ بجاءِ قلعي جي ٻاهر ميداني علائقي ۾ ايندڙ سياحن ۽ ٻاهران ايندڙ مهمانن لاءِ 10 کان 15 ڪمرن تي مشتمل ڪوارٽر ۽ هن قلعي مان ملندڙ شين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ۽ ايندڙ سياحن کي گائيڊ جي سهولت ڏيڻ لاءِ هڪ ميوزيم پڻ جوڙايو وڃي، ته جيئن سنڌ جي ۽ دنيا جي اسڪالرن، محققن، تاريخدانن ۽ آرڪيالاجسٽن سان گڏ سَياح پڻ هن قلعي ۾ اچي تحقيق سان گڏ هن قلعي جي خوبصورتي کي دل سان هنڊائي سگهن. ان کان علاوه هن قلعي ۾ پيئڻ ۽ استعمال لاءِ پاڻيءَ جو پڻ جوڳو بندوبست ڪيو وڃي ته، جيئن ايندڙ سياحن ۽ محققن کي ڪا تڪليف نه اچي.
مددي ڪتاب

1. مهراڻ رسالو رني ڪوٽ نمبر

2. ديوارِ سنڌ رني ڪوٽ، بدر ابڙو

3. ڪوٽ ۽ قلعا ڀاڱو پهريون، اشتياق انصاري

4. چچ نامو، ڊاڪٽر بلوچ

5. چچ نامو هڪ ڀينڪر دوکو، گنگارام سمراٽ

6. سنڌو سئووير، گنگارام سمراٽ

7. تاريخ مظهر شاهجهاني، ترجمو؛ نياز همايوني

8. تاريخ معصومي، معصوم بکري

9. سائين عطا محمد ڀنڀري جو انٽرويو

10.تاريخ طاهري

11.تحفته الڪرام

Address

Sann Sindh
Sann
76130

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Rani Kot - رني ڪوٽ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share