21/10/2022
ملنے کے نہیں نایاب ہیں ہم
مرحوم رئيس قيصر خان چانڊيو جي ورسي جي موقعي سندس ڪيل سياسي ۽ سماجي خدمتن تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا
سندس زندگي جو مختصر حوالو
سندس ولادت اٽڪل 1933ع ڌاري ڳوٺ شادي خان چانڊيو (هاڻوڪو ڳوٺ قيصر خان چانڊيو ) تعلقه سڪرنڊ ضلعو نوابشاهه ۾ ٿي
سندس پيء جو نالو جان محمد هو
رئيس قيصر خان پنهنجي پيء جو پڳدار پٽ هيو
رئيس قيصر خان ابتدائي تعليم مس حاصل ڪئي ته سندس پيء جي چوڻ تي تعليم ڇڏي زمينداري پيشي ۾ پيء جو مددگار بڻيو
هن ڪڏهن به پارلياماني سياست ته نه ڪئي پر پاڻ حقيقت شناس چٽو سياسي شعور رکندڙ ڪارڪنن هو
ايم آر ڊي تحريڪ 1983ع ۾ جڏهن گرفتارين جو سلسلو شروع ٿيو ته تعلقي سڪرنڊ ۾ سڀ کان پهريان پارٽي جي سڏ تي لبيڪ چئي رئيس قيصر خان پنهنجي عزيز ساٿي چاڪر خان چانڊيو سان 2 سيپٽمبر 1983ع تي سڪرنڊ ٿاڻي تي گرفتاري پيش ڪئي کيس پهرين ڊسٽرڪٽ جيل نوابشاهه ۽ پوء سينٽرل جيل سکر ۾ رکيو ويو ۽ مٿس ڪافي تشدد ڪيو ويو پوء 12 ڊسمبر 1983ع تي آزاد ٿي ڳوٺ پهتو
1986ع تي بينظير ڀٽو ۽ غلام مصطفي جتوئي وچ ۾ اختلاف ٿيا جنهن ڪري جتوئي صاحب پ پ کي خدا حافظ چئي آيو ان وقت رئيس قيصر خان پ پ جو سنڌ ڪائونسل جو ميمبر هو ۽ جتوئي صاحب جي حمايت ۾ فوري طور ان عهدي تان استعفي ڏني ۽ پ پ کي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو
جتوئي صاحب 30 آگسٽ 1986ع تي لاهور ۾ ڪنوينشن سڏائي پنهنجي جدا پارٽي نيشنلن پيپلز پارٽي ٺاهي رئيس قيصر خان ايم آر ڊي جي ڪجهه شهيدن جي وارثن سميت ان ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان ڏينهن کان وٺي آخري ڏينهن تائين ان پارٽي ۾ سنڌ ڪائوسل جو ميمبر رهيو رهيو
غلام رسول انڙ آصف زرداري ۽ حاڪم زرداري مٿس پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاء زور رکيو پر هن هر ڀيري انڪار ڪيو
پاڻ سماجي خدمتن ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو
هن چانڊيا وليجز اينڊ ڪوآپريٽو نالي هڪ نجي بينڪ کولي جيڪا ڪيترائي سال سندس چيئرمينشپ هيٺ ڪم ڪندي رهي
رئيس قيصر خان وليج ايجوڪيشن ۾ تعلقي سڪرنڊ جو چيئرمين ٿي رهيو ان دوران پاڻ ڪيترائي اسڪول کولرايا
هن علائقي ۾ جيڪي انقلابي ترقياتي ڪم ڪيا انهن مان هڪ هي به آهي ته سندس ڪوشش سان ڳوٺ دليل ديرو کان احسان انڙ تائين 15 20 ڪلوميٽر تي ڪيترن ئي ڳوٺن کي بجلي ملي هن جي ڪوشش سان سندس ڳوٺ ۾ روڊ ٽيليفون لائين ۽ ڊسپينسري منظور ٿيا
اگر ڳوٺ ۾ ڪير فوت ٿي پوندو هو ته سندس ڪفن دفن ۽ ڪانڌپي جو بندوبست پاڻ ڪندو هو
پاڻ پاڪستاني سياست ڪندي هميشه صوبائي خودمختياري جو حامي رهيو ۽ سائين جي ايم سيد جو وڏو مداح هو
رئيس قيصر خان 18 جنوري 2006ع تي سندس دوست محمد يوسف خشڪ جي دعوت ۾ شرڪت لاء وڃي رهيو هو ته انڊس هائي وي تي سن شهر ويجهو سندس گاڏي جو ٽڪر هڪ پڪ اپ ڊاٽسن سان ٿيو جنهن مان زخمي ٿي مسلسل بيماري جي بستري تي رهي آخر 27 رمضان المبارڪ 1427 هه مطابق 21 آڪٽوبر 2006ع تي رات جو اٽڪل 09:30 وڳي ڌاري آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ انتقال ڪري ويو
ٻئي ڏينهن کيس سوين آلين اکين سان ڳوٺ لڳ موجوده آبائي قبرستان راهو رتول ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو