20/05/2026
سنڌ جي ڌرتي هميشه انهن ماڻهن تي فخر ڪيو آهي جيڪي پنهنجي عهدن کان وڌيڪ پنهنجي انسانيت سبب سڃاتا وڃن
ڊاڪٽر نبيلا سومرو صاحبه ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي ٻارن لاءِ محبت احساس ۽ تعليم سان وابستگي واقعي دل کي ڇهندڙ آهي
هوءَ صرف هڪ آفيسر نه پر اهڙي مهربان شخصيت آهن جيڪي غريب ۽ هوشيار ٻارن جي خوابن کي به اهميت ڏين ٿيون
ڪنهن ننڍڙي ٻار جي هٿ ۾ ڪتاب قلم يا بيگ ڏيڻ اصل ۾ سندس مستقبل ۾ اميد جي روشني رکڻ برابر هوندو آهي
اڄ ڪيترن ئي ٻارن جي چهري تي جيڪا مرڪ هئي اها ڊاڪٽر نبيلا صاحبه جي خوبصورت سوچ ۽ دردِ دل جو نتيجو هئي
عمران فيصل ميمڻ صاحب سر علي اصغر ميمڻ صاحب ۽ هيڊ ماستر سائين قربان علي ملاح صاحب جا به دل جي گهراين سان ٿورا جن پنهنجي سهڪار ۽ محبت سان هن نيڪ ڪم کي وڌيڪ خوبصورت بڻايو
اهڙا ماڻهو ئي سماج ۾ انسانيت جي خوشبو بڻجي رهندا آهن
الله پاڪ سڀني کي هميشه عزت خوشيون ۽ وڌيڪ نيڪيون ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي 🌸