16/05/2026
اسڪول لا ڪمرن ۽ النمينٽري لا عرض_________________
افسوس سان ان ڳالهه کي چوڻون ٿو پوي ت اسان گورنمينٽ کان حقيقي حق ن وٺي سگھيان آھيون_ جٿي ٧٠ سالن کان پڙھائي جو نظام صحيح ھلندو آيو آهي جٿي حقيقي ضرورت آهي ت نا انصافي ٿيندي رهي آهي جنهن جا زميوار اسان خود بھي آهيون_ وقت ن ڏيڻ سان حق ن وٺي سگهيان آهيون پنهنجي مصرفياتن جي ڪري__ مان ھن سوشل ميڊيا جي زريعي تعليم جي وزير سائين سردار علي شاهه ۽ ڊاڪٽر بھادر ڏاھري صاحب Bahadur Khan Dahri جن کي ھٿ ٻڌي عرض ڪندس اسانجي اسڪول سان ڀرپور تعاون ڪيو وڃي جٿي ھميشھ اسڪول آباد رھيو آهي پراڻي زماني کان کوڙ سارا ڊاڪٽر انجنئر ۽ مختلن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ وارا ڳوٺ ۽ آس پاس جي ڳوٺ جا ماڻهون ھتان ھن اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري پنهنجو نالو سواريو بيٺا آهن_ اڄ ب ھن ڳوٺ ۾ پري پري کان گلن جھڙا نڍڙا ٻار تعليم حاصل ڪرڻ ايندا آهن صرف انجي ڪري ت ھي آباد اسڪول آهي ھميشھ پڙھائي رهي آهي _مان سلام ڪيان استادن کي جيڪي ھيڏي گرمي ۾ پنهنجو فرض نڀائي رھيان آھن_ ٻچڙا معسوم گرمي شدد واري گرمي ۾ ڪيئن ٿا پڙھن ڪو اچي ت ڏسي_ اسڪول ۾ ڪمرا صرف 02 آهن ۽ ٻار انرولڊ 180 آهن جيڪو رڪارڊ موجود آهي ان لا اسان کي اسڪول کي 02 کان 03 ڪمرن جي سخت ضرورت آهي ۽ اليمنٽري جي بھي ضرورت آهي ڳوٺ جا ٻچڙا نياڙون آساني سان تعلي تعليم حاصل ڪري سگهن ان لا اسان وزير تعليم سائين سردار علي شاھ ۽ اسان پنهنجي تڪ جي ايم پي سرادر ڊاڪٽر بھادر صاحب کي عرض رکون ٿا پليز سپورٽ ڪيو ت جئن آساني ٿئي ۽ توهان جي خدمت سان حق ادا ٿي وڃي کوڙ ساريون دعائون بھي حاصل ٿينديون_