16/10/2024
اطلاعات کاتو نوشهروفيروز
نوشهروفيروز (هينڊ آئوٽ) 07 آڪٽوبر 2024ع: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لياقت علي لنڊ جي صدارت هيٺ ضلعي نوشهروفيروز ۾ سرن جا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ليبر آفيسر، پرائس ڪنٽرول انسپيڪٽر فهيم احمد ملڪ، پوليس کاتي، روينيو آفيسرن ۽ ڀٽي مالڪن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سڄي سنڌ ۾ سرن جا اگهه مقرر ڪيا پيا وڃن، جنهن جو مقصد هن مهانگائي جي دور ۾ عام ماڻهو کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڪجهه ڀٽي مالڪن سرن جو اگهه مقرر نه ڪرڻ سبب پنھنجي مرضي جا اگھہ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن سڄي ضلعي ۾ سرن جي قيمت 25000 رپيا في 3000 سرن مقرر ڪئي. هن چيو ته مقرر ڪيل اگهن تي عمل نه ڪندڙ ڀٽي مالڪن خلاف انتظاميه ڪارروائي ڪندي. هن ماحولياتي تحفظ واري کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ڀٽن تي استعمال ٿيندڙ ٻارڻ جو جائزو وٺن ۽ ماحولياتي قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. هن ليبر آفيسر کي هدايت ڪئي ته هو ڀٽن جو دورو ڪري اتي پورهيتن کي قانوني حقن جي فراهمي ۽ چائلڊ ليبر تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻي. هن سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته فيلڊ آفيسرن کي گهرائي ڀٽن جي سروي ڪري اتي سرن جي مقرر ڪيل قيمت تي عمل ڪرايو وڃي.