05/06/2026
پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه نصيرآباد جي صدر انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو روزاني معمول موجب پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه آفيس نصيرآباد پهچي پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو چيو ته گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري صاحب ڀرپور عوامي مهم هلائي رهيا آهن، جنهن کي عوام ۾ زبردست پذيرائي ملي رهي آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام جو واضح رجحان پاڪستان پيپلزپارٽي ڏانهن آهي ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي شاندار ڪاميابي حاصل ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته شهزادا بلاول ڀٽو زرداري جي متحرڪ قيادت، سياسي بصيرت ۽ عوامي خدمت جي جذبي سبب پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي هر حصي ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. گلگت بلتستان جي عوام پيپلزپارٽي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته پيپلزپارٽي اتي عوامي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي.
ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي نصيرآباد جي جنرل سيڪريٽري غلام عباس سولنگي، هاري ڪاميٽي ضلعي صدر علي رضا ڪوري، مولوي منظور احمد ڪانڌڙو، امام علي گاڏهي، عامر نثار چنجڻي، صدام حسين دايو، فيض محمد چنجڻي، جاويد احمد ڪوري، علي گل چانڊيو، عنايت الله ڪنڀر، عبدالواحد دايو سميت وڏي انگ ۾ پارٽي ڪارڪن ۽ عهديدار موجود هئا