11/08/2018
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان
سچ کي هر دم سچ چوان ٿو، ڪوڙ تي ڪلمو نه پڙهان ٿو،
حقدارن لئه حق گھران ٿو، مقصد ڪارڻ جيان مران ٿو،
جيڪو حق جو باغي آهي، وار انهي لئه ڪاري آهيان!
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!
لار نه ڪنهنجي لڙڪان ٿو، جھنڊو بنجي ڦڙڪان ٿو مان،
ڀنڀٽ بنجي ڀڙڪان ٿو مان، ڪُوڙ جي ڪنڌ تي ڪڙڪان ٿو مان،
تيلي تيلي، شعلو شعلو، ماچيسن جي ڦاري آهيان!
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!
ڪُوڙو مون آڏو نه ڪڇي ٿو، دل ۾ ڏاڍو سڙي لڇي ٿو،
مُنهن تي ڪڏهين ڪجھ نه چوي ٿو، پر پرپُٺ منهنجي لاءِ پڇي ٿو،
ڪهڙي باغ جي مورِي آهيان، ڪهڙي وڻ جي ٽاري آهيان!
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!
سچ چوان ٿو، مچ مچن ٿا، مون تي ڪوڙا ڪيس ٿين ٿا،
غنڊن جا ٽولا به اچن ٿا، لوڪ ٻڌي ٿو، بڪ بڪ ڪن ٿا،
آءٌ مڙن سان منهن ڏيندو هان، ڪين ڪندو مان زاري آهيان!
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!
مشڪل ۾ جو يارَ ڏسن ٿا، ڏاڍو مون کان ونءُ وڃن ٿا،
ڏک ۾ ڪوبه نه ڏڍُ ڏين ٿا، مرڳو ڇڄيو ڌار ٿين ٿا،
پنهنجا ڀي مون کان ته ٽهن ٿا، کِکَ جي ڄڻ ڪا کارِي آهيان!
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!
پوليس وارو مون لئه آقا، مون لئه آفيسر داروغا،
مون کان مير وڏيرا ڏاڍا، پيرن جا پِٽَ ۽ پاراتا،
هرڪو مون تي آڪڙجي ٿو، ڇو ته مان پورهيت هاري آهيان!
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!
هاءِ زمانا! ٿو آڪڙجين، مون کي هاءِ سماج نه سمجھين ،
ڌوڙ جي ڍيريءَ ۾ ٿو وهنجين، ڦلهيارن ۾ ڦوڪون ٿو ڏين،
اڏري پوندو سانءِ اکين ۾، راشد! مچ جي ڇاري آهيان !
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!