01/06/2026
ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد ڪنراني جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقه اسپتالن ۾ پهتا، مٽي جي شديد طوفان دوران مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي. خبر موجب ضلعي گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ مٽي جي شديد طوفان دوران مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن کي فوري طور تي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايتن تي پنجن ئي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن لاڳاپيل تعلقه اسپتالن ۾ پهچي صورتحال جي نگراني ڪئي. ان سلسلي ۾ هن وقت تائين مليل ڄاڻ موجب تعلقي اوٻاوڙو جي مختلف علائقن ۾ 42 ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن، اهڙي ريت تعلقي ڏهرڪي واسڻ زخمي مائي شهناز سولنگي کي رحميارخان منتقل ڪيو ويو آهي ۽ زخمي مائي لطيفان کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته ميرپور ماٿيلو تعلقي جي رهواسين مائي ظهران، مسمات آسيه، مسمات حاڪمزادي، مائي فريده ۽ واجد علي کي ڊي ايڇ ڪيو ۾ داخل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته طوفان دوران حادثن ۾ ٿيل نقصان بابت تفصيلي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي ۽ زخمين کي علاج جون بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن