Digital Media Cell JUI Kashmore K kot

Digital Media Cell JUI Kashmore K kot اس پیج سے آپ جمعیة علماء اسلام پاکستان بالخصوص جےیوآئی ضلعہ کشمور کندہ کوٹ سے وابستہ تمام سرگرمیاں ملاحظہ کرسکتے ہیں.شکریہ

"ایڈمن پیج"

02/06/2026

مان گھور لاڙڪاڻي جي مٽي تان، جنھن ھميشه پنھنجي ڪُک مان حلالي ،بھادر ۽ ڪونڌر پٽن کي جنم ڏنو آهي پوءِ اھي ٻچڙا شھي-د ذوالفقار ڀٽو جي صورت ۾ ھجن،شھي-د علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي صورت ۾ ھجن، بشير خان قريشي جي صورت ۾ ھجن، علامه ناصر محمود سومرو ،علامہ راشد محمود سومرو يا انجي برادران جي صورت ۾ ھجن يا سومرو برادران جي دادلي يارن مولانا جمال مصطفيٰ ٻيروي يا شير لاڙڪاڻه مولانا محمد الياس چنہ جي صورت ۾ ھجن، جن ناموس رسالت جي لاءِ نه صرف ميدان ملھايو آھي، پر انکانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي مدلل گفتگو ڪري سنڌ جي عوام جي سامھون ھر حقيقت کي وائکو ۽ پڌرو ڪيو آهي، سائين ناصر محمود سومرو جي مضبوط،مدلل موقف کانپوءِ پيش آھي مولانا محمد الياس چنہ جو موقف نہ صرف پاڻ ٻڌو پر ٻين تائين به پھچايو

سنڌي اعجاز 🖊️

Digital Media Cell JUI Kashmore K kot









َالم_ڪانفرنس_سکر

جمعيت طلبه اسلام ضلع ڪشمور طرفان نوجوانن جي ذھني،اخلاقي معاشرتي تربيت جي لاءِ "عيد نوجوانن سان گڏ " ڪوئيٽا ھوٽل راجہ لاڙ...
01/06/2026

جمعيت طلبه اسلام ضلع ڪشمور طرفان نوجوانن جي ذھني،اخلاقي معاشرتي تربيت جي لاءِ "عيد نوجوانن سان گڏ " ڪوئيٽا ھوٽل راجہ لاڙي تي پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي، ان مختصر ۽ فڪري محفل کي پُرمقصد بڻائڻ جي لاءِ محدود وقت اندر فڪري احساس رکندڙ تنظيمي ذميدارن کي وقت ۽ عنوان تحت چيف گيسٽ بڻايو ويو آهي، جي ٽي آء ضلع ڪشمور طرفان ان پھرين پروگرام ۾ تقريبن 10يونٽ حصو وٺي رھيو آھن، ھي پروگرام نوجوانن کي ھن فتنن جي دور ۾ غنيمت جو موقعو ثابت ٿيندو،ان شاءاللہ

Digital Media Cell JUI Kashmore K kot

31/05/2026

لاڑکانہ واقعہ: حقیقت، پس منظر اور پیش منظر،
سندھ کارڈ کے پردے میں کون؟
شدت پسندی کا مقدمہ، فیصلہ آپ کریں!

Digital Media Cell JUI Kashmore K kot

اسلامڪ اسڪالر ڪنونشن سکر بسلسلہ امـن عَــالم اجـتـمـاع...Digital Media Cell JUI Kashmore K kot
31/05/2026

اسلامڪ اسڪالر ڪنونشن سکر بسلسلہ امـن عَــالم اجـتـمـاع...

Digital Media Cell JUI Kashmore K kot

لاڙڪاڻو، قاديانيت ۽ قربانيتحرير:علامه ناصر خالد محمود سومرو لاڙڪاڻو، سنڌ ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ فعا...
30/05/2026

لاڙڪاڻو، قاديانيت ۽ قرباني

تحرير:علامه ناصر خالد محمود سومرو

لاڙڪاڻو، سنڌ ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ فعال اسلامي رياستي نظام هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، جتي رياست جو مذهب اسلام آهي،آئينِ پاڪستان موجب قومي اسيمبلي قاديانين کي غير مسلم اقليت قرار ڏئي نه صرف امتِ مسلمه جو هڪ پراڻو مطالبو پورو ڪيو، پر هڪ آئيني ۽ قانوني حد پڻ مقرر ڪئي، جيئن ڪو به فرد يا گروهه اسلام جي بنيادي تعليمات ۽ سڃاڻپ کي مسخ نه ڪري سگهي،قادياني آئينِ پاڪستان جي روشني ۾ غير مسلم آهن، ۽ انهن کي پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪرڻ يا اسلامي شعائر کي مسلمان حيثيت سان اختيار ڪرڻ جي اجازت ناهي،قرباني، جيڪا اسلامي شعائر مان هڪ اهم عبادت آهي، ان حوالي سان پڻ واضح قانوني حدون مقرر آهن،ضلع لاڙڪاڻو، خاص طور تي تعلقه ڊوکري جي ڪجهه ڳوٺن ۽ پوءِ شهر لاڙڪاڻو جي سچل ڪالوني ۾ ڪجهه عرصي کان قاديانيت جي سرگرمين بابت خبرون سامهون اينديون رهيون آهن۔ مسجدن جي تعمير، تبليغي سرگرمين ۽ ربوه کان مربين جي آمد ذريعي نوجوانن ۽ عام ماڻهن جي عقيدن تي اثرانداز ٿيڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، جن بابت مختلف حلقن پاران خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي،ان حوالي سان انتظاميا کي آگاهه ڪيو ويو، قانوني ڪارروائيون ڪيون ويون، ڪيس عدالتن تائين پهتا، ۽ لاڳاپيل ڌريون هن عمل جون شاهد آهن۔ موجوده ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي نگراني ۾ ڪجهه ماڻهن خلاف تبليغي سرگرمين تي قانوني قدم به کنيا ويا،آئينِ پاڪستان واضح ڪري ٿو ته قادياني غير مسلم آهن۔ هڪ شهري طور انهن کي پنهنجا بنيادي حق حاصل آهن، پر اسلامي سڃاڻپ اختيار ڪرڻ يا اسلامي شعائر ادا ڪرڻ بابت قانون واضح پابنديون مقرر ڪري ٿو،عيدالاضحيٰ جي ٻئي ڏينهن جنهن گهر ٻاهران لاڙڪاڻو جا شهري گڏ ٿيا، اهو گهر هڪ اهڙي خاندان سان واسطو رکي ٿو جنهن جو سربراهه آسٽريليا ۾ رهائش پذير آهي، جڏهن ته سندس گهر وارا لاڙڪاڻو ۾ رهن ٿا،مقامي سطح تي اهو مؤقف سامهون آيو ته هي خاندان قادياني عقيدي سان تعلق رکي ٿو ۽ قرباني جي گوشت جي ورڇ جو معاملو پڻ ان تناظر ۾ ڏٺو ويو۔ پاڙي وارن ۽ ٻين ماڻهن جون شاهديون پڻ سامهون آيون، جنهن بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن معاملي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي قانون موجب ڪارروائي ڪئي،اصل سوال اهو آهي ته جڏهن آئين ڪنهن گروهه جي مذهبي حيثيت بابت واضح آهي، ته پوءِ سڀني ڌرين تي لازم آهي ته اهي قانون جي دائري ۾ رهي عمل ڪن۔ اهڙن حساس معاملن ۾ جذبات بدران قانون ۽ ادارن تي ڀروسو ئي امن جي ضمانت آهي،اسان جي ساٿين ۽ شهر جي ذميوار شهرين پڻ پوليس سان رابطو ڪري معاملو قانون جي حوالي ڪيو، جيئن ڪو به تڪرار پيدا نه ٿئي،افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن واقعي کان پوءِ ڪجهه ماڻهن سوشل ميڊيا تي اصل قانوني رخ کي نظرانداز ڪري معاملي کي غلط رخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي۔
اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان جي مضبوطی، جمهوريت، سنڌ جو امن ۽ مذهبي هم آهنگي هڪ ٻئي جا مخالف نه پر مددگار آهن۔ اسان پهريان مسلمان، پوءِ سنڌي ۽ پوءِ پاڪستاني آهيون۔ ختمِ نبوت جو عقيدو اسان جي ايمان جو بنيادي حصو آهي،قاديانين کي قانون اندر رهندي زندگي گذارڻ جو حق آهي، پر اسلامي سڃاڻپ ۽ شعائر بابت قانون جي پابندي ضروري آهي،ختمِ نبوت ۽ اسلامي شعائر اسان لاءِ ڳاڙهي لڪير آهن۔ اهو ڪو مسلڪي مسئلو نه پر عقيدي جو معاملو آهي، جنهن تي سڀئي متفق آهن،اسان سنڌ سان گڏ آهيون، جمهوريت تي يقين رکون ٿا، ملڪ جي ترقي چاهيون ٿا، پر پنهنجي ديني سڃاڻپ تي ڪو سمجهوتو نه ٿا ڪري سگهون،لاڙڪاڻو ۾ قرباني واري تڪرار کي قانوني طريقي سان حل ڪري امن قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ ساٿين سنجيدگي ڏيکاري،سنڌ امن، محبت ۽ صوفين جي ڌرتي آهي، پر اهو بابُ الاسلام پڻ آهي، جتي اسلام سان محبت ڪندڙ ماڻهن جي اڪثريت آهي، تنهنڪري مذهبي حساسيتن کي نظرانداز ڪرڻ مناسب ناهي۔
جمعيت علماءِ اسلام جو هر ڪارڪن آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي اسلام، ختمِ نبوت ۽ ملڪ جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو،سنڌ، اسلام ۽ رواداري اسان هميشه سمجهيو آهي ته سنڌ جي حقن، وسيلن، امن ۽ عوامي مفادن جو تحفظ گڏيل ذميواري آهي۔ جمعيت علماءِ اسلام ۽ ديني حلقن اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي،پاڻي، زمين، زراعت ۽ عوامي حقن لاءِ اسان جي جدوجهد هميشه پرامن ۽ آئيني رهي آهي،اسان جي اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شهادت باوجود اسان تشدد بدران قانون تي ڀروسو ڪيو۔ سنڌ ۾ مختلف مذهبن جي عبادتگاهن جي حفاظت ۽ هم آهنگي لاءِ به مثبت ڪردار ادا ڪيو ويو آهي،سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن قوم يا ثقافت جي توهين ناقابل قبول آهي، ته پوءِ مسلمانن جي عقيدن جي توهين کي اظهارِ راءِ ڇو چيو وڃي ٿو؟
۽ جيڪڏهن مسلمان قانوني طريقي سان آواز اٿارين ته ان کي انتهاپسندي ڇو چيو وڃي ٿو؟
حقيقت اها آهي ته سنڌ ۽ اسلام هڪ ٻئي جا مخالف نه پر مددگار آهن۔ سنڌ جا مذهبي طبقا به هن ڌرتي سان اوتري ئي محبت رکن ٿا جيتري ٻيا ماڻهو،اختلاف هر ڪنهن جو حق آهي، پر حقيقي رواداري اها آهي جيڪا سڀني جي عقيدن، جذبن ۽ سڃاڻپ جو احترام ڪري،ٻٽو معيار نه انصاف پيدا ڪري ٿو ۽ نه ئي مستقل هم آهنگي.

Digital Media Cell JUI Kashmore K kot




َالم_ڪانفرنس_سکر




قـ-اد ياني صرف ديني مجرم ناھي پر ھو آئين پاڪستان تحت به مجرم آهي.Digital Media Cell JUI Kashmore K kot                  ...
30/05/2026

قـ-اد ياني صرف ديني مجرم ناھي پر ھو آئين پاڪستان تحت به مجرم آهي.

Digital Media Cell JUI Kashmore K kot









َالم_ڪانفرنس_سکر

قائد سنڌ علامه راشد محمود سومرو جو سنڌ جي ملحدن،دين دشمنن ڌرتي جي غدارن کان سوال ؟Digital Media Cell JUI Kashmore K kot ...
30/05/2026

قائد سنڌ علامه راشد محمود سومرو جو سنڌ جي ملحدن،دين دشمنن ڌرتي جي غدارن کان سوال ؟

Digital Media Cell JUI Kashmore K kot




َالم_ڪانفرنس_سکر




سنڌ، اسلام ۽ رواداري: ڪجهہ بنيادي سوال؟تحریر...مولانا محمد صالح انڍڙ/ڊپٽي سیڪریٽري جنرل جمعیت علماءاسلام سنڌاسان هميشه ا...
30/05/2026

سنڌ، اسلام ۽ رواداري: ڪجهہ بنيادي سوال؟

تحریر...مولانا محمد صالح انڍڙ/ڊپٽي سیڪریٽري جنرل
جمعیت علماءاسلام سنڌ

اسان هميشه اهو سمجهندا آيا آهيون تہ سنڌ جي حقن، سنڌ جي وسيلن، سنڌ جي امن ۽ سنڌ جي عوام جي ڀلائي لاءِ جدوجهد هڪ گڏيل قومي ذميواري آهي۔ انهيءَ سوچ تحت جمعيت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي ۽ قومپرست حلقن سان گڏجي عوامي مسئلن تي آواز بلند ڪيو آهي۔ پاڻي، زمين، زراعت، بدامني، قبائلي تڪرارن ۽ عوامي حقن جي معاملن ۾ اسان هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي۔

اسان جي سياسي ۽ سماجي تاريخ انهيءَ ڳالهه جي شاهد آهي تہ اسان هر ڏکئي مرحلي ۾ امن، برداشت ۽ آئيني جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو۔ اسان جي اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو شهيد کي بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو، پر ان جي باوجود اسان بندوق جي بدلي بندوق جو رستو اختيار نه ڪيو، بلڪه عدالت، قانون ۽ آئين جو درکڙڪايو ۔ جيڪڏهن اسان انتهاپسنديءَ جا قائل هجون ها تہ شايد اسان جو رستو ڪجهه ٻيو هجي ها،
پر اسان صبر، قانون ۽ امن کي ترجيح ڏني۔

سنڌ ۾ جڏهن به ڪنهن مندر، امام بارگاهه، درگاهه يا عبادتگاهه کي خطرو لاحق ٿيو، مذهبي طبقن ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن هميشه تحفظ، ڀائيچاري ۽ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو۔ لال شهباز قلندر جي مزار تي المناڪ حملي کان پوءِ امن ۽ يڪجهتيءَ جي فضا قائم ڪرڻ جون ڪوششون هجن، شڪارپور امام بارگاهه سانحي کان پوءِ فرقيواراڻي هم آهنگيءَ لاءِ جدوجهد هجي يا مختلف ضلعن ۾ اقليتي عبادتگاهن جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪرڻ جو معاملو هجي، مذهبي حلقن هميشه سنڌ ۾ ڀائيچاري ۽سماجي استحڪام کي ترجيح ڏني آهي۔

هن پسمنظر ۾ ڪجهہ سوال غور طلب آهن۔

آخر ائين ڇو آهي جو جڏهن به ڪو شخص اسلامي شعائر، مذهبي مقدسات يا مسلمانن جي بنيادي عقيدن بابت ڪو تڪراري يا اشتعال انگيز عمل ڪري ٿو تہ ڪجهه خودساخته روشن خيال حلقا فوراً سندس دفاع ۾ بيهي رهن ٿا؟ اختلافِ راءِ هر شخص جو حق آهي، پر ڇا اهڙي عمل جي همٿ افزائي به روشن خيالي آهي؟؟
جيڪو ڪروڙين مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪري؟

جيڪڏهن ڪنهن گستاخاڻِي، اشتعال انگيز يا توهين آميز عمل تي مسلمان قانون ۽ آئين جي دائري اندر رهندي لاڳاپيل ادارن سان رجوع ڪن، تہ ان کي فوراً “ملائيت”، “رجعت پسندي”، “مذهبي جنون” يا “انتهاپسندي” جو نالو ڇو ڏنو وڃي ٿو؟
ڇا قانون جو در کڙڪائڻ دهشتگردي آهي؟
ڇا پوليس يا انتظاميا کي متوجهه ڪرڻ شدت پسندي آهي؟
جيڪڏهن ڪنهن عمل کي قانون جي ابتڙ سمجهيو وڃي ٿو تہ قانوني ڪارروائيءَ جو مطالبو آخر ڪهڙي طرح غير جمهوري يا غير مهذب رويو قرار ڏنو وڃي ٿو؟

پاڪستان هڪ اسلامي جمهوري مملڪت آهي۔
ان جي سڃاڻپ، ان جو آئين ۽ ان جو قانوني ڍانچو اسلامي دفعات ۽ اصولن کي تسليم ڪري ٿو۔
اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو شهري يا جماعت آئين ۽ قانون موجب ڪنهن معاملي تي اعتراض اٿاري ٿي تہ صرف ان ڪري کيس مشڪوڪ قرار ڏيڻ جو سندس تعلق مذهب سان آهي، هڪ غير منصفاڻو طرزِ فڪر محسوس ٿئي ٿو۔

اهو به ياد رکڻ گهرجي تہ سنڌ جا لکين مذهبي ڪارڪن، عالم، مسجدن جا خادم ۽ ديني طبقا به انهيءَ ڌرتيءَ جا پٽ آهن۔ اهي به سنڌي آهن، اهي به هن سرزمين سان محبت ڪن ٿا، اهي به پاڻي، زمين، ٻولي ۽ عوامي حقن جي مسئلن بابت فڪرمند رهن ٿا۔ جيڪڏهن سنڌي قومپرستيءَ ۾ سڀني لاءِ جاءِ آهي تہ مذهبي سڃاڻپ رکندڙ سنڌين کي ان کان ٻاهر ڇو سمجهيو وڃي؟

سنڌ جي تاريخ پاڻ انهيءَ ڳالهه جي شاهد آهي تہ هتي مذهبي ۽ ثقافتي سڃاڻپون هڪ ٻئي جي مخالف نه رهيون آهن۔ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ سنڌ جي ٻين عظيم روحاني شخصيتن محبت، احترام ۽ اخلاقيات جو درس ڏنو، پر انهن ڪڏهن به پنهنجي مذهبي سڃاڻپ کان لاتعلقي اختيار نه ڪئي.

تنهنڪري اصل سوال اهو ناهي تہ ڪير قومپرست آهي ۽ ڪير مذهبي۔ اصل سوال اهو آهي تہ ڇا رواداريءَ جو معيار سڀني لاءِ هڪجهڙو آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن قوم، ٻولي يا تھذيب ثقافت، جي توھين ناقابل قبول آھي
۽ يقيناً ايئن ئي آھي وسيلا درياهه، ڪارونجهر يا زمين تي حق تلفي ناقابلِ قبول آهي ۽ يقيني طور تي ايئن ئي آھي
ته پوء ڪروڙين سنڌي مسلمانن جي عقيدن ۽ شعائر اسلام جي تحقير کي اظهارِ راءِ جي آزادي جو نالو ڇو ڏنو وڃي ٿو؟ جيڪڏهن نفرت جي همٿ شڪني ضروري آهي تہ مذهبي اشتعال انگيزيءَ جي همٿ افزائي ڇو ڪئي وڃي ٿي؟

اسان سمجهون ٿا تہ سنڌ ۽ اسلام جي وچ ۾ ڪو به تضاد ناهي۔ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ سان به محبت ڪن ٿا ۽ پنهنجي دين سان به وابستگي رکن ٿا۔ امن، رواداري، قانون جي حڪمراني ۽ باهمي احترام ئي اهي بنياد آهن، جن تي هڪ مضبوط ۽ متحد معاشرو قائم ٿي سگهي ٿو.

تنهنڪري اختلاف ضرور ڪريو، تنقيد به ڪريو، پر اهڙو ماحول پيدا نه ڪريو، جنهن ۾ مذهبي جذبن جي تذليل کي ترقي پسندي قوم پرستي ۽ انهن جي احترام کي رجعت پسندي قرار ڏنو وڃي۔
حقيقي رواداري اها ئي آهي، جيڪا سڀني جي حقن، سڀني جي عقيدن ۽ سڀني جي احساسن جو هڪجهڙو احترام ڪري.

زياده کان زياده شيئر ڪريو

Digital Media Cell JUI Kashmore K kot









َالم_ڪانفرنس_سکر

جمعيت علماء اسلام ضلع ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي امير مولانا شمس الدين ڀيري پنھنجي رفقاء سان گڏجي مولانا لعل محمد بجاراڻي ڪرمپور وا...
30/05/2026

جمعيت علماء اسلام ضلع ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي امير مولانا شمس الدين ڀيري پنھنجي رفقاء سان گڏجي
مولانا لعل محمد بجاراڻي ڪرمپور واري سان سندن جي ڀيڻ ۽ مجاھد جمعيت محترم نثار احمد بليدي سان سندن جي برادر جي ڳوٺ گاھي خان ڀيو ۾ مرحوم مقدم پليو جي ورثاء ۽ ڳوٺ قياس خان ڀيو ۾ محترم محمد اسلم ڀيو سان سندس نياڻي جي وفات تي تعزيت ڪئي،مرحومين جي لاءِ دعاءِ مغفرت فرمائي، الله پاڪ تمام مرحومين جي اڳئين مرحلن کي آسان بڻائي آمين

Digital Media Cell JUI Kashmore K kot









َالم_ڪانفرنس_سکر

Address

Mardan

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Digital Media Cell JUI Kashmore K kot posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share