04/02/2026
سنڌ ڄائي پوپٽي هيراننداڻي ۽ سندس خاندان جنهن شديد اضطراب ۔خوف ۽ قسم پرسي واري ماحول ۾ ھيراآباد حيدرآباد مان هڪ اداس رات جو خاموشي سان لڏيو هو ان سمي ان درد کي ڪير ب سمجهي لفظن ۾ پوئي ڪون ٿو سگهي۔ هندوستان مان آيل نسل پرست حيوان نما ڪوچڙيا انسانن حيدرآباد جهڙي پرامن ۽ شانت شهر ۾ امن جي پکي کي ڪهي ڳڀا ڳڀا ڪري چڪا هئا۔ جن هتي جي اصلي وارثن کي ڌرتي ڌڪاڻا بنائي ڇڏيو هو۔۔۔۔۔۔۔پوپٽي جي آتم ڪٿا ۾ اهو درد جيئين جو تيئين سمائيل آهي۔ سندس آتم ڪٿا مان اهي صفحا هتي حاضر آهن۔
شارٽ ويڊيوز ۾ اها گهٽي آهي جنهن جي هڪ طرف پوپٽي جو گهر هو ۽ ٻئي طرف ذڪرڪيل اڃا ب مسلم هاسٽل موجود آهي۔ جيڪا هڪ وطن دوست ۽ تعليم دان وڪيل مرحوم نور محمد لاکير سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن کان ايندڙ غريبن شاگردن جي رهائش لا۽ چندا گڏ ڪري جوڙائي هئي۔ جتي هيئنر رينجرز هيڊ ڪوارٽر آهي۔
از:محمد هاشم ميمڻ
_______________
ڪتاب: منهنجي حياتي۽ جا سونا روپا ورق۔
از: پوپٽي هيراننداڻي
ورق ستون
جڏهن مونکي زندگي ۽ موت جو گڏيل احساس ٿيو۔
-------------
ريڊيو تي ظاهر ٿيو ت ملڪ کي ورهايو ويندو۔ اخبارن ۾ خبر آئي ت سڄي سنڌ پاڪستان کي ملي آهي۔پناهگيرن سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو هو۔هڪ ڏينهن ٻڌوسين ت حيدرآباد ۾ پنج هزار مسلمان پناهگير اچي لٿا آهن۔ جن مان ڪي مسلم هاسٽل ۾۔ڪي سلاٽن جي پاڙي ۾۔ ۽ ڪي مدرسي ۾ رهائيا ويا آهن۔ مسلم هاسٽل اسان جي گهر جي ساڄي پاسي واري رستي تي هئي۔فضا ۾ ڊپ۔هوا ۾ حراس ۽ دلين تي دهشت ڇائنجي ويئي۔ باقي ب جو هاسٽل مان نڪري ڪن نوجوان پناهگيرن نعرا هنيا ت:"هيرا آباد جون حورون اسان جي حوالي ڪريو" تنهن تي آقي باقي دلين جي ڌڙڪڻ تيز ڪري ڇڏي!
هر هڪ گهر ۾ ڇوڪرين کي سيکاريو ويو ت پناهگير مسلمان گهر ۾ گهڙي ت بجلي۽ واري پلگ جي ٻن ٽونگن ۾ آڱريون وجهي بٽڻ هيٺ ڪري پاڻ کي ختم ڪجو۔ گهر ۾ توتئي زهر جون ننڍيون پڙيون پڻ ورهائيون ويون جيئين ڏکئي وقت ۾ زالن کي ڪم اچي سگهي۔
شام جو ڇھ لڳا ت لائوڊ اسپيڪر جو آواز ٻڌي مان پنهنجي گهٽي۽ جي منهن وٽ وڃي بيٺيس۔ پوليس لارين جي قطار لنگهي رهي هئي ۽ اهي ٻڌائي رهيا هئا ت " دنگو فساد ڪين ٿيندو۔پوليس پهرو سجاڳ آهي ۽ ملٽري ب سچيت آهي۔" پر جتان جتان لاريون لنگهيون ٿي اتي اتي در دريون بند ٿينديون پئي ويون۔ ماڻهن انومان ڪڍيو ت ضرور ڪجھ ٿيڻ وارو آهي۔ رستن تي ڄڻ هائو گهمي ويو۔
گهر ۾ اچي ريڊيو ٿي کوليم ت امي۽ منع ڪئي "مئا سمجهندا ت اسين مزي سان ويٺا ريڊيو تي راڳ ٻڌون".
هونئين ستين بجي ئي گهر جي ٻاهرئين در جي مٿان واري بتي ٻاربي هئي۔ جا رات جو دير تائين پيئي ٻرندي هئي۔ ٻاهريون در پڻ رات جو يارهين ٻارهين تائين کليل رهندو هو پر اڄ اڱڻ ۽ ورانڊي جون بتيون ب ڪين ٻاريونسين۔در کي جيڪي ٽن نمونن جا ڪڙا هئا سي سڀ پائي ڇڏياسين۔
گهر ۾ سڀ اچي چڪا هئا صرف ڀا۽ حشو ڪين آيو هو۔ پناهگيرن جي فسادن جي انومان ڪري سڀ جوان ٽوليون ٺاهي پنهنجن گهرن جو بچا۽ ڪرڻ سکي رهيا هئا۔حشو اهڙي ئي هڪ ٽولي جو مهندار هو۔هو دير سان ايندو هو ۽ سائيڪل تان لهي لٺيون سرڪائي ورانڊي واري۽ منهنجي کٽ هيٺان لڪائي رکندو هو۔
اڄ نو لڳا پر حشو ن آيو۔سامهون گهرن جي ماڙين وارا در پڻ بند هئا۔ٻاهر سناٽو ڇانيل هو۔اها هيرآباد جتي رات جو ٻارهين ۔هڪ تائين هوٽلن اڳيان فوني تي رڪارڊ پيا وڄندا هئا۔۔۔۔اتي اڄ راڪاس گهمي ويو هو!
در تي کڙڪو ٿيو۔سڀ جا سڀ سچيت ٿيا۔امي۽ ڪنهن کي وڌڻ ن ڏنو۔ ڪير آهين? "مان حشو آهيان دروازو کوليو".
اڄ حشو چپ هو۔ اسان کي بيحد عجب لڳو۔هونئين ايندي ئي گپ شپ هڻڻ شروع ڪندو هو۔۔۔۔۔۔۔۔پر اڄ سندس منهن اداس هو۔ هن چيو:"هيرآباد جي چوڌاري پناهگير وسيل آهن۔ لاهور مان آيل مسلمانن اڄ مارڪيٽ ۾ وچ رستي تي گان۽ ڪٺي آهي۔ "
اسان جو سڄو بدن ڄڻ سن بنجي ويو۔ آهستي آواز ڪري هن چيو ت : وڏن فيصلو ڪيو آهي ت هيرآباد مان سڀ زالون ۽ ڇوڪريون نڪرن۔ پهرين ڪنوارين ڇوڪرين کي ڪڍڻ جو بندوبست ڪبو۔ اڄ ئي اڌ رات جو هڪ لاري هتان نڪرندي ۽ ميرپورخاص رواني ٿيندي۔ اتان ئي انهن کي ٽرين ۾ چاڙهي ڇڏبو۔
"پر اهي ڪٿي وينديون?" منهنجي ما۽ پڇيو۔
اهو ب بندوبست ڪبو۔ مون ب شام جو هڪ ماڻهو جوڌپور موڪليو آهي۔ اتي ڪا ننڍي وڏي جا۽ مسواڙ تي ڪري ايندو۔ پوپٽي ۽ ڪملا کي ب هتان روانو ڪبو۔ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين," پهرين معنا سڀاڻي رات۔ تمام ٿوريون ضروري چيزون کڻجو۔"
ڀلا مان ڇوڪري ! مون وٽ مقيس ڀريل ساڙهي هئي۔۔۔۔۔۔نالو ڀريل رومال۔دل جا اڌما۔پنن تي اتاريل واريون ڪاپيون۔مورتين وارا ڪتاب۔پڙهڻ واري سنگ مر مر جي ميز۔لڏڻ لا۽ پينگهو۔بڪل واري گهاگهري۔دڇتي۽ تي جاري جاري تي ٺهيل مندر۔۔۔۔ڀلا ڇا ڇڏيان ۽ کڻان? منهنجيون شيون ڇا هتي ڇڏڻ جهڙيون هيون!!?
سڄي رات پاسا ورائيندي رهيس۔ منهنجي ساهيڙي ڪلان ڇا چوندي۔ ٻڌائيه ب ڪين! هري۽ ب چيو هو ت منهنجو ڀا۽ ٻاهر آهي۔ مون کي ڪير ڪونهي۔ ڊپ جي ڳاله ٿي ت مان ۽ ڀاڀي تو وٽ اچي رهنديونسين۔ اها ڇا چوندي ت لڪي لڪي ڀڄي وئين۽۔? ڀلا مان ۽ ڪملا وڃون ۽ پٺيان ڪجه ٿئي ت اسانجو ڪهڙو حال ٿيندو?
منهنجو وڏو ڀا۽ ڪراچي۽ ۾ بدلي ٿي ويو هو۔ حشو۽ کان سوا۽ ٻيا ٻ ننڍا ڀائر هئا۔ اسين فوٽا ڪڍائڻ وياسين۔جدا ٿي الائي ڪٿي وڃي پئون۔ ت هڪ ٻئي جا فوٽا اسان وٽ هجن۔ مون امي۽ سان گڏ فوٽو ڪڍايو ۽ ڪملا منهنجي ننڍي ڀا۽ سان۔ امي پئي روئي " مئن ڪهڙو قهر ڪيو آهي?" منهنجو ڀا۽ پيو سمجهائيس " هندوستان اسانجي وڏي ما۽ آهي۔ سمجهج ت اتي ٿيون وڃن". امي۽ چيو " ڌوڙ پيئي وڏي۽ ما۽ کي۔ ڇائي پيئي انهن مئن کي۔ جيڪي اباڻن کان ٿا اسان کي وڇوڙين۔"
امي ب سنڀري جيئين ئي ننڍي پيتي ۾ پنهنجا پڙا ۽ چادرون وڌائين۔ تيئين ئي سندس سڀ رڳون روئي پيون! گهر جا سڀ ڀاتي سڏڪا ڀري روئڻ لڳاسين۔ ان رات ن ڪنهن ڪجھ کاڌو۔ ن پلڪ جهپڪي۔
اها رات اسين ڪمرن ۾ گهمي هڪ هڪ چيز کي حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسڻ لڳاسين۔ گهر ت ڇا پر اڱڻ ۾ پيهي مٿان واري آسمان جي ٽڪري کان ب مون موڪلايو۔
پاڙي جون ڀتيون۔
آکيري ۾ ويٺل جهرڪيون۔
ٽڪري۽ جي ٿڌي هوا
۔گهٽي ۾ ويٺل اڇي ڪتي۔گهوڙن جي لا۽ پاڻي پيئڻ وارو حوض۔
گهر جي ٻاهران ڪبوترن لا۽ ٺهيل آکيرو۔۔۔
۔سڀيئي ياد اچڻ لڳا۔
سترهين سيپٽمبر! منهنجي جنم جو ڏينهن! پر اهو ڄڻ موت جو ڏينهن هو!
رات جو اڍائي بجي گهر مان نڪتاسين۔ منهنجا ٽئي ڀائر ۽اسين ٽي ڄڻيون۔ گهٽي۽ مان نڪري۔ اسين ور ور ڪري پٺيان پيا نهاريون۔
"وري الائي هنن نظرن کي هي ڳالهيون ڏسڻ لا۽ ملنديون الائي ن۔!"
منهنجي ماسي جو گهر ويجهو ئي هو۔لاري گهر ٻاهران ئي بيٺي هئي۔ پهرين سامان چڙهيو۔ سڀني جون۔ننڍيون بئگون ۽ پيتيون ۽ باسڻن جون ب ڳوڻيون۔ پو۽ اسين چڙهياسين۔
مردن چيو:
" جلدي ڪريو۔رستي تي ڪجھ ب ٿي سگهي ٿو۔ روئڻ ڌوئڻ وڃي ميرپورخاص ۾ ڪجو۔"
دل پئي رنو پر اکين مان آنسو وهي ن پئي سگهيا۔
دريون بند ڪري تمام تکي۽ رفتار سان لاري هلي۔
پنهنجي ئي وطن ۾ چورن جيان لڪي لڪي هلي رهيا هئاسين!
اڃا سج ڪني ڪين ڪڍي هئي ت اسين ميرپورخاص پهچي وياسين۔ ميرپورخاص ۾ منهنجي ماسات جو گهوٽ چڱي هلندي۽ وارو هو۔ چيائين هڪ سڄو گاڏو بوڪ ٿو ڪرايان۔ پر ساڻ ان جون ڳوڻيون ب کڻجو۔ ٻئي ڏينهن منهنجي ما۽ جي سؤٽ جون ڌيئر ۽ ننهر ب اتي اچي پهتيون۔ ميرپورخاص مان رات جو ٽي بجي نڪتاسين ۽ ريلنگس تي بيٺل ٻن دٻن ۾ اونده ۾ چڙهياسين۔
ٽرين هلي پر اڌ ڪلاڪ بعد ڪجه مسلم آفيسر ٽرين بيهاري اسانجن دٻن ۾ اچي چڙهيا۔ آفيسرن لڪڙي کڻي سڀ چيزون ٺوڪيون ۽ سڀ بئگون لاهي کڻي ويا۔ان وارو دٻو پڻ روڪي ڇڏيو هئائون۔ هاڻ ن ڪپڙا ساڻ هئا ۽ ن کاڌو!
سويل صبح جو جوڌپور پهتاسين۔ ڪل پنجاه ڄڻا هئاسين۔سڀ زالون ۽ ٻار!
ويٽنگ روم ۾ ترسياسين جو اسان کي خبر ئي جو ن هئي ت ڪٿي وڃي رهڻو آهي!
منجهند جو هڪ ڇوڪرو اسان کي وٺڻ آيو۔ ٽانگن ۾ چاڙهي هڪ بنگلي ۾ وٺي آيو۔
ٺلهي بنگلي ۾ ت پهتاسين پر کائون ڇا ۽ پهريون ڇا? ٻ ڄڻيون نڪري پاڙيوارن وٽ ويون۔ هڪ پاڙيواري۽ راجستاني۽ چيو ت اسين صرف ٻارن کي کاڌو ڏينداسين۔
هن جي گهر مان ڪلاڪ بعد زال ۽ ننهن کاڌو تيار ڪري کڻي آيون ۽ ٻارن کي قطار ۾ ويهاري پنن تي کاڌو پرڇي ڏنائون۔ شام جو پڻ اهڙي۽ طرح ٻارن کي کاڌو مليو۔ وڏن سڀني ورت رکيو۔
رات پئي۔ سمهڻ لا۽ ن کٽون هيون ن بتيون۔ن هنڌ ن وهاڻو۔ ساڙهي جي پلو سان پاڻ ڍڪي سڀئي سمهيون پر بک ۾ ننڊڪٿي ٿي اچي?
ٻئي ڏينهن يارهين بجي صبح جو تريل مڱن جي دال ڪير وڪڻڻ آيو۔سڀني هڪ سير ٻ سير وٺي ڦڪ ڀريا.
۔بنگلو شهر کان پري هو۔ رستن جي ڄاڻ اسان کي ن هئي۔ پئسا هئا پر کپي وڃڻ جو ڊپ هو۔ ان ڪري خرچيون ئي ن پيا۔
ٽئين ڏينهن صابڻ وٺي جي۽ تي پاتل ڪپڙا ڌوتاسين۔ کلون ب پيا ۽ روئون ب پيا۔
اسان ۾ هڪ برجستي مائي هئي سندري۔ اها ٽئين ڏينهن سڀني کان پئسا وٺي چيزن جي لسٽ لکي خريداري ڪري آئي۔ ڪڻڪ وٺي پيسائي آئي۽ ڀاڄيون ب وٺي آئي۔ اڍائي ڏينهن بعد اسان کي ان کائڻ لا۽ مليو۔پر تڏهن ب سندري رڌڻي جي دروازي تي بيهي سڀني کي مانيون ڳڻي ڏيندي ويئي۔ ٻارن کي هڪ ۽ وڏي کي ٻ ۽ ڀرسان ڀاڄي۽ جو وڏو چمچو وڌيڪ ڪجه ب ن۔
پيٽ ۾ ڪجه ويو ت دل ۽ دماغ کي چورڻ جو ساهس ٿيو۔ سڀني کي پنهنجي ڇڏي آيل ڀاتين جي چنتا ٿي۔ سڀني خط لکيا ۽ ڪن تارون ڪيون۔
ستن ڏينهن بعد منهنجي ماسي۽ جو وڏو پٽ اچي جوڌپور پهتو۔ گهر جون خبرون پهتيون پر انهن پاڻ وڌيڪ بي چئن ڪري ڇڏيو۔
"ڪراچي۽ ۾ ٽرين پهتي آهي جنهن مان هزارين پنجابي مسلمان لٿا آهن۔ لٻاڻن سکن (سنڌي سکن) کي مندر ۾ گڏ ڪيو هئائون۔ انهي مندر جي چوڌاري گاسليٽ هاري پناهگير مسلمانن مندر کي باه ڏيئي ڇڏي ۽ اندر ويٺل هڪ سؤ سٺ سک جلي ويا! "
حيدرآباد ۾ پناهگير رات جو گهر گهر جو دروازو کڙڪائين ٿا۔ جن گهرن کي ڪلف پيا آهن اهي ڪلف ڀڃي مسلمان انهن گهرن ۾ ويهي ٿا رهن۔
اهڙيون ڳالهيون ٻڌي زالون سوچڻ لڳيون ت اسين اجايون نڪري آيون آهيون۔ پٺيان مردن کي ڪجه ٿي پيو ت اسان جو جيئڻ ڪهڙي ڪم جو ٿيندو۔?
منهنجو ماسات خبرچار لهڻ آيو هو۔ٻن ڏينهن بعد اهو واپس ٿي ويو ت سڀني کيس ليلائي چيو ت:
" اسان جي گهر ۾ نياپو موڪلج ت هتي هليا اچن۔ ٻيو اسان کي ڪجه ب ن کپي۔ ڀل پيرين اگهاڙا ئي هليا اچن۔"
يارنهن ڏينهن بعد اسان وارو اناج جو گاڏو اچي پهتو۔ منهنجي ماسات جي گهوٽ ٿورا ڪپڙا ب موڪليا هئا۔
ٻارنهن ڏينهن ساڳئي وڳي ۾ گذاريا هئاسين ۽ هڪ ويلو کاڌو کائيندا هئاسين۔تيرهين ڏينهن سنان پاڻي ڪري پيٽ ڀري کاڌوسين۔
آهستي آهستي ڇوڪرا ۽ مرد ب ايندا ويا۔
۔۔۔پر سڀ هٿين خالي آيا هئا۔
منهنجو ڀا۽ حشو دهلي۽ پهچي ويو هو۔ هن اتان پئسا ۽ ڪپڙا موڪليا۔ باقي منهنجو وڏو ڀا۽ ڪراچي۽ ۾ رهجي ويو هو۔ جڏهن خبر ملي ت اهو ب سنڌ مان نڪتو آهي۔ تڏهن ڄڻ جشن ملهايوسين۔
هاڻي بنگلي ۾ ڪل ڇاهٺ ماڻهو هئاسين۔ ڪچيون ٺهيل باٿ رومس ۽ ڪچا اڏيل رڌڻا ٺاهي۔ هرڪو اڌ ڪمرو ۽ ڪمرو وٺي پنهنجو ڪٽنب سنڀالي رهيو هو۔ رات ٿيندي ئي محفل لڳندي هئي۔آکاڻيون۔پهاڪا۔چرچا ۔ٻارن جون مسخريون ڏسي ۽ ٻڌي اباڻو وطن ڇڏڻ جو ڏک حال وساري ڇڏيوسين۔ ٻار ت بي خبر هئا۔پر وڏن جي دلين ۾ رکي رکي هڪ سوئو چڀندو رهندو هو۔ ساڻيھ جي ڪا خبر!
۔ڪٿان ڪو سنڌي لفظ يا سنڌي۽ سان وابسته ڳاله ٻڌي, من مان بجلي۽ جي ڌارا وهي هلندي هئي۔!
مهينو ب ائين ئي گذريو۔ سڀني پئي سمجهيو ت اجهو ٿو نياپو ملي ت ٺاپر ٿي آهي۔سک سانت آهي۔هاڻي هليا اچو پر اهڙي خبر اچي ڇو ٿي? !!
هاڻي سڀني آکيرو ڦٽائڻ جي تياري ڪئي۔
فقط هڪ ڪٽنب اتي جوڌپور ۾ ئي رهيو۔انهن اتي بسن هلائڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو۔
باقي ڪي دهلي ويا ت ڪي بمبئي ۔ڪي بڙودي ويا ت ڪي ڪلڪتي ۾ وڃي نئين زندگي شروع ڪيائون۔
منهنجا ٻ ڀائر ۽ ڀيڻ اڃا پڙهيا پئي۔ بمبئي يونيورسٽي جي ڪورس لا۽ بڙودو پڻ ڳنڍيل هو۔ ان ڪري اسين بڙودي هلي آياسين۔
ٽرين ۾ چڙهڻ وقت ائين لڳو ڄڻ جيئري هوندي ئي پنهنجي زندگي۽ جو موت ڏٺو اٿم ۽ هاڻ هڪ انجان جيون جي ٻنڀي ۾ بيٺل آهيان۔۔۔۔۔