Larkana Dost Social Forum

Larkana Dost Social Forum Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Larkana Dost Social Forum, Social service, Larkana.

هي کير جي هنڊي هاريندڙ ايس ايڇ او قابل ڀيو آهي ۽ ڪپڙا ڦاٽل پٽ تي ڪريل پڻ ايس ايڇ او قابل ڀيو آهي. مٿين تصوير ۾ هو بدسمت ...
10/09/2026

هي کير جي هنڊي هاريندڙ ايس ايڇ او قابل ڀيو آهي ۽ ڪپڙا ڦاٽل پٽ تي ڪريل پڻ ايس ايڇ او قابل ڀيو آهي. مٿين تصوير ۾ هو بدسمت ۽ بدتميز آهي ۽ هيٺين تصوير ۾ هو بيوس ۽ لاچار آهي. هي تصويرون بدمست پوليس آفيسرن لئہ هڪڙو پيغام آهن تہ پاور ۽ عهدا سدائين ناهن رهڻا. توهان ماڻهن سان نامناسب سلوڪ ڪندا، طاقت جي نشي ۾ انتهائي غليظ قسم جون حرڪتون ڪندا، وڏيرن جي چوڻ تي عام ماڻهن جون زندگيون کسيندا تہ هڪ ڏينهن ڀاڳين جو ضرور ايندو جو اهي هنڌ بہ نہ ڏسندا ۽ عدالتن جي احاطي ۾ پڻ توهان کي اگهاڙو ڪندي بہ دير نہ ڪندا تنهن ڪري ڪڏهن بہ اوقات ۽ انسانيت نہ وسارجي.

لاڙڪاڻي مان سکر بدلي ٿيل ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري جي ٽيم جا 6 آفيسر ء اهلڪار معطل ۽ رورٽ ڊي آء جي اسٽيبلشمينٽ آرڊر جار...
07/09/2026

لاڙڪاڻي مان سکر بدلي ٿيل ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري جي ٽيم جا 6 آفيسر ء اهلڪار معطل ۽ رورٽ

ڊي آء جي اسٽيبلشمينٽ آرڊر جاري ڪري ايس ايس پي سان گڏ سکر ويل 6 ئي آفيسرن ء اهلڪارن جا آرڊر رد ڪري واپس لاڙڪاڻو پوليس رينج ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

معطل ء رورٽ ٿيلن ۾ سب اسپيڪٽر مختيار بهلڪاڻي ، سب انسپيڪٽر فهيم فلپوٽو، سب انسپيڪٽر تصور حيات، سب انسپيڪٽر ارشد محمود شامل

هيڊ ڪانسٽيبل وليد شاه ء سپاهي فهيم شاه به رورٽ ء معطل ٿيلن ۾ شامل

ايس ايس پي سان گڏ سکر ويل 4 ئي سب انسپيڪٽرن کي آباد، روهڙي ، سانگي ء ايئرپورٽ ٿاڻن تي مقرر ڪيو ويو هو

ملڪ جي سرڪاري اسپتال ۾ ھڪ مريض جو ايڪسري ڪيو ويو, ڊاڪٽرن ايڪسري ڏسي ٻڌايو ته تنهنجي ڇاتي ۾ ھڪ زنده ڪاڪروچ آھي جنهن جي اع...
07/09/2026

ملڪ جي سرڪاري اسپتال ۾ ھڪ مريض جو ايڪسري ڪيو ويو, ڊاڪٽرن ايڪسري ڏسي ٻڌايو ته تنهنجي ڇاتي ۾ ھڪ زنده ڪاڪروچ آھي جنهن جي اعلاج لاء توکي لنڊن وڃڻو پوندو.
مريض لنڊن ۾ اعلاج لاء ويو جتي ڊاڪٽرن ايڪسري ڏسي ٻڌايو ته ڪاروڪروچ تنهنجي ڇاتي ۾ ڪونهي بلڪه تنهنجي ملڪ جي اسپتال جي ايڪسري مشين جي اندر موجود آھي جنهن ڪري تصوير ۾ آيل آھي, مھرباني ڪري واپس وڃي ايڪسري مشين جي صفائي ڪرايو...!

دادو: ريما جانوري جو نئون مبينا وڊيو بيان سامهون اچي ويودادو: دادو مان پراسرار نموني گم ٿيل ٽن ٻارڙن جي ماءُ ريما جانوري...
07/09/2026

دادو: ريما جانوري جو نئون مبينا وڊيو بيان سامهون اچي ويو
دادو: دادو مان پراسرار نموني گم ٿيل ٽن ٻارڙن جي ماءُ ريما جانوري جي معاملي ۾ نئون رخ سامهون اچي ويو آهي.
ريما جانوري پنهنجي نئين مبينا بيان ۾ چيو آهي ته ”مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، مان پنهنجي مرضي سان پاڻ هن شخص سان گڏ آئي آهيان.“
ريما جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندس اڳوڻو مڙس به ڪو چڱو ڪون هو “ نه هو. هن الزام لڳائيندي چيو ته سندس مڙس ٻي عورتن کي گهر وٺي ايندو هو ۽ رات جو ساڻس گڏ سمهاريندو هو.
ٻئي طرف ريما جي وارثن پاران اڳ ۾ سندس اغوا جو الزام لڳايو ويو هو ۽ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ريما کي مبينا طور دٻاءَ تحت بيان ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.

دادو: 3 پهريان ٽن ٻارڙن جي ماء ريما جانوري جي پراسرار نموني گم ٿيڻ جو ڊراپ سين۔ ريما جانوري دادو واسي نثار پنهور سان پنج...
06/09/2026

دادو: 3 پهريان ٽن ٻارڙن جي ماء ريما جانوري جي پراسرار نموني گم ٿيڻ جو ڊراپ سين۔
ريما جانوري دادو واسي نثار پنهور سان پنجاب جي علائقي صادق آباد جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪرڻ جي دعوي ڪري ڇڏي
ريما جانوري وڊيو بيان ۾ ڄاڻايو ته اڳوڻو مڙس شڪ،تشدد ڪندو هيو 6 مهينا اڳ زباني طلاق پڻ ڏني هئي، نثار پنهور کي پسند ڪندي هيس ان سان پسند جي شادي ڪئي آهي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو

دادو: غريب آباد مان ٽن ٻارن جي ماءُ ريما جانوري پراسرار طور لاپتا، مڙس جي فرياد تي 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخلدادو جي غريب آباد ...
03/09/2026

دادو: غريب آباد مان ٽن ٻارن جي ماءُ ريما جانوري پراسرار طور لاپتا، مڙس جي فرياد تي 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

دادو جي غريب آباد محلي مان ٽن ٻارن جي ماءُ ريما جانوري جي پراسرار طور لاپتا ٿيڻ واري معاملي ۾ اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مڙس ڪليم الله جانوري جي فرياد تي نثار پنھور، محسن پنھور سميت 4 اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي موجب جوابدار مبينا طور ڏينهن ڏٺي جو گهر ۾ داخل ٿيا ۽ هٿيارن جي زور تي سندس زال ريما جانوري کي اغوا ڪري ويا. ايف آءِ آر ۾ فريادي الزام لڳايو آهي ته جوابدارن جو مبينا طور زناح جي ارادي سان ريما کي اغوا ڪرڻ هو. پوليس ڪيس داخل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته لاپتا عورت ۽ نامزد توڙي اڻڄاتل جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

ایک بات سمجھ لو کراچی اگر پاکستان کا معاشی دل ہے تو سندھ اس کا تاریخی جسم ہے۔ صوبے وفاق کی کالونیاں نہیں، آئینی شراکت دا...
31/08/2026

ایک بات سمجھ لو کراچی اگر پاکستان کا معاشی دل ہے تو سندھ اس کا تاریخی جسم ہے۔ صوبے وفاق کی کالونیاں نہیں، آئینی شراکت دار ہیں،کیا دھرتیاں فائلوں پر لکیریں کھینچنے سے بنتی اور ٹوٹتی ہیں؟

رحمان کورائی۔

ميرپورماٿيلو: وڏيري کي ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي کان روڪيندڙ نوجوان کي لاڪ اپ ڪري بيرحماڻو تشدد ۽ تذليل ڪندڙ ايس ايڇ او ...
31/08/2026

ميرپورماٿيلو: وڏيري کي ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي کان روڪيندڙ نوجوان کي لاڪ اپ ڪري بيرحماڻو تشدد ۽ تذليل ڪندڙ ايس ايڇ او قابل ڀيو معطل.

31/08/2026

”ڪيڏو بہ چاهي دشمن، منهنجو ڊاهي نه سگهندو نقشو
سنڌ جو“

صدر ڪراچي بار ايسوسيئيشن عامر نواز وڙائچ جو هي شعر پڙهڻ رڳو شاعري ناهي، پر سنڌ سان محبت، وفاداري ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان وابستگيءَ جو اظهار آهي.

لاڙڪاڻو: جي ڊي اي جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر تشڪيل حيدر جتوئي ساٿين سميت پ پ پ اڳواڻ  طارق انور سيال جي اڳواڻيءَ ۾ پيپلزپار...
31/08/2026

لاڙڪاڻو: جي ڊي اي جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر تشڪيل حيدر جتوئي ساٿين سميت پ پ پ اڳواڻ طارق انور سيال جي اڳواڻيءَ ۾ پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي.

Address

Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Larkana Dost Social Forum posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category