30/07/2022
وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جا ڪجھ نادان دوست ڪريل حرڪتون ڪري رھيا آھن ۽ اھي دوست ناليون بند ڪري ننڍي بازار جي ماڻهن لاءِ ھربرو مسئلو پيدا ڪري رھيا آھن اڄ شام جو مون ۽ منھنجي يوسي چار جي انتظاميا پوليس کي اھڙو اطلاع ڏنو آھي. ۽ نامعلوم ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ جلدي انھن خلاف ناليون ۽ گٽر بند ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو ۽ اسان جا ڪارڪن پڻ انھن جي ڳولا ڪري رھيا آھن ۽ اھي جلد قانون جي گرفت ۾ اچي ويندا ۽ مان پنھنجي دوستن کي گزارش ٿو ڪريان ته مھرباني ڪري صبر مان ڪم وٺو ۽ قانون واري ادارن کي پنھنجو ڪم ڪرڻ ڏيو. ۽ آءُ پاڙي جي معزز ماڻهن کي گزارش ٿو ڪريان تہ هن ڪم ۾ منھنجي مدد ڪن ۽ مان نھايت ئي شرمسار آھيان انھن دوستن جوجيڪي ھن وقت ھن پريشاني مان گذري رهيا آھن خاص ڪري نمازي ۽ مدرسي جا شاگرد ۽ ھڪ دفعو ٻيهر انھن نادان دوستن کي گزارش ٿو ڪريان ته مھرباني ڪري اھڙي ڪريل حرڪتن کان پاسو ڪيو ۽ ان ڪم ۾ منھنجي مدد ڪريو. مھرباني
پاران: عطا محمد ميمڻ چيئرمين يو سي 04