12/04/2021
پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقو ڏوڪري
11-4-2021
مهمان خاص صدر پ پ پ تعلقو ڏوڪري محترم منير حسين سوهو صاحب ،ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پ پ پ ضلع لاڙڪانه سائين محمد محسن مشوري صاحب ، اي سي ڏوڪري محترم غوث بخش جتوئي صاحب ڏوڪري هاء اسڪول ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پهچي
ايونٽ جو تمام وڏو فائنل ايونٽ ڀٽائي اليون ۽ نور مصطفيٰ الیون ۾ ڏوڪري هاء اسڪول جي گرائونڊ تي ٿي گذري
مصطفيٰ الیون لاٸن تمام وڏي محنت کان پوء فاٸنل پنهنجي نالي ڪري ورتو
ونر ۽ رنر ۾ ٽرافيون ۽ ٻيا انعام تقسيم ڪيا
ڏوڪري ڪرڪيٽ بورڊ جي طرفان آيل مهمانن کي اجر جا طوفا پيش ڪيا ويا
ضلعي لاڙڪاڻي جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري صاحبزادا سائين محمد محسن مشوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ
نوجوانن کي راندين طرف اچڻ سٺو سنئوڻ آھي، جنھن سان نوجوانن جا ذھن پنھنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ فائدي مند ثابت ٿيندا،راند جا ميدان آباد ٿيڻ سان اسپتالون ويران ٿينديون
سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ھيمشہ صحتمند ماحول پيدا ڪيو آھي جنھن سان نوجوان ڪرڪيٽ سميت مڙني راندين ۾ اڳڀرا ٿي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھن
وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي وڌ کان وڌ راندين جي طرف اچڻ کپي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقو ڏوڪري هر ممڪن مدد ڪندي