جي ايم سيد ڪلاس - جيئي سنڌ قومي محاذ تعلقه ڪوٽڙي.

  • Home
  • Pakistan
  • Kotri
  • جي ايم سيد ڪلاس - جيئي سنڌ قومي محاذ تعلقه ڪوٽڙي.

جي ايم سيد ڪلاس - جيئي سنڌ قومي محاذ  تعلقه ڪوٽڙي. Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from جي ايم سيد ڪلاس - جيئي سنڌ قومي محاذ تعلقه ڪوٽڙي., Political organisation, Kotri.

• • 29 ـ حيدر منزل • •ـ ـ سنڌ جو سياسي ڪعبو قبلو ـ ـ 1932ع کان 1938ع تائين سائين محمد ابراھيم جويو صاحب ڊي جي ڪاليج  ڪرا...
07/05/2021

• • 29 ـ حيدر منزل • •

ـ ـ سنڌ جو سياسي ڪعبو قبلو ـ ـ

1932ع کان 1938ع تائين سائين محمد ابراھيم جويو صاحب ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ 1939 بمبئي وڃڻ تائين حيدرمنزل ۾ رهائش اختيار ڪئي...سائين جويي صاحب حيدر منزل کي سنڌ جو "سياسي ڪعبو قبلو" قرار ڏنو.. (محسن جويو)

https://web.facebook.com/ShaheedESindhuDeshعزيز دوستو!اوهان سان شام ملهائڻ ياقوتي کائڻ جي برابر آهي. ههڙن موقعن تي ضروري...
31/03/2020

https://web.facebook.com/ShaheedESindhuDesh
عزيز دوستو!
اوهان سان شام ملهائڻ ياقوتي کائڻ جي برابر آهي. ههڙن موقعن تي ضروري ٿئي ٿو ته ڪجهه ٻڌجي ۽ ڪجهه ٻڌائجي.
مون اوهان کي 4 مارچ 1973ع تي آگاهه ڪيو هو ته سگهو ئي وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن ممڪن آهي ته اوهان تي وڏين جوابدارين جو بار پوي. ان لاءِ اوهان کي تيار ٿيڻو آهي. صرف صالح ۽ لائق ماڻهو ان امتحان مان ڪامياب ٿي نڪرن ٿا. جيل ۾ وڃڻ، لٺيون جهلڻ، سولو ڪم آهي، پر جوابداريءَ جو بار سنڀالڻ اولوڪم آهي. ان ڪم جي سر انجاميءَ لاءِ اوهان کي مخلص ڪارڪنن جو گروهه پيدا ڪرڻو پوندو. جي ڪارڪن سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي مسئلن کي پوريءَ طرح سمجهي سگهن ۽ پنهنجي ذهن صاف ڪرڻ بعد هم خيال دوستن جو تعداد وڌائين.
اوهان کي هيٺين مسئلن تي غور ۽ فڪر بعد صحيح نتيجن تي پهچڻو آهي:

1). قومي نظرئي جي مختلف تصورن جي معلومات حاصل ڪرڻ بعد هڪ نظرئي کي قبول ڪرڻو آهي.
آئون غور، فڪر ۽ تجربي بعد هن نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌ جا رهاڪو زبان، ڪلچر، تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جدا قوم آهن ۽ قومن جي حق خوداراديءَ جي آڌار تي سندن سياسي، اقتصادي ۽ ڪلچرل آزاديءَ، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ پاڻ فيصلا ڪرڻ جا حقدار آهن.
2). سنڌو ديش: برصغير پاڪ ۽ هند ۾ هزارن ورهين کان جدا تاريخي ملڪ رهيو آهي ۽دنيا جي ٻين ملڪن وانگر کيس پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو هرڪو حق آهي.
3. سنڌي زبان: قديم زماني کان سنڌ جي زبان سنڌي رهي آهي. اها پاڪستان ۾ سڀ کان زياده جهوني ۽ شاهوڪار زبان آهي. ان ڪري ان کي ملڪ جي سرڪاري ۽ قومي زبان بنجڻ جو هرڪو حق آهي.
4. ملڪي آئين: آئين سازيءَ جي مسئلي کي سمجهڻ لاءِ پهرين هن ڳالهه جو فيصلو ڪرڻو پوندو ته آئين هڪ قوم جي بنياد تي ٺاهيو وڃي ٿو، يا چئن قومن جي بنياد تي، پهرئين نظرئي مطابق سنڌي اقليت ۾ ٿي، ٻئي اڪثريت واري صوبي جي ڪثرت جا محتاج ٿي پوندا. ٻئي نظرئي مطابق ڪو به آئين سنڌين جي رضامندي کانسواءِ ٺهي نه سگهندو.

(الف) هڪ قومي نظرئي جي آڌار تي اڪثريت وارو صوبو (پنجاب) سندس تعداد، پئسي، ملٽري ۽ سول سروس جي آڌار تي سنڌ تي حاوي رهندو، جنهن ڪري سنڌ جي پئسي، وسيلي، سنڌ تي حڪومت ڪندو.
(ب) ان نظرئي جي آڌار تي سنڌ جي پيدائش، زمين، ڪارخانن ۽ نوڪرين تي ٻين صوبن جي رهاڪن جو استحصال رهي سگهندو.
(ت) هڪ قومي نظرئي جي آڌار تي نظرئي پاڪستان، اسلامي آئين، مضبوط مرڪز جي چنبي مان سنڌي نڪري نه سگهندا.
(ث) ان نظرئي جي آڌار تي ٻين صوبن جا رهاڪو هن صوبي مان پيسا ڪمائي، ٻاهر کڻي، صوبي جي معيشت کي نقصان پهچائي سگهندا.
(ج) ان نظرئي جي آڌار تي ٻاهرين مٽا سٽا، واپار، بئنڪن، ريلوي، پوليس، ٽيليگراف، ريڊئي، ٽيليويزن، کاڻين ۽ اقتصادي ادارن تي مرڪزي حڪومت جو قبضو رهندو.
(ح) ان نظرئي جي آڌار تي دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ ڪرنسي کانسواءِ ٻين کاتن تي به مرڪز کي اختيار هوندو.
(خ) ان نظرئي جي آڌار تي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سنڌين کي ساري پاڪستان جي آباديءَ جي لحاظ کان نمائندگي ملندي.
(د) ان نظرئي جي آڌار تي مرڪزي حڪومت جي نوڪرين ۾ سنڌين کي هن وقت وانگر صرف هڪ سيڪڙو نوڪريون ملنديون.
(ذ) ان نظرئي جي آڌار تي سول سروس مرڪزي حڪومت جي هٿ هيٺ رهڻ ڪري صوبائي خودمختياري بيڪار بڻجي ويندي.
(ر) ان نظرئي جي آڌار تي ملڪ جي قوم زبان، غير ملڪي اردو زبان ٿيندي.
(ز) ان نظرئي جي آڌار تي ملڪ ۾ مذهب ۽ سياست گڏيل رهندا.
(س) ان نظرئي جي آڌار تي ڀر وارن ملڪن سان مخاصمت جي پاليسي جاري رهندي.
(ش) ان نظرئي جي آڌار تي ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ ڪالونائيز ڪرڻ جي ڇوٽ رهندي.
(ص) ان نظرئي جي آڌار تي سوشلزم پوريءَ طرح رائج ٿي نه سگهندي.

(5) سنڌي ڪلچر:
سنڌ کي گذريل چئن هزار ورهين جي تاريخ آهي. جنهن جي بنياد تي هن پنهنجو قومي ڪردار ۽ ڪلچر ٺاهيو آهي. اهي سندن قومي ورثا آهن. انهن کي وساري، نون آيل ماڻهن جي ڪلچر ۾ مٽائجڻ سنڌين لاءِ پاڻ وسارڻ جي برابر ٿيندو.

سامراجي مفاد جو استحصال:
سنڌين کي ان ڳالهه بابت ذهن صاف ڪرڻا آهن ته اهي ڪهڙا مستقل مفاد آهن، جي سندن استحصال ڪن ٿا. ٿوري غور بعد پتو پوندو ته مهاجر پنجابي مستقل مفاد سندن سياسي آزادي سلب ڪيو ويٺا آهن، سندن اقتصادي ذريعن تي قابض آهن، سندن ڪلچر تي غلبو ڪري ويا آهن. ان جي سدباب لاءِ ويچار ڪرڻو اٿن.

قومپرستي ڇا کي چئجي ٿو؟
مٿي چئي آيو آهيان ته اسان سنڌين جي جداگانه قوم کي مڃون ٿا. پر ڏسڻو آهي ته سنڌي قومپرستيءَ جا بنيادي متا ڪهڙا آهن؟ منهنجي نظر ۾ اهي هيٺيان ٿي سگهن ٿا:

(الف) سنڌ جي جدا ملڪ ۾ ويساهه رکڻ.
(ب) پاڪستان هڪ ملڪ نه آهي، بلڪه چئن جدا ملڪن جو مجموعو آهي، ان ۾ اعتماد رکڻ.
(ت) سنڌي وطن، زبان،ڪلچر، تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جدا قوم آهن.
(ث) سنڌي جدا قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي مستقبل بابت فيصلي ڪرڻ جو حق رکن ٿا.
(ج) سنڌي قومپرستيءَ جي راه ۾ رڪاوٽون، نظريه پاڪستان، اسلامي نظام حڪومت، مضبوط مرڪز ۽ پاڪستان جا مجموعي مفاد آهن.

(8) سيڪيولر نظام حڪومت:
ساري دنيا ۾ حڪومتي نظام سيڪيولر بنيادن تي ٻڌل آهي، پر هتي پاڪستان ۾ هڪ سامراجي مستقل مفاد عوام جو توجهه ملڪ جي حقيقي مسئلن کان هٽائڻ لاءِ اسلامي نظام حڪومت جو راڳ اچاري رهيا آهن. ان جو مقصد عقل جي عيوض مذهب جي نالي ۾ ملا جي اٿارٽيءَ هيٺ حڪومت هلائڻ آهي. جي ملا گهڻي قدر سرمائيدار ۽ حاڪم جا ايجنٽ ٿي ڪم ڪن ٿا.

(9) صحيح جمهوريت ڇا آهي؟
صحيح جمهوريت ۾ هيٺين ڳالهين جو هئڻ ضروري آهي.
(الف) ان ۾ هڪ قوم جو ٻيءَ قوم تي سندس اڪثريت، قابليت، تشدد، پئسي ۽ هنر جي آڌار تي تسلط قائم نه رهندو.
(ب) جنهن ۾ هڪ گروهه يا طبقو ٻئي گروهه يا طبقي جو اقتصادي استحصال ڪري نه سگهي ۽ ملڪ جي جملي ماڻهن کي هڪ جهڙا حق ۽ موقعا حاصل هجن.
(ت) جنهن ۾ شاهوڪار، ڪارخانيدار، ملا ۽ پير کي سياست ملڪ ۾ دست اندازي ڪرڻ تي بندش هجي.

(10) سوشلزم ڇا آهي؟
ان جو مقصد ملڪ جي جملي پيداواري ذريعن، ورهاست ۽ پئسي تي عوامي حڪومت جو تسلط هئڻ آهي. جا ان تسلط کي ماڻهن جي مجموعي مفاد لاءِ ڪتب آڻيندي. ان ۾ شخصي ۽ طبقاتي استحصال جا رستا بند ڪيل هوندا آهن. ان جو بنياد زماني جي حقيقتن ۽ عقل جي آڌار تي ٿئي ٿو. مذهبن ۾ شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي بچاءُ ڏنل آهي. جنهنڪري سوشلسٽ معاشري جي حصول ۾ رڪاوٽ پوي ٿي. اسلامي سوشلزم ٿيندو ئي نه آهي.
(11) اسلامي آئين ۽ اسلامي نظام حڪومت:
ملڪ جو آئين معاشري جي حالتن جي آڌار تي هلايو وڃي ٿو. تنهنڪري اسلامي آئين يا اسلامي نظام حڪومت ٿيندا ئي ڪو نه آهن. جيڪي ماڻهو اهڙي گفتگو ڪن ٿا، سي يا ته ڌوڪيباز آهن يا ته بيوقوف آهن.
(12) سنڌو ديش جي معنيٰ ڇا آهي؟
سنڌو ديش جي معنيٰ سنڌو طاس جي موجوده سنڌ ملڪ واري ايراضي آهي. ان ملڪ هزارن ورهين کان پنهنجي علحده حيثيت قائم رکي آهي. سنڌ ۽ سنڌو ديش ۾ تفاوت هي آهي ته سنڌ ۾ ساري انڊس ويليءَ وارو ملڪ اچي وڃي ٿو، پر سنڌو ديش ۾ صرف موجوده سنڌ جي ايراضي آهي. جيئن بينگال جي معنيٰ اڀرندو ۽ الهندو بنگال آهي ۽ بنگلاديش جي معنيٰ صرف اڀرندي بنگال وارو آزاد ملڪ آهي. سنڌو ديش نالي وٺڻ مان اسان جو مقصد ان خطه زمين جي سياسي آزادي، اقتصادي خوشحالي ۽ ڪلچرل ترقي ٿئي ٿو، جا هن وقت صوبي سنڌ تي مشتمل آهي.
(13). سنڌي قوم جي تڪميل:
اها حقيقت آهي ته سنڌ جا رهواسي علحده قوم سڏائڻ جا حقدار آهن. پر ان ڳالهه کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي، ته هڪ فعال، باغيرت ۽ يڪجهت قوم بنجڻ لاءِ جنهن قومي عصيبت جي ضرورت ٿئي ٿي، سا اڃا سنڌ جا رهاڪو پوريءَ طرح پيدا ڪري نه سگهيا آهن. ان جي راهه ۾ رڪاوٽون آهن، تن جي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. مثلاً پير، وڏيرو ۽ غلام صفت مڊل ڪلاس جي اڪثريت ان ۾ رڪاوٽون آهن.
(14). پاڪستان ۽ سنڌ:
سنڌ پاڪستان کانسواءِ رهي سگهي ٿي، پر پاڪستان جو سنڌ کان سواءِ قائم رهڻ مشڪل آهي. پاڪستان جي قيام جو مدار حڪمران طبقي جي سنڌ سان برتاءُ تي آهي. جيڪڏهن سندن موجوده ذهنيت ۾ تبديلي آڻي، سنڌ ۽ سنڌين جي قومي وجود کي تسليم نه ڪيو ۽ سنڌين کي سندن واجبي حق نه ڏنا، ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي قائم رکي نه سگهندي.
(15). پاڪستان جون موجوده سياسي پارٽيون:
پاڪستان ۾ موجوده سياسي پارٽيون سواءِ “جيئي سنڌ” ۽ “خدائي خدمتگار” جي سڀ آل پاڪستان جماعتون آهن. اهي بنيادي طرح نظرئي پاڪستان جي آڌار تي ٺهيل آهن. جنهن ۾ سنڌ ۽ ٻين صوبن جي جداگانه حيثيت جو انڪار ڪيل آهي. انهن ۾ سنڌي قومپرست جو داخل ٿيڻ، سنڌ جي موت جي وارنٽ تي صحيح ڪرڻ جي برابر آهي.
(16). حڪومتن جي پاليسي:
سنڌين کي هر حڪومت جي پاليسي رکڻ لاءِ ڪي ڪسوٽيون مقرر ڪري، ان مطابق فيصلو ڪرڻو پوندو. منهنجي نظر ۾ هيٺيون ڳالهيون آهن، جن جي آڌار تي اوهان حڪومتن جي پاليسيءَ بابت راءِ ظاهر ڪري سگهو ٿا:
نظرئي پاڪستان ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت، سنڌين کي ڪڏهين به فائدو پهچائي نه سگهندي.
مضبوط مرڪز ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت سنڌ جي دشمن ٿيندي.
اسلامي آئين يا اسلامي نظام حڪومت ۾ مڃيندڙ سرڪار سنڌ لاءِ هاڃيڪار ٿيندي.
اصولن تي هلڻ جي بجاءِ اقتدار جي قيام کي ترجيح ڏيندڙ حاڪم سنڌ جا خيرخواه ٿي نٿا سگهن.
سنڌين جي جدا گانه قوم ۽ سنڌو ديش جي آزاديءَ جي اصولن کان انڪار ڪندڙ حڪومت، سنڌ دشمن شمار ڪري سگهجي ٿي.

(17). سنڌين لاءِ مفيد خارجا پاليسي:
ٻاهرين ملڪن مان آمريڪا اسرائيل تان بار جهڪو ڪرائڻ خاطر پاڪستان کي ڀارت سان ويڙهائڻ گهري ٿي. آمريڪا هٿيارن جي نيڪال لاءِ جنگجويانه پاليسيءَ جي حامي آهي. آمريڪا روس جي دشمنيءَ خاطر پاڪستان جي مهاجر پنجابي مستقل مفاد تسلط قائم رکڻ جي حامي آهي. چين، ڀارت جي طاقت کي ايشيا ۾ ڪمزور ڪرڻ لاءِ، ڀارت دشمني اختيار ڪئي آهي. انهيءَ ڪري پاڪستان جي معاملي ۾ هو آمريڪا جي پوئلڳيءَ ۾ هلي ٿو. تنهنڪري سنڌين لاءِ ڪنهن به حڪومت جي آمريڪا ۽ چين سان دوستي، سنڌي حقوق لاءِ نقصانڪار ٿيندي. ڀارت، روس، افغانستان، ايران ۽ عرب ملڪن سان دوستي سنڌي مفاد وٽان آهي.
(18). پئن اسلامزم:
هيءُ نظريو فرسودو ۽ بيڪار بنجي چڪو آهي. آئيندي مختلف ملڪن سان تعلقات سيڪيولر بنيادن تي پيدا ڪرڻ گهرجن. انهيءَ نظرئي ۾ اعتماد رکڻ سان اڻ سڌيءَ طرح سنڌين کي مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراج ۽ انهن جي مددگار آمريڪا ۽ چين سامراجين جي سازشن ۾ ڦاسائڻ جي برابر ٿيندو.
(19). سياسي اخلاق:
سياست ۾ جهڙيءَ طرح اصول مقرر ڪرڻ ضروري آهن، اهڙيءَ طرح انهن اصولن تي عمل ڪرڻ به لازمي آهي. جي ماڻهو شخصي اخلاق برقرار رکي نٿا سگهن، انهن کان اصولي يا سياسي اميد رکڻ، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. ابن الوقتي ۽ ڦرڻي گهرڻي پاليسي عارضي طور ڪن شخصن کي وقتي فائدو ڏئي سگهي ٿي. ليڪن اهڙي پاليسي قومن ۽ ملڪن جي دير يا مفاد لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي.

(20). ذهني قابليت ۽ صلاحيت:
ڪي به افراد، گروهه يا قومون حڪومت هلائڻ جون اهل ٿي نه سگهنديون، جيڪڏهن انهن ۾ ذهني صلاحيت پيدا نه ٿي آهي. انهيءَ کانسواءِ حاصل ڪيل اقتدار پآڻيءَ جي ڦوٽي جي مثل آهي، جو هوا جي جهوٽي سان ختم ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري جيڪڏهن اوهان پنهنجي ملڪ جا وارث ٿيڻ گهرو ٿا، ته سياسي اخلاقي ۽ ذهني صلاحيت جا حامل ٿيو.

(21). سياستدانن جا قسم:
هڪڙا پرئڪٽيڪل پاليٽيشن آهن، جي سياست عمليءَ ۾ اعتماد رکندي، عارضي ڪاميابي يا اقتدار جي حصول لاءِ اصولن کي قربان ڪن ٿا. ٻيا آئڊيلسٽ سياستدان آهن، جي ملڪ ۽ قوم جي مجموعي مفاد لاءِ ڪي اصول مقرر ڪري، ان مطابق هلن ٿا ۽ بين کي ان تي هلڻ جي ترغيب ڏين ٿا. انهن وٽ عارضي ڪاميابي يا اصولن کي قربان ڪرڻ بعد اقتدار جو قيام بي معنيٰ شيون آهن.
اهي ۽ ٻيا اهڙا سوال آهن، جن بابت اوهان کي ذهن صاف ڪرڻا پوندا. بجاءِ ان جي جو اوهان ٻاهر نڪري حڪومت جي پاليسيءَ يا ڪن پارٽين جي فائدي يا مخالفت لاءِ ڪم ڪريو. بهتر ايئن آهي ته شاگرد برادريءَ جي ذهنن صاف ڪرڻ واسطي، سندن تعليم ۽ ترغيب لاءِ وقت صرف ڪيو. اوهان کي دعوت ڏجي ٿي ته 12 شاگردن جا گروپ هفتي کن لاءِ موڪل وٺي، ملڪي مسئلن، سياسي نظرين ۽ اخلاقي ڳالهين جي وچ ۾ تميز حاصل ڪرڻ لاءِ مون وٽ سن ۾ اچي، ڪچهري ڪري، تربيت حاصل ڪن.

(هي تقرير سائين جي ايم سيد 31 مارچ 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ۾ ڪئي)

خادم السنڌ سرفراز ميمڻ

عزيز دوستو!اوهان سان شام ملهائڻ ياقوتي کائڻ جي برابر آهي. ههڙن موقعن تي ضروري ٿئي ٿو ته ڪجهه ٻڌجي ۽ ڪجهه ٻڌائجي.مون اوها...
20/01/2020

توکي ڏسندي ٿيو ويساھ جاڻي خدا سنڌ جئندي سدا سنڌ جئندي سدا
17/01/2020

توکي ڏسندي ٿيو ويساھ جاڻي خدا
سنڌ جئندي سدا سنڌ جئندي سدا

منهنجي من مندر جا سائينبلبل جي گلشن جا سائينتنهنجي سر تان صدقي هي سرتنهنجو رهبر منهنجو رهبرسائين جي ايم سيد سائين جي ايم...
17/01/2020

منهنجي من مندر جا سائين
بلبل جي گلشن جا سائين
تنهنجي سر تان صدقي هي سر
تنهنجو رهبر منهنجو رهبر
سائين جي ايم سيد سائين جي ايم سيد
سموري سنڌي قوم کي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 116 هين سالگرھ جون مبارڪون۔

اچو ت جدوجھدن جا ميدان سجايون" "شھيد بشير خان قريشي" جيان پوء ڏسون ت ڪھڙو ماء جو لال ڊيم ٺاهڻ   ت پري  رڳو ڳالھ ڪرڻ جي ھ...
21/09/2018

اچو ت جدوجھدن جا ميدان سجايون"
"شھيد بشير خان قريشي"
جيان پوء ڏسون ت ڪھڙو ماء جو لال ڊيم ٺاهڻ ت پري رڳو ڳالھ ڪرڻ جي ھمت ٿو ڪري" سنڌ گدڙن ناھي ڪاڌي جو لولا لنگڻا سنڌ امڙ جي ھنج کي اجاڙن*

30/06/2018
05/06/2018

*ڪالاباغ ڊيم سنڌ کي بنجر ڪرڻ جو منصوبو:*

پاڪستان کان اڳ 1945ع ٺاھ موجب پاڻي جي ورڇ سنڌ جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا. سنڌ صوبي جي پاڻي جي گھرج گھٽجڻ بجاء وڌڻ لڳي ـ 14 آگسٽ 1947ع قيام پاڪستان کانپوء پيدا ٿيندڙ صورتحال سنڌ صوبي مٿان خراب اثر ڇڏيا ـ 14 آڪٽوبر 1955ع کان ھلندڙ پاڪستان جي تاريخ ۾ ون يونٽ ڪارو باب 30 جون 1970ع تي ٽٽي چڪو ھو ـ ون يونٽ دوران 1960ع سنڌ طاس معاهدي جي ڪري سنڌو جي وھڪرن تي خراب اثر پيا ان تي به سڄي سنڌ ساراپا احتجاج بڻيل ھئي ـ 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ٿيندي ئي يڪدم سنڌ پاڻي جو مسئلو اٿاريو جنهن جي حل لاء فضل اڪبر ڪميٽي جوڙي وئي ان ڪميٽي سنڌ جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو ـ پر سنڌ اھو فيصلو قبول نه ڪيو ۽ پاڻي جي کوٽ ذولفقار علي ڀٽو جي دؤر اقتدار ۾ به ھلندي رھي ـ ان دوران 11 سال جنرل ضياء الحق جي آمريت وارو دؤر به اھو مسئلو حل نه ڪري سگھيو ـ 1991ع عوامي دؤر ۾ بظاهر ٺاھ ٿيو ـ جنهن کي 91 وارو ٺاھ چيو ويندو آھي ـ ٺاھ مطابق سڀني صوبن جي پاڻي جي ورڇ ڪئي وئي آھي ـ
3 مارچ 1991ع نواز شريف جي دؤر حڪومت ۾ صوبن جي پاڻي جي ورڇ ڪئي وئي ـ جيڪا ڪجهه ھن ريت ھئي ته پنجاب صوبي کي خريف ۾ 37.07 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ ربيع ۾ 18.87 ملين ايڪڙ فوٽ ڪل ورڇ 55.94 ملين فوٽ ايڪڙ پنجاب صوبي کي پاڻي ڏنو ويندو ـ جڏهن ته سنڌ صوبي کي خريف ۾ 33.94 ملين فوٽ ايڪڙ ۽ ربيع ۾ 14.82 ملين فوٽ ايڪڙ ڪل ورڇ 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سنڌ صوبي کي ڏنو ويندو ـ صوبي سرحد کي ٻن حصن ۾ پاڻي ورھائي ڏنو ويندو ھڪ (اين ـ ڊبليو ـ ايف ـ اي) کي خريف ۾ 3.48 ملين فوٽ ايڪڙ ۽ ربيع ۾ 2.30 ملين فوٽ ايڪڙ ڪل ورڇ 5.78 ملين فوٽ ايڪاڙ پاڻي ڏنو ويندو ـ جڏهن ته سول ڪينال (بي) ۾ خريف ۾ 1.80 ملين فوٽ ايڪڙ ۽ ربيع ۾ 1.20 ملين فوٽ ايڪڙ ڪل ورڇ 3.00 ملين فوٽ ايڪڙ ڏنو ويندو ـ بلوچستان صوبي کي خريف ۾ 2.85 ملين فوٽ ايڪڙ ۽ ربيع ۾ 1.02 ملين فوٽ ايڪڙ ڪل ورڇ 3.87 ملين فوٽ ايڪڙ ڏنو ويندو ـ يعني چئيني صوبن ۾ ڪل 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي ورڇ ڪئي وئي ـ ان ورڇ ۾ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ھجڻ ڪري عام استعمال ۾ ۽ صنعتي استعمال لاء الڳ پاڻي ڏنو ويو ـ پر پنجاب ھميشـ آمران سوچ رکندڙ رھيو آھي ان پاڪستان ملڪ نه پنجاپستان بڻايو آھي پنجاب ھميشـ سنڌ صوبي جا حق کاڌا آھن پوء ان ۾ پاڻي ھجي يا ـ صنعتي ـ ڪوئلو ـ تيل ـ لوڻ ۽ ٻيا ڪيترائي معدني وسيلا شامل آھن انهن سڀني وسيلن تي پنهنجي مالڪي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي ان سان گڏوگڏ سنڌ صوبو جيڪو سنڌ ڌريا جي ڪپ تي آباد آھي ان تي به پنجاب پنهنجي مالڪي جو اڄ به دعويدار آھي اھو تنازيو به ھلندڙ آھي ـ پاڻي جي ڪوٽ جو مسئلو 91 ٺاھ باوجود اڄ به تڪرار جو شڪار آھي پنجاب پنهنجي روايت رکندي اڄ به سنڌ صوبي 91 ٺاھ جي ورڇ موجب پاڻي ڏيڻ لاء تيار ناھي ـ پنجاب صوبي اندر ننڍا ننڍا ڊيم ۽ ڪينال ٺاھي سنڌ جي پاڻي مٿان ڌاڙو ھنيو پيو وڃي ـ 2010ع جي مھا ٻوڏ کانپوء پنجاب پاران صوبي اندر 2 ڪينال چشما لنڪ ڪينال ۽ تونسا لنڪ ڪينال ٺھرايا ويا جنهن جو مقصد فلڊ يعني ٻوڏ جو پاڻي جمع ڪرڻ ھو پر اھي ڪينال ڪجهه وقت کان خولي سنڌ جو پاڻي چواريو پيو وڃي ان تي سنڌ حڪومت ۽ اپوزيشن صوبائي اسيمبلي ۾ سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ خلاف رٿ پيش ڪئي وئي جيڪا متفق راء سان منظور ڪئي وئي ان رٿ جي ن ليگ جي ميمبرن به حمايت ڪئي ـ ان کان علاوه قومي اسيمبلي ۾ به ان تي بحث ھلندڙ آھي ـ سنڌ حڪومت سميت سنڌ جون قوم پرست پارٽين سميت سنڌ جي دانشورن ۽ اديبن علمي ادبي سنگت وارن دوستن کي گھرجي ته پنجاب خلاف سراپا احتجاج ڪن ۽ سنڌ جو پاڻي چوري ٿيڻ کان بچائين اگر ائين نه ٿيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جنهن ۾ پاڻي جي سطح زيرو آھي ۽ ڊيلٽا کي پس منظر ۾ رکي چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جا تاريخي شھر ٺٽو ـ سجاول ـ بدين ـ پنهنجي تاريخي اھڃاڻ کان محروم ٿي ويندا ۽ سوين لک سنڌ جي زيمن بنجر بڻجي ويندي ڇو ته سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ سنڌ جي 20 لک زمين ڳڙڪائي چڪو آھي ۽ ارسا رپوٽ مطابق پنجاب صوبي ۾ 40 ملين ايڪڙ فوٽ مٺي پاڻي جا زخيرا موجود آھن باقي ٻين صوبن سميت سنڌ صوبو پنجاب جي بنسبت زير زمين مٺو پاڻي نه ھجڻ برابر آھي ـ

19/05/2018

ڪتاب : سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ
پيش لفظ (حصو چوٿون)

پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو. پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ جي پهرين بيٺڪ ۾ پاڪستاني حڪومت جي اڳواڻ مسٽر محمد علي جناح ملڪ جي صحيح حالتن جو اندازو لڳائي، جا تقرير ڪئي، ان جا مکيه ٽڪرا پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هيٺ ڏجن ٿا.
“آئون سمجهان ٿو ته هينئر گذشته کي درگذر ڪري، اوهان مان هرهڪ ملڪي باشندي کي، پوءِ اهو ڪهڙي به فرقي جو هجي يا اڳي اوهان سان ڪهڙا به اختلاف هجنس، يا ڪهڙي به رنگ جاتيءَ ۽ متن جو هجي، ساڳي ملڪ جو شهري، هڪجهڙن حقن ۽ جوابدارين سان شمار ڪرڻ گهرجي.”
آئون هن ڳالهه کي وڌيڪ دهرائڻ مناسب نٿو ڄاڻان ته اسان کي اهڙي جذبي سان ڪم ڪرڻ گھرجي، جو هي سڀ تفاوت، اقليت واري فرقي هندو فرقي ۽ مسلمان فرقي جا ڇاڪاڻ ته خود مسلمانن ۾ پٺاڻ، پنجابي، سني، کوجا، ميمڻ، وغيره آهن، ۽ اهڙيءَ طرح سان هندن ۾ برهمڻ، کتري، وئش، بنگالي ۽ مدراسي وغيره آهن، سي سڀ گم ٿي وڃن.”
“مون کان جيڪڏهن پڇو ته سچ پچ اها ڳالهه هندستان جي آزاديءَ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ هئي. هيءَ نه هجي ها ته اسان هن کان گهڻو وقت اڳ آزاد هجون ها. ڪوبه چاليهه ڪروڙ ماڻهو جي قوم کي غلام رکي نٿو سگهي ۽ نه اوهان کي فتح ڪري سگهي ها، پر جي کڻي فتح ڪري ها، ته به گھڻي دير تائين قبضي ۾ رکي نه سگهي ها. تنهن ڪري اوهان کي سبق وٺڻ گهرجي.
“اوهان هن پاڪستان جي حڪومت ۾ آزاد آهيو ته پنهنجن مندرن ۽ مسجدن ۾ وڃو، اوهان جي مذهب يا فرقي يا متن کي ملڪ جي ڪاروبار سان ڪوبه واسطو نه آهي.”
“تاريخ ڏيکاري ٿي ته ڪجهه وقت اڳ انگلنڊ جون حالتون، هندستان جي هن وقت جي حالتن کان گهڻو خراب هيون. جيڪڏهن اوهان تاريخ پڙهي آهي، ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته اتي رومن ڪئٿلڪ ۽ پراٽسٽنٽ، هڪ ٻئي کي تڪليف پهچائيندا هئا. خود هينئر به ڪي حڪومتون آهن، جتي ڪن طبقن تي بندش وڌي وڃي ٿي، يا منجھن تفاوت رکيا وڃن ٿا.”
“خدا جو شڪر آهي، جو اسان ان وقت شروعات ڪئي آهي، جڏهن هڪ فرقي ۽ ٻئي فرقي يا هڪ جاتيءَ ۽ متي جي ماڻهن جي وچ ۾ڪوبه تفاوت ناهي. اسان انهيءَ بنيادي اصولن سان شروعات ڪريون ٿا ته، اسين سڀ هن ملڪ جا هڪجهڙا شهري آهيون.”

19/04/2018

سرمدي گيتي منصور جو همنشان
هن جي نالي کان ڏڪندڙ منات ۽ عذا
هن سان لشڪر خزاني سان راڪش لڙيا
هن چيو مون لاءِ ڪافي آ منهنجو خدا
هن زماني جي کوٽي روايت ڀڳي
هن چيو ماڻهو ماڻهو آ يزدان نه آ
سر خدا جي اڳيان جو جھڪي سو جھڪي
ٻيو پرستش جي لائق انسان نه آ
هن جي ڏينهن ۾ سفيد پڳڙيون ٻڌهل
اهل_تسبيع به ها اهل_تقوا به ها
بت پرستي سان اٽڪڻ جي جرت نه هئي اهل_منسب به ها رڻ جا جوڌها به ها
هڪڙو مرد_قلندر صفا ناتوا
جنهن جي دستار ڦاٽل ۽ ليرون هئي
جنهن جي ڪپڙن تي چتيون ۽ پيوند ها
جان تانن جي تيرن سان سيرون به هئي
هن جي للڪار سان لرزيا بت قدا
چنڊوخانن جي چانٺ به ڌڏڪڻ لڳي
ڪن ته سجاد پوشن جا پٽڪا ڏريا
ڪريودل فقيرن جي پيرن جي ڦٿڪڻ لڳي
اي مسند نشينو گھڻو هي ٿيو
هاڻي درگھائون تڪيا به خالي ڪريو
ٿو ملائڪ جو مسجود انسان اچي
ان جي بهيجي ۾ گانجيا نه آفيم ڀريو
لاڙ تنهنجي لٽيل سينڌ لُٽبي رهي
ڪالھ جليو ٺٽو اڄ ڪلاچي به وئي
اڄ تماچي جي تڙ تان مهاڻا تڙيا
اڄ آمي ۽َ پاپيءَ جي ميت اٿي
اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو
خون_ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ
تنهنجي اوڇي روش جي نه پرواه اٿم
خون_عاشق ۾ ليڪن حرارت نه آ
مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پڙھ
ٻي شهيدن جي رت جي ڪهاڻي نه آ
هڪ بلاول هيو جو گهاڻي ۾ ڪٽجي ويو
هڪڙو سن جو سيد آ جنهن جي پڄاڻي نه آ

01/08/2017

سنڌ ڌرتيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ بشير خان ولد غلام
مرتضيٰ قريشيءَ جو جنم 10 آگسٽ 1959ع تي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي جي موٽڻ پور پاڙي ۾ ٿيو. بشير قريشي جي پرورش هڪ وچولي گهراڻي ۾ ٿي. سندس والد ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي هلائيندو هو ۽ اناج جو واپار ڪندو هو. بشير خان پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم رتيديري ۾ حاصل ڪئي. انٽر جو امتحان شڪارپور جي سي. اينڊ. ايس ڪاليج مان پاس ڪيائين. جنهن بعد 1976ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ورتائين، جتي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو پهريون ڀيرو کيس 1978ع ۾ ٽنڊو ڄام مان گرفتار ڪيو ويو. 1980ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) زرعي يونيورسٽيءَ جو صدر بڻيو. 1980ع ۾ ٻيو ڀيرو لاڙڪاڻي مان کيس گرفتار ڪيو ويو. 1982ع ۾ کيس جساف مرڪز جو نائب صدر بڻايو ويو. 28 ڊسمبر 1984ع تي شادي ڪيائين. 18 جنوري 1985ع تي وري کيس رتيديري مان گرفتار ڪيو ويو. فوجي عدالت حيدرآباد ۾ مٿس ڪيس هلايو ويو ۽ ٻن ڪيسن ۾ کيس هڪ هڪ سال قيد ۽ ڏهن ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي وئي. 15 آگسٽ 1986ع تي سزا ڪاٽي آزاد ٿيو ۽ 1988ع تائين جساف جي مرڪزي صدر جي عهدي تي رهيو. 11 آگسٽ 1988ع تي لساني فسادن دوران کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ 18 مهينا جيل ۾ رهيو. 1992ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ وجود ۾ آئي. جنهن جو کيس مرڪزي نائب صدر ۽ 1993ع ۾ مرڪزي صدر مقرر ڪيو ويو. 20 جنوري 1994ع تي وري گرفتار ٿي ويو. 1995ع ۾ سائين جي. ايم سيد جي وڇوڙي بعد جيئي سنڌ قومي محاذ جو وجود پيو ته پاڻ ان وقت جيل ۾ هو. ان دوران جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين عبدالواحد آريسر ۽ ڊپٽي ڪنوينر بشير خان کي چونڊيو ويو. نومبر 1996ع ۾ آزادي بعد کيس جيئي سنڌ قومي محاذ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 1997ع ۾ رتوديرو شهري اتحاد جو سرپرست اعليٰ مقرر ٿيو. 1998ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي آخر تائين فائز رهيو. بشير قريشي 17 جنوري 1999ع تي سيد جي سالگرهه دوران وري گرفتار ٿيو. سال جي آخر ۾ 29 ڊسمبر 1999ع تي ضمانت تي آزاد ٿيو. بشير خان قريشي 2000ع ۾ ٻيهر ڪراچيءَ مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن دوران سندس ڪپڙا ڦاڙي کيس وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ان بعد زندگيءَ جي آخر ۾ هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ ڪراچيءَ ۾ رينجرس هٿان گرفتار ٿيو.

هيءُ پهريون ماڻهو هو جنهن جي ضمانت لاءِ 150 وڪيلن ڪيس وڙهڻ جون درخواستون جمع ڪرايون.
بشير قريشي کي اهو اعزاز حاصل هو ته هو سائين جي. ايم سيد جي تمام ويجهو رهيو ۽ سندس اعتماد جوڳن ڪارڪنن منجهان هڪ هو.
سائين جي. ايم سيد جي وفات بعد اهو تاثر عام هو ته سندس نظرياتي پوئلڳي ختم ٿي ويندي، پر سندس وفات بعد ماڻهن سائين جي. ايم سيد جي نظريي تي ثابت قدم رهي، ان تاثر کي غلط ثابت ڪيو.

بشير قريشي ڪيترائي دفعا جيل به ڪاٽيا، ڦٽڪا به کاڌا پر ڪڏهن به جهڪيو ڪو نه. تڏهن ئي ڪنهن شاعر کي هيئن لکڻو پئجي ويو هو ته:

بشير خان هر سنڌ دشمن سازش خلاف مهاڏو اٽڪائيندو رهيو. 1988ع ۾ جڏهن هندستاني پناهگيرن سنڌ ۾ رت جي راند رچائي ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۾ سنڌين جو قتلام شروع ڪيو. سنڌي عورتن کي اغوا ڪري سندس ارهن تي ٺپا هنيا ۽ طرحين طرحين جون اذيتون ڏنيون. سنڌي ماڻهن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان لڏڻ شروع ڪيو. ان وقت پٽڪي ٽوپي ۽ اجرڪ واري جو حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ مشڪل هوندو هو. اهڙي مشڪل گهڙيءَ ۾ بشير خان قريشي ۽ ٻين سنڌ دوست ڌرين جو ڪردار نهايت قابل تعريف رهيو.بشير خان قريشي 1998ع ۾ ڪالاباغ ڊيم واري مسئلي تي سڄي سنڌ جو دورو ڪيو ۽ گهر گهر وڃي ڪالاباغ ڊيم واري منصوبي سان سنڌ کي پهچندڙ نقصان کان اڳواٽ آگاهه ڪيو ۽ ڊيم خلاف احتجاج ڪرڻ جي سجاڳي ڏني.
بشير خان قريشي طبيعت جو نهايت سڌو سنئون سادو ۽ کرو مڙس هو. منجهس روايتي سياستدانن واريون ڪي ڳالهيون نه هيون. هو عيبن کان بنهه پاڪ هو.
هن ميڙ منٿ قافلن ذريعي سنڌ ۾ هلندڙ ڪيترن ئي قبيلائي جهيڙن کي روڪرايو ۽ سنڌي ماڻهن کي قومي درس ڏنو.
بشير خان هڪ تحريڪ جو نالو هو.
هن 18 مارچ 2007ع تي سکر کان ڪراچي تائين ”آزادي مارچ“ جي سلسلي ۾ هزارين ڪارڪنن سميت 27 ڏينهن جو پيادل سفر ڪيو. جنهن دوران سندس پيرن ۾ لڦون پئجي ويون پر هو ڪارڪنن سان گڏ گڏ رهيو. هو ميدانن جو مڙس هو. جهڙو چهري جو سادو سٻاجهڙو هو. اهڙو ئي ارادن جو ارڏو هو. هو جيڪو به چوندو هو اهو ڪري ڏيکاريندو هو. هن فيصلو ڪرڻ کانپوءِ ڪڏهن به اهو نه سوچيو ته ان فيصلي سان ڪهڙو نقصان پوندو ۽ ڪيترو ڀوڳڻو پوندو.
ڪافي فيصلن ڪري هن ڀوڳيو به پر پوءِ هو ڪٿي به نه وڪاڻو، نه وري جهڪيو.
سنڌ بابت فيصلن تي زندگي ڀر مضبوط رهيو. هن ۾ جذبو ايترو هو جو هر قيمت تي جذبي کي جيارڻ چاهيندو هو. هن جو جذبو ۽ سنڌ سان انوکو عشق ڏسي سنڌ جا لکين ڪارڪن مٿن جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهندا هئا.
شهيد بشير خان سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش خلاف اٿي کڙو ٿيندو هو. هو سنڌ جي درد کي پنهنجو درد محسوس ڪندو هو. 23 مارچ 2012ع تي لکين سنڌين کي سڏ ڪري سنڌ جي سجاڳي جو نعرو هنيائين. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اهو نعرو ئي سندس موت ثابت ٿيندو. شهيد بشير خان کي سقراط جيان 7 اپريل 2012ع تي پنهنجي ئي هٿن سان وهه جو وٽو پياريو ويو. سموري سنڌ سوڳوار ٿي وئي. ڌرتيءَ جي هن ڌنار لاءِ سنڌ اڄ به روئي رهي آهي.

Address

Kotri

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when جي ايم سيد ڪلاس - جيئي سنڌ قومي محاذ تعلقه ڪوٽڙي. posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share