Pakistan People's Party Shikarpur

Pakistan People's Party Shikarpur Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Pakistan People's Party Shikarpur, Political Party, Karachi.

پیپلز پارٹی رہنما و ایم پی اے امتیاز احمد شیخ اور پیپلز پارٹی لاڑکانہ ڈویژن کے اطلاعات سیکرٹری فراز شیخ کی خدمات اور عوامی رابطوں کو دکھانے کے لیے ایک صفحہ بنایا گیا ہے۔
03057269467

02/09/2026
ڪراچي: پيپلز پارٽي اڳواڻ سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ، سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مختلف انداز.
01/09/2026

ڪراچي: پيپلز پارٽي اڳواڻ سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ، سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مختلف انداز.

01/09/2026

سنڌ جي وحدانيت خلاف بيانن کان پاسو ڪيو وڃي، وفاقي وزيرن کي اهڙن بيانن کان روڪڻ وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي: امتياز شيخ

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ، سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته وفاقي وزيرن کي سنڌ جي وحدانيت خلاف بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته وفاقي وزيرن کي نون صوبن جي قيام بابت اهڙن بيانن کان روڪين.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ هڪ وفاقي وزير پاران نون صوبن جي قيام بابت ڳالهائڻ افسوسناڪ آهي. وفاقي وزير جي حيثيت سان سنڌ جي وحدانيت خلاف ڳالهائڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي.

امتياز شيخ چيو ته ملڪ جي چئني صوبن ۾ اڳ ئي ڪيترائي سياسي ۽ سماجي مسئلا ۽ ڪشمڪش موجود آهي. بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ ڪشمير جي حالتن کان هر ڪو واقف آهي، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ اندر وڌيڪ ورڇ ۽ تڪرار پيدا ڪندڙ بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته سنڌ هڪ پرامن صوبو آهي، جتي امن، محبت، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو وڃي ٿو. سنڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شهباز ۽ سچل سرمست جهڙن عظيم صوفين جي ڌرتي آهي، جن هميشه محبت، امن ۽ انسانيت جو درس ڏنو آهي.

امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڌرتي کي ورهائڻ يا سنڌ جي وحدانيت خلاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه ڪئي ويندي ته ان جو ردعمل ضرور ايندو. سنڌ جي وحدانيت خلاف ڪنهن به قدم کي قبول نه ڪيو ويندو.

هن وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته وفاقي وزيرن کي ملڪ جي وفاقي وحدت، صوبن جي خودمختياري ۽ خاص طور تي سنڌ جي وحدانيت بابت ذميواراڻا رويو اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي.

28/08/2026

ڪراچي: پيپلز پارٽي اڳواڻ، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ سنڌ جي مشهور ويب چينل سايه ڊجيٽل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ کي ورهائڻ جي هر سازش ۽ هر تجويز جي سخت مخالفت ڪندي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جو چٽو ۽ واضح موقف آهي ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڪنهن به ڳالهه کي هرگز قبول نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته سنڌ جي وحدت، سلامتي ۽ تاريخي سڃاڻپ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو۔

شڪارپور: پيپلزپارٽي لاڙڪاڻه ڊويزن اطلاعات سيڪريٽري فراز امتياز شيخ، ڊاڪٽر الھ رکيو سولنگي کي فيملي سميت عمري جي سعادت حا...
27/08/2026

شڪارپور: پيپلزپارٽي لاڙڪاڻه ڊويزن اطلاعات سيڪريٽري فراز امتياز شيخ، ڊاڪٽر الھ رکيو سولنگي کي فيملي سميت عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ تي اوطاق تي پهچي کين گلن جا هار پارائي مبارڪباد پيش ڪئي.
ان موقعي تي تاج محمد ٻرڙو، اقبال حسين عباسي ۽ ٻين به گلن جا هار مبارڪباد پڻ ڏني

شڪارپور: جي يو آءِ اڳواڻ مولوي حمير احمد سومرو، ڊاڪٽر عاشق جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ شڪارپور هائوس پهچي پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙ...
27/08/2026

شڪارپور: جي يو آءِ اڳواڻ مولوي حمير احمد سومرو، ڊاڪٽر عاشق جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ شڪارپور هائوس پهچي پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي انفارميشن سيڪريٽري جناب فراز امتياز شيخ صاحب سان اهم ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران مولوي حمير احمد سومرو جي يو آءِ کي الوداع چئي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ باقاعده شموليت جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته اسان اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي جناب امتياز احمد شيخ صاحب ۽ پ پ لاڙڪاڻو ڊويزن جي انفارميشن سيڪريٽري فراز امتياز شيخ صاحب جي قيادت، سياسي سوچ ۽ عوامي خدمت تي مڪمل اعتماد رکون ٿا ۽ مستقبل ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏجي عوامي خدمت جو سفر جاري رکڻ جو عزم ڪريون ٿا.

فراز امتياز شيخ صاحب نئين شامل ٿيندڙ ساٿين کي ڀليڪار ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت، جمهوريت ۽ سياسي جدوجهد تي يقين رکي ٿي، ۽ پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ هر ساٿي کي عزت ۽ احترام سان گڏ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا.

لاڙڪاڻو/ بنگل ديرو: پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن انفارميشن سيڪريٽري فراز امتياز شيخ دستگير منزل بنگل ديرو ۾ پيپلز پ...
26/08/2026

لاڙڪاڻو/ بنگل ديرو: پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن انفارميشن سيڪريٽري فراز امتياز شيخ
دستگير منزل بنگل ديرو ۾ پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن جنرل سيڪريٽري ڀائو عبدالفتاح ڀٽو پاران منعقد ڪيل ميلاد شريف ۾ شرڪت ڪئي۔
ان موقعي تي تاج محمد ٻرڙو ، اقبال حسين عباسي ۽ طاهر حسين ناپر به ساڻس گڏ هئا.

شڪارپور: پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن انفارميشن سيڪريٽري فراز امتياز شيخ ، ليڊيز جيم خانه ڪلب جي جاري ترقياتي ڪمن ج...
26/08/2026

شڪارپور: پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن انفارميشن سيڪريٽري فراز امتياز شيخ ، ليڊيز جيم خانه ڪلب جي جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي مختلف گيمن جي شعبن جي ھالن جو دورو ڪيو ۽ فٽنس جيم جو به معائنو ڪيو. فراز امتياز شيخ ٻڌايو ته جلد ليڊيز جيم خانه ڪلب جو افتتاح ٿيندو.
ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام رسول بروهي، فوڪل پرنس اسپورٽس جميل شيخ ۽ ٻيا گڏ هئا

شڪارپور: پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻه ڊويزن اطلاعات سيڪريٽري فراز امتياز شيخ ۽ پرسنل سيڪريٽري زبير احمد ميمڻ خانپور ۾ مصر...
26/08/2026

شڪارپور: پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻه ڊويزن اطلاعات سيڪريٽري فراز امتياز شيخ ۽ پرسنل سيڪريٽري زبير احمد ميمڻ خانپور ۾ مصروف وقت گذاريو، مختلف علائقن ۽ محلن ۾ تعزيتون ۽ ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ اڳوڻي خانپور ٽائون چيئرمين سيٺ افضل آرائين ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، ان کان علاوه علي بخش آغاڻي ۽ امتياز مڱڻهار جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي.
ڳوٺ درويش ڪاڪيپوٽا ۾ عبدالواحد ڪاڪيپوٽو سان والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.

Address

Karachi

Telephone

+923057269467

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Pakistan People's Party Shikarpur posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Pakistan People's Party Shikarpur:

Shortcuts

Share