Sindh Govt's Mamta Program

Call Directions Website Contact the organization

Sindh Govt's Mamta Program Sindh Social Protection Authority is an autonomous government organization

22/10/2026

سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت بدين ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي
گڏجاڻي نئين مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر محترمه زارا زاهد جي صدارت هيٺ ڪوٺائي وئي
گڏجاڻي ۾ پي پي ايڇ آءِ بدين، صحت کاتي، تعليم کاتي، نادرا، مڪاني ادار جا نمائندا شريڪ ٿيا
اين جي اوز، سماجي ڀلائي واري کاتي ۽ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرز جي نمائندن پڻ شرڪت
ضلعي ڪوآرڊينيٽر رضوانہ حنين پاران ممتا پروگرام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويئي
ڊپٽي ڪمشنر جي پي پي ايڇ آءِ کي خالي جايون ڀري عملي جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ جي ھدايت
غير قانوني ڪٽوتين کي فوري طور روڪڻ جا اپاءَ ورتا وڃن : محترمه زارا زاهد
ڊپٽي ڪمشنر پاران رجسٽريشن وڌائڻ لاءِ سمن سرڪار ميلي ۾ هڪ اسٽال لڳائڻ جي تجويز

صحتمند ماءُ ۽ صحتمند ٻار لاءِ حمل دوران باقاعدي چڪاس ضروري آهي. ويجھي اسپتال ذريعي پنهنجي مقرر ڪيل چڪاس مڪمل ڪريو ۽ حمل ...
22/10/2026

صحتمند ماءُ ۽ صحتمند ٻار لاءِ حمل دوران باقاعدي چڪاس ضروري آهي. ويجھي اسپتال ذريعي پنهنجي مقرر ڪيل چڪاس مڪمل ڪريو ۽ حمل جي هر مرحلي تي پنهنجي صحت جو خيال رکو.

16/10/2026

سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام جي ضلعي سجاول ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي
گڏجاڻي جي صدارت ضلعي سجاول جي اي ڊي سي ون شاھد نذير ڪئي
ممتا پروگرام جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر فرحان انصاري گڏجاڻي دوران اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي
ضلعي سجاول ۾ 41 ھزار مائرون ممتا پروگرام ۾ شامل ٿي چڪيون آھن، بريفنگ
پي پي ايڇ آءِ جي سھڪار سان ضلعي جي 32 اسپتالن ۾ داخلا جاري آھي، بريفنگ
گڏجاڻي ۾ صحت کاتي جي انتظام ھيٺ ميرپوربٺورو اسپتال کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو
پي پي ايڇ آءِ کي مختلف اسپتالن تي عارضي عملو مقرر ڪري ممتا پروگرام ۾ داخلا شروع ڪرڻ جي ھدايت
گڏجاڻي ۾ اي سي سجاول ۽ جاتي، PPHI ۽ نادرا جي ضلعي نمائندن شرڪت ڪئي

15/10/2026

ضلعي ڄامشوري ۾ سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام ۾ 20 ھزار کان مٿي مائرن جي شموليت
ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ امجد کيمٽيو پاران اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي ويئي
گڏجاڻي جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ڪئي
گڏجاڻي دوران ممتا پروگرام جي مقصدن،داخلا، طبي چڪاسن ۽ مالي سھائتا بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي
ضلعي جي 51 اسپتالن ذريعي34247 طبي چڪاس جا انگ اکر پڻ پيش ڪيا ويا
ڊپٽي ڪمشنر پاران سمورن کاتن کي ممتا پروگرام سان مڪمل سهڪار جي هدايت
سمورن سرڪاري کاتن کي پنهنجي سطح تي ممتا پروگرام بابت آگاهي سيشن منعقد ڪرڻ جو پڻ حڪم
گڏجاڻي ۾ اي ڊي سي ٽو، صحت ۽ مڪاني ادارن جي کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي
نادرا، پي پي ايڇ آءِ، سرسو، ٿرديپ ۽ ٻين اين جي اوز جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي

وقت سر چڪاس، ڇاتي جي ڪينسر کان بچاءُ لاءِ پهريون قدم آهي.پنهنجي صحت جي باقاعده چڪاس کي ترجيح ڏيو ۽ ڪنهن به غير معمولي تب...
14/10/2026

وقت سر چڪاس، ڇاتي جي ڪينسر کان بچاءُ لاءِ پهريون قدم آهي.
پنهنجي صحت جي باقاعده چڪاس کي ترجيح ڏيو ۽ ڪنهن به غير معمولي تبديلي جي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو.

14/10/2026

ضلعي نوشھروفيروز ۾ 32451 مائرون سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام ۾ شامل
اي ڊي سي ون مستقيم قريشي جي صدارت ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي کي بريفنگ
ممتا پروگرام جي محمد اقبال پاران ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي گڏجاڻي کي بريفنگ ڏني ويئي
گڏجاڻي ۾ صحت، مڪاني ادارا، اطلاعات کاتن، نادرا ۽ پي پي ايچ آءِ سنڌ جي نمائندن شرڪت ڪئي
اي ڊي سي ون پاران ممتا پروگرام کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کان تجويزون ورتيون
ضلعي جي گهٽ ڪارڪردگي وارن علائقن ۾ ترجيحي بنيادن تي آگاهي سيشن منعقد ڪرڻ جي هدايت
اسٽيڪ ھولڊرز وچ ۾ باهمي رابطا کي وڌيڪ سگھارو بنائڻ ۽ آگاهي رپورٽس ونڊن جو فيصلو
مستحق عورتن تائين رسائي ۽ ممتا پروگرام جي اثرائتي عملدرآمد لاءِ گڏيل ڪوششون تي پڻ اتفاق

13/10/2026

عمرڪوٽ ضلعي ۾ سنڌ حڪومت جي ”ممتا پروگرام“ جي ڪارڪردگي بابت اهم گڏجاڻي 📍🏥
سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي (SSPA)، سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام“ بابت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (DCC) جو اجلاس ڊي سي آفيس عمرڪوٽ ۾ منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-1 جاويد احمد ڏاهري ڪئي.
اجلاس دوران ممتا پروگرام جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر خديجه الڪبريٰ پاران ضلعي ۾ پروگرام جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس جون اهم نمايان ڳالهيون:
🔹 **مائرن جي رجسٽريشن: عمرڪوٽ ضلعي جون85,000 حامله ۽ ٻارن کي کير پياريندڙ مائرون ممتا پروگرام ۾ شامل ٿي چڪيون آهن.
🔹 طبي چڪاس (Compliances): پروگرام تحت شامل ٿيل مائرون ضلعي جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۽ صحت مرڪزن ذريعي 4,50,000 (ساڍا 4 لک) طبي معائنا (Check-ups) مڪمل ڪرائي چڪيون آهن.
گڏجاڻي دوران ضلعي ۾ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت، صحت ۽ سماجي تحفظ جي اقدامات کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ سڀني ادارن وچ ۾ گڏيل سھڪار کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
شرڪت ڪندڙ:
اجلاس ۾ ADHO ڊاڪٽر فريد احمد، PPHI ڊسٽرڪٽ مئنيجر دليپ ڪمار، نادرا، صحت، سماجي ڀلائي، اطلاعات کاتي سميت هينڊز (HANDS)، سرسو (SRSO) ۽ شفا فائونڊيشن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.

پنهنجي صحت کي وقت ڏيڻ، پنهنجي زندگي کي اهميت ڏيڻ آهي. ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي واري مهيني ۾ ڄاڻ حاصل ڪريو، باخبر رهو ۽ ڪ...
12/10/2026

پنهنجي صحت کي وقت ڏيڻ، پنهنجي زندگي کي اهميت ڏيڻ آهي. ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي واري مهيني ۾ ڄاڻ حاصل ڪريو، باخبر رهو ۽ ڪنهن به خدشي جي صورت ۾ ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو.

ماءُ ۽ ٻار جي صحت جون ضروري سهولتون هاڻي وڌيڪ ڪٽنبن جي ويجهو. سنڌ حڪومت جو ممتا پروگرام سنڌ جي 22 ضلعن ۾ مائرن ۽ ٻارن لا...
09/10/2026

ماءُ ۽ ٻار جي صحت جون ضروري سهولتون هاڻي وڌيڪ ڪٽنبن جي ويجهو. سنڌ حڪومت جو ممتا پروگرام سنڌ جي 22 ضلعن ۾ مائرن ۽ ٻارن لاءِ صحت ۽ سنڀال جي سهولتن تائين رسائي کي ممڪن بڻائي پيو.

سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي، حڪومت سنڌ جي ممتا پروگرام  ۽ پي پي ايڇ آءِ وچ ۾ پراجيڪٽ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي گڏجاڻيپي پي ايڇ آءِ ...
09/10/2026

سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي، حڪومت سنڌ جي ممتا پروگرام ۽ پي پي ايڇ آءِ وچ ۾ پراجيڪٽ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي گڏجاڻي
پي پي ايڇ آءِ جي سي اي او، جاويد جاگيراڻي ۽ ايس ايس پي اي جي سي اي او ارشاد علي سوڍر پنھنجي وفدن جي سرواڻي ڪئي
گڏجاڻي ۾ لاڳاپيل عملدارن پاران ممتا پروگرام متعلق اڳڀرائي رپورٽون پيش ڪيون ويون ۽ مائرن کي وڌ ۾ وڌ سھولتون پھچائڻ لاءِ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو

Address

155-N, Muslim Commercial Area, Main Khayaban-e-Muslim, DHA Phase VI
Karachi
75500

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00

Telephone

+923155164111

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Govt's Mamta Program posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Sindh Govt's Mamta Program:

Shortcuts

Share