18/03/2024
پريس پڌرائي؛
ڪراچي 10.03.24
سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
ڪل لاڙڪاڻي ۾ شهيد سائين هدايت لوهار جي ناحق قتل خلاف ٿيل احتجاجي ريلي تي رياستي نقابپوشن ۽ پوليس اهلڪارن طرفان احتجاج تي بيرحم تشدد ۽ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف جسقم جساف آريسر جي مرڪزي سڏ تي اڄ جساف آريسر ڪراچي پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.
احتجاج ۾ جساف اڳواڻن ڳالھيندي چيو تہ سائين ھدايت لوھار کي نقابپوش بندوق بردارن بيدردي سان نصيرآباد ۾ قتل ڪيو، جنھن جا قاتل اڄ مهينو گذرڻ باوجود رياستي قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا، پر ان جي ابتڙ شھيد جي ڌيئرن پاران لاڙڪاڻي ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويو ان تي پوليس پاران لاٺي چارج ڪري سوين ڪارڪنن، نياڻن ۽ نوجوانن کي تشدد ڪري گرفتار ڪيو جنھن جي اسان سخت مزمت ٿا ڪيون ۽ جساف چتاء ٿي ڏئي تہ جلد ئي قومي ڪارڪنن مٿان ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ جساف شھيد جي فيملي سان هر محاذ تي گڏ هوندي سموري سنڌ ۾ سراپا احتجاج ھوندي.
اڳواڻن وڌيڪ خطاب ڪندي چيو تہ اسان غلام قوم جا فرد حقن واري عالمي ادارن ۽ اقوام متحده کان گھر ڪيون ٿا تہ پاڪستان اندر بربريت خلاف نوٽيس ورتو وڃي ۽ مظلوم قومن جي خوشحالي ۽ آزادي ۾ اسانجي مدد ڪئي وڃي.
ترجمان
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن(جساف آريسر)ڪراچي