21/08/2026
ڪنڌڪوٽ:
قومي عوامي تحريڪ ضلعي صدر سجاد بروهي شعيب ڊومڪي شاهه علي سھرياڻي ھيبت ڏاھاڻي جي سٽي پارڪ ۾ ساٿين سان تربيتي گڏجاڻي جنهن ۾ "استاد رسول بخش پليجو جي آتم ڪٿا ۽ قومي عوامي تحريڪ مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو صاحب جي تازو دبئي ۾ سنڌين سان گڏجاڻي" بابت فيسبوڪ تي لکيل مضمون پڙھيو ويو. ملڪي ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون ٿيون ۽ سنڌو درياهه تي ڪئنالن سميت صوبن واري رينگھٽ ۽ انھن خلاف جدوجھد جي سڀني پاسن تي بحث ٿيو. انھيءَ موقعي تي ساٿي علي مراد سبزوئي شاھد سھرياڻي ڪنور سنگھ غلام رسول گولو عبدالمالڪ سبزوئي ڊاڪٽر گھرام بھلڪاڻي حسين مھر مور زادو محمداڻي پون ڪمار ديا سنگھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.