SID Kandhokot - انفارميشن آفيس

SID Kandhokot - انفارميشن آفيس The main functions of the Sindh Information Department are to provide coverage to the activities of

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*23-05-2026 / H.No/59/26ڪرمپور : ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور: سالياني گالا نائيٽ، شهباز ها...
23/05/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
23-05-2026 / H.No/59/26

ڪرمپور : ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور: سالياني گالا نائيٽ، شهباز هائوس جي ڪيڊٽس پاران نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو.

ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ سالياني گالا نائيٽ وڏي جوش ۽ جذبي سان منعقد ڪئي وئي. مختلف ادبي، ثقافتي ۽ تفريحي مقابلن ۾ ڪيڊٽن پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو.

مزاحيه شاعريءَ جي مقابلي ۾ اقبال هائوس جي ڪيڊٽ اڪبر علي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته ٽيبلو ۽ سونگ مقابلن ۾ شهباز هائوس شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري نمايان رهيو. سونگ مقابلي ۾ ڪيڊٽ منور علي پهرين پوزيشن ماڻي.

تقريب کي خطاب ڪندي پرنسپال پروفيسر محمد هاشم ميمڻ چيو ته غير نصابي سرگرميون شاگردن جي شخصيت سازي ۽ تخليقي صلاحيتن جي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. تقريب ۾ نامياري فنڪار راشد علي شاھ پڻ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
Urdu

کرمپور:

*کیڈٹ کالج کرمپور: سالانہ گالا نائٹ، شہباز ہاؤس کے کیڈٹس کی شاندار کارکردگی*

کرمپور (پریس ریلیز): کیڈٹ کالج کرمپور میں سالانہ گالا نائٹ نہایت جوش و خروش کے ساتھ منعقد کی گئی۔ مختلف ادبی، ثقافتی اور تفریحی مقابلوں میں کیڈٹس نے اپنی صلاحیتوں کا بھرپور مظاہرہ کیا۔

مزاحیہ شاعری کے مقابلے میں اقبال ہاوس کے کیڈٹ اکبر علی نے پہلی پوزیشن حاصل کی، جبکہ ٹیبلو اور سنگنگ کے مقابلوں میں شہباز ہاؤس نے شاندار کارکردگی کا مظاہرہ کرتے ہوئے نمایاں کامیابی حاصل کی۔ سنگنگ کے مقابلے میں کیڈٹ منور علی نے پہلی پوزیشن حاصل کرکے خوب داد سمیٹی۔

تقریب سے خطاب کرتے ہوئے پرنسپل پروفیسر محمد ہاشم میمن نے کہا کہ غیر نصابی سرگرمیاں طلبہ کی شخصیت سازی اور تخلیقی صلاحیتوں کو نکھارنے میں اہم کردار ادا کرتی ہیں۔ تقریب میں معروف فنکار راشد علی شاہ نے بھی شرکت کی اور اپنی فنکارانہ پیشکش سے محفل کو چار چاند لگا دیے۔

تقریب میں اساتذہ، کیڈٹس اور مہمانوں کی بڑی تعداد نے شرکت کی اور پروگرام کو انتہائی کامیاب قرار دیا۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*21-05-2026 / H.No/58/26ڪنڌڪوٽ : ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ اينڊ جيڪب آباد شهزا...
21/05/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
21-05-2026 / H.No/58/26

ڪنڌڪوٽ : ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ اينڊ جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي پاران 18 مئي 2026 کان 21 مئي 2026 تائين جاري رهندڙ قومي انسداد پوليو مهم جي چئين ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ صحت کاتي جي عملدارن سان گڏ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي۔

اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور مسرور احمد بجاراڻي، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو، ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن،ڊي ايڇ او سيد اعجاز علي شاه ،ڊي ايم پي پي ايڇ آئي آصف نظير ڪلوڙ ،ضلعي صحت کاتي جي عملدارن، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.

اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊي ايڇ او سيد اعجاز علي شاه ٻڌايو ته قومي انسداد پوليو مهم دوران ضلعي اندر 311991 ٻارن کي انسداد پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ 54 فڪسڊ ٽيمون، 50 ٽرانزٽ پوائنٽس ۽ 812 موبائل ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن، جيڪي گهر گهر وڃي پنجن سالن تائين جي عمر وارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون، جڏهن ته 54 يو سي ايم اوز مهم جي نگراني جا فرض سرانجام ڏيندا۔

اجلاس ۾ پوليو مهم دوران ٿيندڙ انتظامن، ٽيمون جي ڪارڪردگي، رهجي ويل ٻارن تائين پهچ، سيڪيورٽي انتظامن ۽ روزاني بنيادن تي ٿيندڙ مانيٽرنگ بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد چيو ته پوليو جهڙي موذي مرض جي مڪمل خاتمي لاءِ هر ٻار تائين ويڪسين پهچائڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي۔

هن صحت کاتي جي عملدارن، مانيٽرز ۽ پوليو ٽيمن کي هدايت ڪئي ته هو گهر گهر وڃي پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين ۽ رهجي ويل ٻارن جي فوري ڪوريج کي يقيني بڻايو وڃي۔ اجلاس ۾ اهو پڻ طئي ڪيو ويو ته حساس علائقن ۾ خاص نگراني ڪئي ويندي ته جيئن مهم کي مڪمل طور ڪامياب بڻائي سگهجي۔

ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا، صحت کاتو ۽ لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان قومي ذميواري نڀائي رهيا آهن ۽ والدين کي به گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن مستقبل کي معذوري کان محفوظ بڻائي سگهجي۔

Urdu.
کندھکوٹ: ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھکوٹ اینڈ جیکب آباد شہزاد احمد ساہی کی جانب سے 18 مئی 2026 سے 21 مئی 2026 تک جاری قومی انسداد پولیو مہم کی چوتھے روز کی کارکردگی کا جائزہ لینے کے لیے محکمہ صحت کے افسران کے ساتھ ایک اہم اجلاس منعقد کیا گیا۔

اجلاس میں ایس ایس پی کشمور محمد مراد گھانگھرو، تینوں تعلقوں کے اسسٹنٹ کمشنرز، ڈی ایچ او سید اعجاز علی شاہ، ڈی ایم پی پی ایچ آئی آصف نظیر کلوڑ، ضلعی محکمہ صحت کے افسران، ورلڈ ہیلتھ آرگنائزیشن اور دیگر متعلقہ اداروں کے نمائندوں نے بھی شرکت کی۔

اجلاس کو بریفنگ دیتے ہوئے ڈی ایچ او سید اعجاز علی شاہ نے بتایا کہ قومی انسداد پولیو مہم کے دوران ضلع بھر میں 311991 بچوں کو پولیو سے بچاؤ کے قطرے پلانے کا ہدف مقرر کیا گیا ہے، جس کے لیے 54 فکسڈ ٹیمیں، 50 ٹرانزٹ پوائنٹس اور 812 موبائل ٹیمیں مقرر کی گئی ہیں، جو گھر گھر جا کر پانچ سال تک کی عمر کے بچوں کو پولیو کے قطرے پلائیں گی، جبکہ 54 یو سی ایم اوز مہم کی نگرانی کے فرائض انجام دیں گے۔

اجلاس میں پولیو مہم کے دوران کیے جانے والے انتظامات، ٹیموں کی کارکردگی، رہ جانے والے بچوں تک رسائی، سیکیورٹی انتظامات اور روزانہ کی بنیاد پر ہونے والی مانیٹرنگ کا تفصیلی جائزہ لیا گیا۔ اس موقع پر ڈپٹی کمشنر جیکب آباد نے کہا کہ پولیو جیسے موذی مرض کے مکمل خاتمے کے لیے ہر بچے تک ویکسین کی رسائی انتہائی ضروری ہے اور اس سلسلے میں کسی قسم کی غفلت برداشت نہیں کی جائے گی۔

انہوں نے محکمہ صحت کے افسران، مانیٹرز اور پولیو ٹیموں کو ہدایت کی کہ وہ گھر گھر جا کر پانچ سال سے کم عمر ہر بچے کو پولیو کے قطرے ضرور پلائیں اور رہ جانے والے بچوں کی فوری کوریج کو یقینی بنایا جائے۔ اجلاس میں یہ بھی طے کیا گیا کہ حساس علاقوں میں خصوصی نگرانی کی جائے گی تاکہ مہم کو مکمل طور پر کامیاب بنایا جا سکے۔

ڈپٹی کمشنر نے مزید کہا کہ ضلعی انتظامیہ، محکمہ صحت اور متعلقہ ادارے باہمی تعاون سے قومی ذمہ داری ادا کر رہے ہیں اور والدین کو بھی چاہیے کہ وہ اپنے بچوں کو پولیو کے قطرے ضرور پلوائیں تاکہ مستقبل کو معذوری سے محفوظ بنایا جا سکے۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*21-05-2026 / H.No/57/26ڪنڌڪوٽ :ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ عيدالاضحيٰ جي حو...
21/05/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
21-05-2026 / H.No/57/26

ڪنڌڪوٽ :ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ عيدالاضحيٰ جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ مسرور احمد بجاراڻي جي صدارت هيٺ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي صفائي سٿرائي، سيڪيورٽي، ميونسپل سهولتن ۽ ٻين انتظامن بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو۔

اجلاس ۾ مختلف مڪاتب فڪر جي علمائن سڳورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽي جي آفيسرن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران عيدالاضحيٰ جي ڏينهن ۾ آلائشون کڻڻ، صفائي سٿرائي، نالين جي صفائي، اسٽريٽ لائيٽن ۽ ٻين شهري سهولتن بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو۔

ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مسرور احمد بجاراڻي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته عيدالاضحيٰ دوران شهرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، قرباني جي آلائشن کي بروقت کڻڻ لاءِ موثر انتظام ڪيا وڃن ۽ صفائي سٿرائي جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي۔

هن سمورن ٽائون ۽ ميونسپل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ عيد گاه جي صفائي ۽ ان سان گڏوگڏ عيد جي ڏينهن دوران صفائي آپريشن جاري رکن ۽ عوامي شڪايتن جي فوري ازالي کي يقيني بڻائين ته جيئن شهرين کي صاف سٿرو ۽ بهتر ماحول فراهم ڪري سگهجي۔
Urdu.
کندھکوٹ: ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر کی زیرِ صدارت عیدالاضحیٰ کے حوالے سے اہم اجلاس منعقد

ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھکوٹ مسرور احمد بجارانی کی زیرِ صدارت عیدالاضحیٰ کے موقع پر صفائی ستھرائی، سیکیورٹی، میونسپل سہولیات اور دیگر انتظامات کے حوالے سے ایک اہم اجلاس منعقد ہوا۔

اجلاس میں مختلف مکاتبِ فکر کے علمائے کرام، تعلقوں کے اسسٹنٹ کمشنرز، میونسپل اور ٹاؤن کمیٹیوں کے افسران اور متعلقہ محکموں کے عملداروں نے شرکت کی۔

اجلاس کے دوران عیدالاضحیٰ کے دنوں میں آلائشیں اٹھانے، صفائی ستھرائی، نالیوں کی صفائی، اسٹریٹ لائٹس اور دیگر شہری سہولیات کے حوالے سے تفصیلی جائزہ لیا گیا۔

اس موقع پر ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر مسرور احمد بجارانی نے متعلقہ افسران کو ہدایات دیتے ہوئے کہا کہ عیدالاضحیٰ کے دوران شہریوں کو زیادہ سے زیادہ سہولیات فراہم کی جائیں، قربانی کی آلائشوں کو بروقت اٹھانے کے لیے مؤثر انتظامات کیے جائیں اور صفائی ستھرائی کی صورتحال کو بہتر بنایا جائے۔

انہوں نے تمام ٹاؤن اور میونسپل افسران کو ہدایت کی کہ وہ اپنے اپنے علاقوں میں عید گاہوں کی صفائی کو یقینی بنائیں اور عید کے دنوں میں صفائی آپریشن جاری رکھیں، جبکہ عوامی شکایات کے فوری ازالے کو بھی یقینی بنایا جائے تاکہ شہریوں کو صاف ستھرا اور بہتر ماحول فراہم کیا جا سکے۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*21-05-2026 / H.No/56/26ڪنڌڪوٽ: پاڪ-چائنا دوستي جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ا...
21/05/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
21-05-2026 / H.No/56/26
ڪنڌڪوٽ: پاڪ-چائنا دوستي جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ مسرور احمد بجاراڻي جي صدارت هيٺ فليگ هوسٽنگ تقريب منعقد ڪئي وئي۔

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ زرار احمد وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

تقريب دوران پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي کي ڀيٽا پيش ڪندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي امن، ترقي ۽ گڏيل سهڪار جي علامت قرار ڏنو ويو۔ ان موقعي تي آفيسرن ۽ عملي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪ-چائنا دوستي زنده باد جا نعرا هنيا ويا۔

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي وقت سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هر ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيهڻ جو بهترين مثال آهن۔

Urdu.
کندھکوٹ: پاک-چین دوستی کے 75 سال مکمل ہونے کے موقع پر ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھکوٹ مسرور احمد بجارانی کی صدارت میں فلیگ ہاسٹنگ تقریب منعقد کی گئی۔

اس موقع پر اسسٹنٹ کمشنر کندھکوٹ زرار احمد، وفاقی اور صوبائی محکموں کے افسران نے شرکت کی۔

تقریب کے دوران پاکستان اور چین کی لازوال دوستی کو خراجِ تحسین پیش کرتے ہوئے دونوں ممالک کے تعلقات کو امن، ترقی اور باہمی تعاون کی علامت قرار دیا گیا۔ اس موقع پر افسران اور عملے نے تقریب میں شرکت کی اور پاک-چین دوستی زندہ باد کے نعرے لگائے۔

ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر اور دیگر مقررین نے اپنے خطاب میں کہا کہ پاکستان اور چین کی دوستی وقت کے ساتھ مزید مضبوط ہو رہی ہے اور دونوں ممالک کے تعلقات ہر مشکل وقت میں ایک دوسرے کے ساتھ کھڑے رہنے کی بہترین مثال ہیں۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*19-05-2026 / H.No/54/26ڪنڌڪوٽ : ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ اينڊ جيڪب آباد شهزا...
19/05/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
19-05-2026 / H.No/54/26

ڪنڌڪوٽ : ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ اينڊ جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي پاران 18 مئي 2026 کان 21 مئي 2026 تائين جاري رهندڙ قومي انسداد پوليو مهم جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ صحت کاتي جي عملدارن سان گڏ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي۔

اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊي ايڇ او سيد اعجاز علي شاه ٻڌايو ته قومي انسداد پوليو مهم دوران ضلعي اندر 311991 ٻارن کي انسداد پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ 54 فڪسڊ ٽيمون، 50 ٽرانزٽ پوائنٽس ۽ 812 موبائل ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن، جيڪي گهر گهر وڃي پنجن سالن تائين جي عمر وارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون، جڏهن ته 54 يو سي ايم اوز مهم جي نگراني جا فرض سرانجام ڏيندا۔

اجلاس ۾ پوليو مهم دوران ٿيندڙ انتظامن، ٽيمون جي ڪارڪردگي، رهجي ويل ٻارن تائين پهچ، سيڪيورٽي انتظامن ۽ روزاني بنيادن تي ٿيندڙ مانيٽرنگ بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد چيو ته پوليو جهڙي موذي مرض جي مڪمل خاتمي لاءِ هر ٻار تائين ويڪسين پهچائڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي۔

هن صحت کاتي جي عملدارن، مانيٽرز ۽ پوليو ٽيمن کي هدايت ڪئي ته هو گهر گهر وڃي پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين ۽ رهجي ويل ٻارن جي فوري ڪوريج کي يقيني بڻايو وڃي۔ اجلاس ۾ اهو پڻ طئي ڪيو ويو ته حساس علائقن ۾ خاص نگراني ڪئي ويندي ته جيئن مهم کي مڪمل طور ڪامياب بڻائي سگهجي۔

ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا، صحت کاتو ۽ لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان قومي ذميواري نڀائي رهيا آهن ۽ والدين کي به گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن مستقبل کي معذوري کان محفوظ بڻائي سگهجي۔

اجلاس ۾ ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي ايم پي پي ايڇ آئي آصف نظير ڪلوڙ ،ضلعي صحت کاتي جي عملدارن، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي ۽ مهم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔
Urdu.
کندھکوٹ: ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھکوٹ اینڈ جیکب آباد شہزاد احمد ساہی کی جانب سے 18 مئی 2026 سے 21 مئی 2026 تک جاری قومی انسداد پولیو مہم کی کارکردگی کا جائزہ لینے کے لیے محکمہ صحت کے افسران کے ساتھ ایک اہم اجلاس کی صدارت کی گئی۔

اجلاس کو بریفنگ دیتے ہوئے ڈی ایچ او سید اعجاز علی شاہ نے بتایا کہ قومی انسداد پولیو مہم کے دوران ضلع بھر میں 311991 بچوں کو پولیو سے بچاؤ کے قطرے پلانے کا ہدف مقرر کیا گیا ہے، جس کے لیے 54 فکسڈ ٹیمیں، 50 ٹرانزٹ پوائنٹس اور 812 موبائل ٹیمیں مقرر کی گئی ہیں، جو گھر گھر جا کر پانچ سال تک کی عمر کے بچوں کو پولیو کے قطرے پلائیں گی، جبکہ 54 یو سی ایم اوز مہم کی نگرانی کے فرائض انجام دیں گے۔

اجلاس میں پولیو مہم کے دوران کیے گئے انتظامات، ٹیموں کی کارکردگی، رہ جانے والے بچوں تک رسائی، سیکیورٹی انتظامات اور روزانہ کی بنیاد پر ہونے والی مانیٹرنگ کا تفصیلی جائزہ لیا گیا۔ اس موقع پر ڈپٹی کمشنر جیکب آباد نے کہا کہ پولیو جیسے موذی مرض کے مکمل خاتمے کے لیے ہر بچے تک ویکسین پہنچانا انتہائی ضروری ہے اور اس سلسلے میں کسی بھی قسم کی غفلت برداشت نہیں کی جائے گی۔

انہوں نے محکمہ صحت کے افسران، مانیٹرز اور پولیو ٹیموں کو ہدایت کی کہ وہ گھر گھر جا کر پانچ سال سے کم عمر ہر بچے کو پولیو کے قطرے ضرور پلائیں اور رہ جانے والے بچوں کی فوری کوریج کو یقینی بنایا جائے۔ اجلاس میں یہ بھی طے کیا گیا کہ حساس علاقوں میں خصوصی نگرانی کی جائے گی تاکہ مہم کو مکمل طور پر کامیاب بنایا جا سکے۔

ڈپٹی کمشنر نے مزید کہا کہ ضلعی انتظامیہ، محکمہ صحت اور متعلقہ ادارے باہمی تعاون سے قومی ذمہ داری نبھا رہے ہیں اور والدین کو بھی چاہیے کہ وہ اپنے بچوں کو پولیو کے قطرے ضرور پلوائیں تاکہ مستقبل کو معذوری سے محفوظ بنایا جا سکے۔

اجلاس میں تینوں تعلقوں کے اسسٹنٹ کمشنرز، ڈی ایم پی پی ایچ آئی آصف نظیر کلہوڑ، ضلعی محکمہ صحت کے افسران، ورلڈ ہیلتھ آرگنائزیشن اور دیگر متعلقہ اداروں کے نمائندگان نے بھی شرکت کی اور مہم کے حوالے سے تفصیلی بریفنگ دی۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*16-05-2026 / H.No/53/26ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مسرور احمد بجاراڻي جو سول اسپتال ڪنڌڪ...
16/05/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
16-05-2026 / H.No/53/26

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مسرور احمد بجاراڻي جو سول اسپتال ڪنڌڪوٽ جو اوچتو دورو، ڊاڪٽرن جي غيرحاضري ۽ سهولتن جي کوٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، ڊائليزس سينٽر ۾ طبي سهولتون بهتر بڻائڻ جون هدايتون

تفصيل موجب ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مسرور احمد بجاراڻي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ، ڊائليزس سينٽر ۽ ريسڪيو 1122 سينٽر جو پڻ دورو ڪيو۔ هن اسپتال ۾ مريضن کي فراهم ڪيل سهولتن، صفائي سٿرائي، دوائن جي دستيابي ۽ ڊاڪٽرن جي حاضري جو جائزو ورتو، جڏهن ته ڊاڪٽرن جي غيرحاضري تي سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کان فوري رپورٽ طلب ڪئي ۽ غفلت هرگز برداشت نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔

جڏهن ته ڊائليزس سينٽر ۾ مريضن کي فراهم ڪيل طبي سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، دوائن ۽ مشينري جي مڪمل دستيابي يقيني بڻائڻ بابت ڊي ايڇ او کي ضروري هدايتون جاري ڪيون۔

ريسڪيو 1122 سينٽر جي دوري دوران هن ايمرجنسي گاڏين، عملي جي موجودگي ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارين جو معائنو ڪيو۔ ان موقعي تي هن لاڳاپيل عملي کي هدايت ڪئي ته عوام کي بهتر کان بهتر طبي ۽ ايمرجنسي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان سرانجام ڏين۔

Urdu.
16-05-2026 / H.No/53/26

ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر مسرور احمد بجارانی کا سول اسپتال کندھکوٹ کا اچانک دورہ، ڈاکٹروں کی عدم موجودگی اور سہولیات کے فقدان پر سخت برہمی، ڈائلیسز سینٹر میں طبی سہولیات بہتر بنانے کی ہدایات

تفصيل کے مطابق ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر مسرور احمد بجارانی نے سول اسپتال کندھکوٹ، ڈائلیسز سینٹر اور ریسکیو 1122 سینٹر کا بھی دورہ کیا۔ انہوں نے اسپتال میں مریضوں کو فراہم کی جانے والی سہولیات، صفائی ، ادویات کی دستیابی اور ڈاکٹروں کی حاضری کا جائزہ لیا، ڈاکٹروں کی عدم موجودگی پر سخت نوٹس، متعلقہ حکام سے فوری رپورٹ طلب، غفلت برداشت نہ کرنے کی ہدایت

جبکہ ڈائلیسز سینٹر میں مریضوں کو دی جانے والی طبی سہولیات کے بارے میں معلومات حاصل کیں اور سہولیات کو مزید بہتر بنانے، ادویات اور مشینری کی مکمل دستیابی یقینی بنانے کے حوالے سے ڈی ایچ او کو ضروری ہدایات جاری کیں۔

ریسکیو 1122 سینٹر کے دورے کے دوران انہوں نے ایمرجنسی گاڑیوں، عملے کی موجودگی اور ہنگامی صورتحال سے نمٹنے کی تیاریوں کا معائنہ کیا۔ اس موقع پر انہوں نے متعلقہ عملے کو ہدایت کی کہ عوام کو بہتر سے بہتر طبی اور ایمرجنسی سہولیات فراہم کرنے کے لیے اپنی ذمہ داریاں ایمانداری سے انجام دیں۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*16-05-2026 / H.No/52/26ڪنڌڪوٽ : ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر  مسرور احمد بجاراڻي، ڊسٽرڪٽ ...
16/05/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
16-05-2026 / H.No/52/26

ڪنڌڪوٽ : ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مسرور احمد بجاراڻي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سيد اعجاز علي شاه پاران 18 مئي 2026 کان 21 مئي 2026 تائين جاري رهندڙ قومي انسداد پوليو مهم جو باقاعده افتتاح ڪيو.

اي ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم جي شروعات ڪئي.

تقريب دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوليو هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جنهن کان بچاءُ لاءِ هر ٻار کي حفاظتي ڦڙا پيارڻ انتهائي ضروري آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارڙن کي لازمي طور پوليو جا ڦڙا پيارين ته جيئن ملڪ کي پوليو کان پاڪ بڻائي سگهجي.

ان موقعي تي ڊي ايڇ او ٻڌايو ته قومي انسداد پوليو مهم دوران 3119911 ٻارن کي انسداد پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن لاء 54 فڪس ٽيمون، جڏهن ته 50 ٽرا زٽ پوانٽ 812 ٽيمون, مقرر ڪيون ويون آهن جيڪي گهر گهر وڃي 5 سال تائين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون جڏهن ته 54 يو سي ايم او مهم جي نگراني ڪندا .

تقريب ۾ صحت کاتي جي عملدارن، پوليو ورڪرن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي ۽ مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي پوليو جي خاتمي لاءِ اگاهي واڪ پڻ ڪيو ويو.

Urdu

16-05-2026 / H.No/52/26

کندھکوٹ: ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر مسرور احمد بجارانی اور ڈسٹرکٹ ہیلتھ آفیسر سید اعجاز علی شاہ نے 18 مئی 2026 سے 21 مئی 2026 تک جاری رہنے والی قومی انسدادِ پولیو مہم کا باقاعدہ افتتاح کیا.

اس موقع پر ای ڈی سی اور ڈی ایچ او نے بچوں کو پولیو کے قطرے پلا کر مہم کا آغاز کیا۔

تقریب کے دوران ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر نے کہا کہ پولیو ایک خطرناک بیماری ہے، جس سے بچاؤ کے لیے ہر بچے کو حفاظتی قطرے پلانا انتہائی ضروری ہے۔ انہوں نے والدین سے اپیل کی کہ وہ اپنے پانچ سال سے کم عمر بچوں کو لازمی طور پر پولیو کے قطرے پلوائیں تاکہ ملک کو پولیو سے پاک بنایا جا سکے۔

اس موقع پر ڈی ایچ او نے بتایا کہ قومی انسدادِ پولیو مہم کے دوران 311991 بچوں کو پولیو کے قطرے پلانے کا ہدف مقرر کیا گیا ہے، جس کے لیے 54 فکسڈ ٹیمیں، 50 ٹرانزٹ پوائنٹس جبکہ 812 ٹیمیں مقرر کی گئی ہیں، جو گھر گھر جا کر پانچ سال تک کے بچوں کو پولیو کے قطرے پلائیں گی، جبکہ 54 یو سی ایم اوز مہم کی نگرانی کریں گے۔

تقریب میں محکمہ صحت کے افسران، پولیو ورکرز اور دیگر متعلقہ اداروں کے نمائندوں نے بھی شرکت کی اور مہم کو کامیاب بنانے کے عزم کا اظہار کیا۔

اس موقع پر پولیو کے خاتمے کے لیے آگاہی واک بھی کی گئی۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*14-05-2026 / H.No/51/26 ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ مسرور احمد بجاراڻي ...
14/05/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
14-05-2026 / H.No/51/26

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ مسرور احمد بجاراڻي جي زير صدارت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي, ڊسٽرڪٽ انٽيليجينس ڪميٽي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي براءِ سوشو پوليٽيڪل ڊومين ، جي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي.

گڏجاڻي ۾ ٽنھي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن قانون لاڳو ڪندڙ ڳجهن ادارن جي ضلعي سراهن وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي عملدارن ضلعي اندر ڪم ڪندڙ فلاحي اينجيوز جي عملدارن جينڪو، پارڪو، پي پي ايل جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مسرور احمد بجاراڻي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پوليس، ايڪسائيز، ڳجهن ادارن جا ضلعي سربراهه، خوراڪ، زراعت، توانائي، ليبر، سوشل ويلفيئر، وومين ڊولپمينٽ، اوقاف ۽ زڪوات سميت ٻيا لاڳاپيل کاتا شامل آهن. ڪميٽي جو مقصد غير قانوني ۽ نان ڪسٽم پيد شين جي روڪٿام, اينٽي انڪروچمينٽ ،غيرقانوني پيٽرول پمپ، غير ملڪي ماڻهن جي نشاندهي، ضلعي اندر ڪم ڪندڙ فلاحي اينجيوز جي ڪارڪردگي تي نظر سميت غير قانوني شئين جو خاتمو آڻڻ آهي.

اجلاس سان خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي چيو ته عوامي لاڳاپن کي هٿي ڏني وڃي، خاص طور تي نوجوانن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مقامي سطح تي بهتر طرز حڪمراني کي يقيني بڻائي سگهجي۔

سوشيو پوليٽيڪل ڊومين جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اي ڊي سي پاران تعليم کاتي کي هدايت جاري ڪئي وئي ته هو تعليمي بهتري ۽ آگاهي لاءِ مختلف سيمينار، ورڪشاپون ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪن ته جيئن شاگردن، استادن ۽ والدين ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهجي.
ساڳئي نموني، وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ کي هدايتون ڏنيون ويون ته عورتن جي حقن، تحفظ ۽ هراسان ڪرڻ جهڙن اهم مسئلن تي آگاهي پروگرامن ۽ سيمينارن جو انعقاد ڪيو وڃي، ته جيئن عورتن ۾ پنهنجي قانوني ۽ سماجي حقن بابت شعور پيدا ٿئي.

ڪچي ۽ پٺ تي پيل علائقن اندر سرڪاري سهولتون جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊي ايڇ او (DHO) ۽ پي پي ايڇ آئي (PPHI) جي آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته ڪشمور تعلقي جيان ڪنڌڪوٽ تعلقي جي ڏورانهن علائقن ۾ ميڊيڪل ۽ ويٽرنري ڪئمپون قائم ڪيون وڃن ته جيئن اتان جي عوام کي بنيادي طبي سهولتون سندن دروازي تي ملي سگهن، ۽ وڌ کان وڌ ماڻهو انهن سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن.

Urdu..

14-05-2026 / H.No/51/26

ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر کشمور ایٹ کندھ کوٹ مسرور احمد بجارانی کی زیرِ صدارت ڈسٹرکٹ کوآرڈینیشن کمیٹی، ڈسٹرکٹ انٹیلی جنس کمیٹی اور ڈسٹرکٹ کوآرڈینیشن کمیٹی برائے سوشیو پولیٹیکل ڈومین کا اجلاس منعقد کیا گیا۔
اجلاس میں تینوں تحصیلدارون، قانون نافذ کرنے والے خفیہ اداروں کے ضلعی سربراہان، وفاقی و صوبائی محکموں کے افسران، ضلع کے اندر کام کرنے والی فلاحی این جی اوز کے عہدیداران اور جینکو، پارکو، پی پی ایل کے افسران نے شرکت کی۔
اس موقع پر اجلاس سے خطاب کرتے ہوئے ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر مسرور احمد بجارانی نے کہا کہ وفاقی اور صوبائی حکومت کی جانب سے نیشنل ایکشن پلان پر عملدرآمد کو یقینی بنانے کے لیے ضلعی سطح پر ڈپٹی کمشنر کی سربراہی میں ڈسٹرکٹ کوآرڈینیشن کمیٹی قائم کی گئی ہے، جس میں پولیس، ایکسائز، خفیہ اداروں کے ضلعی سربراہان، خوراک، زراعت، توانائی، لیبر، سوشل ویلفیئر، وومن ڈیولپمنٹ، اوقاف اور زکوٰۃ سمیت دیگر متعلقہ محکمے شامل ہیں۔ کمیٹی کا مقصد غیر قانونی اور نان کسٹم پیڈ اشیاء کی روک تھام، اینٹی انکروچمنٹ (تجاوزات کا خاتمہ)، غیر قانونی پیٹرول پمپ، غیر ملکیوں کی نشاندہی، ضلع کے اندر کام کرنے والی فلاحی این جی اوز کی کارکردگی پر نظر رکھنے سمیت غیر قانونی اشیاء کا خاتمہ کرنا ہے۔
اجلاس سے خطاب کرتے ہوئے ایڈیشنل ڈپٹی نے کہا کہ عوامی تعلقات کو فروغ دیا جائے، خاص طور پر نوجوانوں کی شمولیت کو یقینی بنایا جائے تاکہ مقامی سطح پر بہتر طرزِ حکمرانی کو یقینی بنایا جا سکے۔
سوشیو پولیٹیکل ڈومین کے اجلاس سے خطاب کرتے ہوئے اے ڈی سی کی جانب سے محکمہ تعلیم کو ہدایت جاری کی گئی کہ وہ تعلیمی بہتری اور آگاہی کے لیے مختلف سیمینارز، ورکشاپس اور تربیتی پروگرام منعقد کریں تاکہ طلبہ، اساتذہ اور والدین میں تعلیم کی اہمیت کو اجاگر کیا جا سکے۔ اسی طرح، وومن ڈیولپمنٹ ڈپارٹمنٹ کو ہدایات دی گئیں کہ خواتین کے حقوق، تحفظ اور ہراساں کرنے جیسے اہم مسائل پر آگاہی پروگراموں اور سیمینارز کا انعقاد کیا جائے، تاکہ خواتین میں اپنے قانونی اور سماجی حقوق کے بارے میں شعور پیدا ہو۔
کچے اور پسماندہ علاقوں کے اندر سرکاری سہولیات کی فراہمی کو یقینی بنانے کے لیے ڈی ایچ او (DHO) اور پی پی ایچ آئی (PPHI) کے افسران کو ہدایت کی گئی کہ کشمور تعلقہ کی طرح کندھ کوٹ تعلقہ کے دور دراز علاقوں میں میڈیکل اور ویٹرنری کیمپس قائم کیے جائیں تاکہ وہاں کی عوام کو بنیادی طبی سہولیات ان کی دہلیز پر مل سکیں، اور زیادہ سے زیادہ لوگ ان سہولیات سے مستفید ہوں۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*13-05-2026 / H.No / 50 / 26 ڪنڌڪوٽ، ڪرمپور: ڪيڊٽس جي ذهني، تعليمي ۽ شخصيتي واڌ ...
13/05/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
13-05-2026 / H.No / 50 / 26

ڪنڌڪوٽ، ڪرمپور: ڪيڊٽس جي ذهني، تعليمي ۽ شخصيتي واڌ ويجهه لاءِ ڪرمپور ۾ هڪ فڪر انگيز موٽيويشنل سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ نامور تعليمي ماهرن پروفيسر غلام حسين منگهڙهار ۽ مسٽر زبير احمد چاچڙ خصوصي شرڪت ڪئي۔ سيشن دوران معزز مهمانن پنهنجي وسيع تجربي، دانائي ۽ انگريزي ٻوليءَ تي عبور ذريعي ڪيڊٽن کي پنهنجي لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، مؤثر رابطي جون مهارتون سکڻ ۽ اعتماد سان ڪاميابيءَ جي راهه اختيار ڪرڻ بابت اهم ڳالهيون ٻڌايون۔

تقريب دوران شاگردن وڏي دلچسپي ۽ جوش سان سوال ۽ جواب جي نشست ۾ حصو ورتو، جتي کين شخصيت جي تعمير، ٻولي سکڻ، تعليمي ترقي ۽ مستقبل جي منصوبابندي بابت قيمتي رهنمائي حاصل ٿي۔ مهمانن جي متاثر ڪندڙ خطابن نوجوان ذهنن تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ کين نظم و ضبط، علم ۽ اخلاقي قدرن سان اڳتي وڌڻ جي ترغيب ڏني۔

سيشن جي پڄاڻيءَ تي پروفيسر محمد هاشم ميمڻ معزز مهمانن کي ڪاليج جي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي ۽ سندن ٿورا مڃيا ته هنن پنهنجي مصروف وقت مان قيمتي گهڙيون ڪڍي ڪيڊٽن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي لاءِ خلوص سان شرڪت ڪئي۔ هن چيو ته اهڙا تعليمي ۽ موٽيويشنل پروگرام شاگردن جي شخصيت سازي ۽ مستقبل جي قيادت جي تياريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔

Urdu...

کندھ کوٹ، کرمپور: کیڈٹس کی ذہنی، تعلیمی اور شخصیتی نشوونما کے لیے کرمپور میں ایک نہایت متاثر کن اور فکر انگیز موٹیویشنل سیشن منعقد کیا گیا، جس میں معروف ماہرینِ تعلیم پروفیسر غلام حسین منگھڑہار اور مسٹر زبیر احمد چاچڑ نے خصوصی شرکت کی۔ سیشن کے دوران معزز مہمانوں نے اپنے وسیع تجربے، دانائی اور انگریزی زبان پر مہارت کے ذریعے کیڈٹس کو اپنی پوشیدہ صلاحیتوں کو اجاگر کرنے، مؤثر انداز میں گفتگو کرنے کی مہارت حاصل کرنے اور اعتماد کے ساتھ کامیابی کی راہ اختیار کرنے کے حوالے سے اہم رہنمائی فراہم کی۔

تقریب کے دوران طلبہ نے بھرپور جوش و خروش کے ساتھ سوال و جواب کی نشست میں حصہ لیا، جہاں انہیں شخصیت سازی، زبان سیکھنے، تعلیمی ترقی اور مستقبل کی منصوبہ بندی کے حوالے سے قیمتی مشورے اور رہنمائی حاصل ہوئی۔ مہمان مقررین کے متاثر کن خطابات نے نوجوان ذہنوں پر گہرا اثر چھوڑا اور انہیں نظم و ضبط، علم اور اخلاقی اقدار کے ساتھ آگے بڑھنے کی ترغیب دی۔

سیشن کے اختتام پر پروفیسر محمد ہاشم میمن نے معزز مہمانوں کو کالج کی یادگاری شیلڈ پیش کی اور ان کا شکریہ ادا کیا کہ انہوں نے اپنی مصروفیات میں سے قیمتی وقت نکال کر کیڈٹس کی رہنمائی اور حوصلہ افزائی کے لیے خلوص کے ساتھ شرکت کی۔ انہوں نے کہا کہ ایسے تعلیمی اور موٹیویشنل پروگرام طلبہ کی شخصیت سازی اور مستقبل کی قیادت کی تیاری میں اہم کردار ادا کرتے ہیں۔

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*12-05-2026 / H.No / 48 / 26ڪنڌڪوٽ : سنڌ حڪومت عوام کي صحت جون بهتر کان بهتر سهو...
12/05/2026

*اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ*
12-05-2026 / H.No / 48 / 26

ڪنڌڪوٽ : سنڌ حڪومت عوام کي صحت جون بهتر کان بهتر سهولتون ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ ماءُ کي حمل دوران سنڌ حڪومت ۽ ممتا پروگرام تحت سوشل پروٽيڪشن اداري جي تعاون سان حمل دوران معاوضو ڏنو ويندو حمل واري عورت جو سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرائڻ جي سهولت موجود آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار اداري جي سوشل سيڪيورٽي هيلٿ سروس جي سربراھ محمد شعيب ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور مسرور احمد بجاراڻي ۽ محترمه هما هاليپوٽو ڪنڌڪوٽ جي هڪ مقامي هوٽل ۾ هڪ آگاهي سيمينار ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هنن چيو ته مامتا پروگرام سنڌ جي 22 ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪشمور ضلعي ۾ 38 اسپتالون موجود آهن جنهن ۾ 35 پي پي ايڇ آئي ۽ باقي صحت کاتي جون شامل آهن.
هن وڌيڪ چيو ته هي پروجيڪٽ ۾ ٻار جي پئداش ۽ نشونما ٿيڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اداري طرفان اهي سهولتون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن ٻار ۽ ماءُ جو علاج ٿيڻ گھرجي ۽ سندن سار سنڀال ٿي سگھي.
چيو ته ممتا پروگرام جي سهولتن لاءِ اسان جي اداري ۾ رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حمل وارين عورتن جو اڪائونٽ بئنڪ ۾ کوليو ويندو جتي کين ادائگي ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام تحت حمل وارين عورتن کي حمل دوران هر مهيني چيڪ اپ ڪرائڻ کان وٺي ٻار جي پيدائش تائين نشونما دوران 1000 ڏينهن جا 41000 پڻ ڏنا ويندا.
ان موقعي تي اداري جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر هيلٿ (ڊي سي ايڇ)غلام محمد خان ڳالهائيندي ضلعي ۾ ممتا پروگرام تحت پي پي ايڇ آءِ اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن، ضلعو ڪشمور ۾ مامتا پروگرام مارچ 2024 کان هلي رهيو آهي۔ڪشمور ضلعي اندر 76 هزار بينيفشريز کي رجسٽرڊ ٿيون آهيون. مارچ 2024 کان ڪشمور ضلعي اندر بينيفشريز کي 550 ملين سنڌ حڪومت ڏئي چڪي آهي
ھن وڌيڪ چيو ته عورتن کي سندن صحت متعلق آگاهي ڏني وڃي ۽ اهڙي قسم جا پروگرام ٻهراڙي جي علائقن ۾ پڻ ٿيڻ گھرجن ۽ حمل دوران سندن مڪمل علاج ٿيڻ گھرجي ته جيئن هو صحتمند ٻار کي جنم ڏئي سگھن.

ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سيد اعجاز علي ، اوم پرڪاش مانيٽرنگ ممتا پروگرام شوشل پروٽيڪشن سنڌ ،وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي واسطيدارن عملدارن ضلعي اينجيوز جي نمائندن شرڪت ڪئي.
پروگرام جي پڃاڻي تي ماءُ جي ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.

Urdu
12-05-2026 / H.No / 48 / 26
کندھ کوٹ: سندھ حکومت عوام کو صحت کی بہتر سے بہتر سہولیات فراہم کرنے کے لیے دن رات کام کر رہی ہے۔ اس سلسلے میں حاملہ خواتین کو دورانِ حمل ممتا پروگرام کے تحت سندھ حکومت اور سوشل پروٹیکشن ادارے کے تعاون سے مالی معاونت دی جاتی ہے، جبکہ سرکاری اسپتالوں میں علاج کی سہولت بھی موجود ہے۔

ان خیالات کا اظہار ادارہ سوشل سیکورٹی ہیلتھ سروس کے سربراہ محمد شعیب، ایڈیشنل ڈپٹی کمشنر کشمور مسرور احمد بجارانی اور محترمہ ہما ہالیپوٹو نے کندھکوٹ کے ایک مقامی ہوٹل میں منعقدہ آگاہی سیمینار سے خطاب کرتے ہوئے کیا۔ انہوں نے کہا کہ مامتا پروگرام سندھ کے 22 اضلاع میں کام کر رہا ہے، جبکہ ضلع کشمور میں 38 اسپتال موجود ہیں، جن میں 35 پی پی ایچ آئی اور باقی محکمہ صحت کے اسپتال شامل ہیں۔

انہوں نے مزید کہا کہ یہ منصوبہ برازیل کے ماڈل کے تحت شروع کیا گیا ہے، جس کا مقصد بچے کی پیدائش اور نشوونما کو بہتر بنانا ہے۔ انہوں نے کہا کہ ادارے کی جانب سے یہ سہولیات اس لیے فراہم کی جا رہی ہیں تاکہ ماں اور بچے کا بروقت علاج اور بہتر دیکھ بھال ممکن بنائی جا سکے۔

انہوں نے بتایا کہ مامتا پروگرام سے استفادہ حاصل کرنے کے لیے ادارے میں رجسٹریشن کروانا لازمی ہے۔ مزید کہا گیا کہ حاملہ خواتین کے بینک اکاؤنٹس کھولے جائیں گے جہاں انہیں ادائیگیاں کی جائیں گی۔ سندھ حکومت کے مامتا پروگرام کے تحت حاملہ خواتین کو دورانِ حمل ماہانہ چیک اپ سے لے کر بچے کی پیدائش اور اس کی نشوونما کے ابتدائی 1000 دنوں تک مجموعی طور پر 41 ہزار روپے فراہم کیے جائیں گے۔

اس موقع پر ادارے کے ڈسٹرکٹ کوآرڈینیٹر ہیلتھ (ڈی سی ایچ) غلام محمد خان نے خطاب کرتے ہوئے کہا کہ ضلع میں مامتا پروگرام کے تحت پی پی ایچ آئی اسپتال کام کر رہے ہیں، جبکہ ضلع کشمور میں مامتا پروگرام مارچ 2024 سے جاری ہے۔ انہوں نے بتایا کہ ضلع کشمور میں اب تک 76 ہزار مستحق خواتین کو رجسٹرڈ کیا جا چکا ہے اور مارچ 2024 سے اب تک سندھ حکومت کی جانب سے 550 ملین روپے فراہم کیے جا چکے ہیں۔

انہوں نے مزید کہا کہ خواتین کو صحت سے متعلق آگاہی فراہم کی جانی چاہیے اور اس نوعیت کے پروگرام دیہی علاقوں میں بھی منعقد ہونے چاہییں تاکہ حاملہ خواتین کا مکمل علاج ممکن ہو سکے اور وہ صحت مند بچوں کو جنم دے سکیں۔

اس موقع پر ڈسٹرکٹ ہیلتھ آفیسر سید اعجاز علی، ممتا پروگرام سوشل پروٹیکشن سندھ کے مانیٹرنگ آفیسر اوم پرکاش، وفاقی و صوبائی محکموں کے متعلقہ افسران اور ضلعی این جی اوز کے نمائندوں نے بھی شرکت کی۔
اس پروگرام میں مدرز ڈے کے حوالے سے شرکاء نے کیک بھی کاٹا۔

Address

Old Railway Line Road Kandhkot
Kandhkot

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SID Kandhokot - انفارميشن آفيس posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to SID Kandhokot - انفارميشن آفيس:

Share