Deputy Commissioner Jacobabad

Deputy Commissioner Jacobabad Deputy Commissioner Jacobabad - Official Page

جيڪب آباد: قابل احترام رڪن قومي اسيمبلي ۽ چيف وِپ قومي اسيمبلي مير اعجاز حسين خان جکراڻي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد، چيئرمين م...
26/06/2026

جيڪب آباد: قابل احترام رڪن قومي اسيمبلي ۽ چيف وِپ قومي اسيمبلي مير اعجاز حسين خان جکراڻي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي، چيئرمين ضلع ڪائونسل، الحاج مير غضنفر خان جکراڻي ۽ ٻين معززن سان گڏ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز “جمس” جو دورو ڪيو.
دوري دوران وفد محرم الحرام، خاص طور تي 9 ۽ 10 محرم الحرام جي حوالي سان ڪيل طبي، ايمرجنسي ۽ انتظامي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو.
بعد ۾ مير اعجاز حسين خان جکراڻي ۽ ٻين معززن سي سي ٽي وي ڪنٽرول روم جو پڻ دورو ڪيو، جتي کين محرم الحرام جي جلوسن، مجلسن ۽ مرڪزي روٽن جي سيڪيورٽي مانيٽرنگ لاءِ لڳايل ڪئميرائن، نگراني واري نظام ۽ پوليس توڙي ضلعي انتظاميه جي گڏيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. وفد ڪنٽرول روم جي عملي جي ڪارڪردگي ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو.
ان کان علاوه وفد بخاري روٽ سميت مختلف هنڌن تي قائم ميڊيڪل ڪئمپن ۽ عزادارن لاءِ لڳايل پاڻي جي سبيلن جو به دورو ڪيو. ان موقعي تي مير اعجاز حسين خان جکراڻي عزادارن کي پاڻي پياري امام حسين عليه السلام ۽ شهداءِ ڪربلا جي عظيم قربانين جي ياد تازہ ڪئي ۽ چيو ته سبيلِ حسينؑ خدمتِ انسانيت، محبتِ اهلِ بيتؑ ۽ حق جي پيغام جي روشن علامت آهي.
ان موقعي تي مير اعجاز حسين خان جکراڻي جمس انتظاميه، ڊاڪٽرن، نرسنگ اسٽاف، پوليس، ضلعي انتظاميه، ميونسپل عملي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته محرم الحرام دوران عزادارن کي هر ممڪن سهولت، طبي امداد، پيئڻ جو پاڻي، صفائي، روشني ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
هن چيو ته ضلعي انتظاميه، پوليس، جمس انتظاميه ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن طرفان ڪيل انتظام اطمينان بخش آهن، تنهن هوندي به سڀئي آفيسر ۽ عملو محرم الحرام جي پڄاڻي تائين مڪمل الرٽ رهي ته جيئن عزادارن ۽ شهرين کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.
Agha Siraj

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي جو اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏ شهر جو دورو، شهداءِ مومنين جي مقام تي حاضري ۽ انتظامن جو جائ...
25/06/2026

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي جو اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏ شهر جو دورو، شهداءِ مومنين جي مقام تي حاضري ۽ انتظامن جو جائزو
جيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي اسسٽنٽ ڪمشنر جيڪب آباد ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ شهر جي مختلف هنڌن جو دورو ڪيو.
دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر ان مقام تي پڻ پهتو، جتي محرم الحرام دوران مومنين شهيد ٿيا هئا. ڊپٽي ڪمشنر شهداءِ مومنين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ سندن ايصالِ ثواب لاءِ دعا گهري. ان موقعي تي سيد احسان شاهه، سيد رياض شاهه ۽ ٻيا معزز پڻ موجود هئا.
بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڀرتا مرتضيٰ پارڪ جو دورو ڪيو، جتي رکيل تبرڪات ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته عزادارن ۽ عوام جي سهولت لاءِ صفائي سٿرائي، روشني، پاڻي ۽ ٻين ضروري سهولتن کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.
ڊپٽي ڪمشنر شهر جي مختلف علائقن جو پڻ دورو ڪيو ۽ محرم الحرام جي حوالي سان ڪيل انتظامن جو معائنو ڪيو. هن پوليس ڪنٽرول روم جو دورو ڪري سيڪيورٽي انتظامن، مانيٽرنگ سسٽم ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي اڳڀرائي بابت معلومات حاصل ڪئي.
ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد چيو ته ضلعي انتظاميا، پوليس، صحت کاتو، ميونسپل ڪاميٽي ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا مڪمل الرٽ آهن، ته جيئن محرم الحرام دوران امن امان، سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي، روشني، پاڻي ۽ ٻين سهولتن کي بهتر انداز ۾ يقيني بڻائي سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته عوام ۽ عزادارن جي سهولت لاءِ سڀ لاڳاپيل ادارا هڪٻئي سان مڪمل رابطي ۾ رهن ۽ ڪنهن به شڪايت يا مسئلي جي صورت ۾ فوري قدم کنيا وڃن.

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي جو جمس اسپتال ۽ سول اسپتال جو دورو، محرم الحرام جي سلسلي ۾ ايمرجنسي انتظامن جو جائز...
25/06/2026

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي جو جمس اسپتال ۽ سول اسپتال جو دورو، محرم الحرام جي سلسلي ۾ ايمرجنسي انتظامن جو جائزو
جيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي محرم الحرام دوران ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز، جمس اسپتال ۾ قائم ڪيل ٽراما ايمرجنسي سينٽر جو افتتاح ڪيو ۽ اتي موجود طبي سهولتن جو جائزو ورتو.
ٽراما ايمرجنسي سينٽر خاص طور تي محرم الحرام جي جلوسن، مجالسن ۽ عزادارن کي ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح عوام ۽ عزادارن کي بروقت طبي سهولتون، سيڪيورٽي ۽ ٻيا ضروري انتظام فراهم ڪرڻ آهي.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سول اسپتال جيڪب آباد جي ايمرجنسي وارڊ جو پڻ دورو ڪيو، جتي الڳ ايمرجنسي انتظام ڪيا ويا آهن، ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ جمس اسپتال ۽ سول اسپتال ٻنهي هنڌن تي ماڻهن کي فوري ۽ بهتر طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.
ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي سخت هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران مڪمل الرٽ رهن، ڊيوٽي تي موجودگي يقيني بڻائين ۽ عوام کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي، جيئن ڪنهن به قسم جي شڪايت سامهون نه اچي.
ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جمس اسپتال جي ڊائريڪٽر بريگيڊيئر رٽائرڊ محمد زبير شيخ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته جمس اسپتال انتظاميا محرم الحرام جي حوالي سان بهترين انتظام ڪيا آهن، جيڪي قابلِ تعريف آهن.
دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ ڊي ايڇ او جيڪب آباد، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مير غلام عباس جکراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر جيڪب آباد، جمس اسپتال جي انتظاميا، ڊاڪٽرز، لاڳاپيل آفيسر ۽ ٻيا معزز پڻ موجود هئا.
مرڪزي امام بارگاهه جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ محترم علي صاحب پڻ ضلعي انتظاميا، صحت کاتي ۽ جمس اسپتال پاران ڪيل انتظامن کي ساراهيو ۽ چيو ته محرم الحرام دوران عوام ۽ عزادارن جي سهولت لاءِ ڪيل قدم خوش آئند آهن.
ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميا، پوليس، صحت کاتو، ميونسپل ڪاميٽي ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا مڪمل رابطي ۾ آهن، ته جيئن محرم الحرام دوران امن امان، صفائي سٿرائي، پيئڻ جو پاڻي، روشني، سيڪيورٽي ۽ ايمرجنسي طبي سهولتن کي يقيني بڻائي سگهجي.
Agha Siraj

محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد پاران امام بارگاهن، مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي روٽن جو دو...
17/06/2026

محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد پاران امام بارگاهن، مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي روٽن جو دورو
جيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن فيضان علي محرم الحرام جي سلسلي ۾ ضلعي جي مختلف امام بارگاهن، مجلسن جي هنڌن ۽ ماتمي جلوسن جي روٽن جو تفصيلي دورو ڪيو.
دوري دوران سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي، بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي، اسٽريٽ لائيٽن، نيڪال آب، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين ضروري انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي منتظمين، علماءِ ڪرام ۽ مسلڪ ڪميٽي جي نمائندن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ۽ تجويزون پڻ ٻڌيون.
دوري جي موقعي تي ضلعي انتظاميا، پوليس، واپڊا، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ميونسپل ڪميٽي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ موجود هئا. دوري دوران محرم الحرام جي ڏينهن ۾ امن امان، سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي، روشني، پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين بلدياتي سهولتن بابت انتظامن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساهي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام کان اڳ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪيا وڃن، جيئن مجلسن ۽ ماتمي جلوسن دوران عزادارن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف يا پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.
Agha Siraj

*پريس رليز*ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد پاران عوام کي ڪتي جي چڪ کان پوءِ فوري علاج ڪرائڻ جي اپيلڊپٽي ڪمشنر عوام کي اپيل ڪئي آهي ...
13/06/2026

*پريس رليز*

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد پاران عوام کي ڪتي جي چڪ کان پوءِ فوري علاج ڪرائڻ جي اپيل

ڊپٽي ڪمشنر عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪتي جي چڪ کي هرگز معمولي نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته ريبيز هڪ انتهائي خطرناڪ پر بروقت علاج سان روڪي سگهجندڙ بيماري آهي، تنهنڪري جانور جي چڪ کان پوءِ فوري طبي علاج ڪرائڻ سان قيمتي جان بچائي سگهجي ٿي.

عوام کي صلاح ڏني وئي آهي ته ڪتي جي چڪ لڳڻ جي صورت ۾ زخم کي صابڻ ۽ وهندڙ پاڻي سان چڱيءَ طرح ڌوئي، بنا دير ويجهي مقرر ڪيل صحت مرڪز تي وڃي طبي معائنو، اينٽي ريبيز ويڪسين ۽ ضرورت موجب ريبيز اميونوگلوبولين لڳرائي. علاج ۾ دير ڪرڻ سان سنگين ۽ جان ليوا نتيجا نڪري سگهن ٿا.

سنڌ حڪومت پاران ضلعي جيڪب آباد ۾ ست 07 ريبيز روڪٿام مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جتي اينٽي ريبيز ويڪسين (ARV) ۽ ريبيز اميونوگلوبولين (RIG) جون سهولتون موجود آهن:

ڊي ايڇ ڪيو سول اسپتال، جيڪب آباد

ٽي ايڇ ڪيو اسپتال، ڳڙهي خيرو

ٽي ايڇ ڪيو اسپتال، ٺل

جمس اسپتال، جيڪب آباد

ڊسٽرڪٽ آفيس اي آر وي ڪلينڪ، جيڪب آباد

رورل هيلٿ سينٽر، ڳڙهي حسن سرڪي
بيسڪ هيلٿ يونٽ، بنگل کوسو، تعلقو ٺل

ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل صحت اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن مقرر ڪيل مرڪزن تي ARV ۽ RIG جي بنا رڪاوٽ دستيابي يقيني بڻائي وڃي ۽ ڪتي جي چڪ کان متاثر ماڻهن کي فوري طبي سهولت فراهم ڪئي وڃي.
عوام فوري طبي مدد ۽ ويجهي ARV/RIG علاج مرڪز بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو 1122 سان رابطو ڪري سگهي ٿو.

ضلعي انتظاميا جيڪب آباد مقامي ميڊيا، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز، ڪميونٽي اڳواڻن، مذهبي عالمن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته هن اهم عوامي صحت واري پيغام کي وڌ کان وڌ عام ڪيو وڃي.

ڪتي جي چڪ کي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪريو، بروقت علاج قيمتي جان بچائي سگهي ٿو.

**ضلعي انتظاميا جيڪب آباد
Agha Siraj

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساحي پاران ضلعي ۾ وڻڪاري مهم بابت اهم اجلاس، سمورن کاتن ۽ اين جي اوز کي وڌ کان وڌ ٻوٽا ل...
11/06/2026

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساحي پاران ضلعي ۾ وڻڪاري مهم بابت اهم اجلاس، سمورن کاتن ۽ اين جي اوز کي وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائڻ جون هدايتون
جيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساحي جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ وڻڪاري مهم ۽ گرين ڪور وڌائڻ بابت اهم اجلاس ڊي سي آفيس جيڪب آباد جي ڊجيٽل ڪانفرنس روم ۾ منعقد ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن، ميونسپل ادارن، تعليم، صحت، زراعت، آبپاشي، هاءِ ويز، بلڊنگز، پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ، ريسڪيو 1122 ۽ اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي.
ڊپٽي ڪمشنر شهزاد احمد ساحي چيو ته جيڪب آباد ۾ گرمي جي شدت کي گهٽائڻ، ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ شهر توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سرسبزي وڌائڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي ضروري آهي. هن سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي آفيسن، اسڪولن، اسپتالن، روڊن جي ڪنارن، سرڪاري عمارتن ۽ ٻين مناسب هنڌن تي وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائين.
ڊپٽي ڪمشنر، ڊويزنل فاريسٽ آفيسر کي سخت هدايتون جاري ڪيون ته سمورن سرڪاري کاتن ۽ اين جي اوز کي مفت ٻوٽا فراهم ڪيا وڃن، جيئن 15 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مونسون سيزن دوران وڏي پيماني تي ٻوٽا لڳائي سگهجن ۽ انهن جي بقا کي يقيني بڻائي سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته صرف ٻوٽا لڳائڻ ڪافي ناهي، پر انهن جي سنڀال، پاڻي ڏيڻ ۽ حفاظت لاءِ به عملي قدم کنيا وڃن. هر کاتو پنهنجي سطح تي وڻڪاري جو پلان تيار ڪري رپورٽ ڊي سي آفيس ۾ جمع ڪرائي.
ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميا جيڪب آباد کي وڌيڪ سرسبز ۽ ماحول دوست بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، ۽ هن مهم ۾ سمورن ادارن، سول سوسائٽي ۽ عوام جو تعاون انتهائي اهم آهي.

پريس رليزڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد تعلقي ٺل جي علائقن ٺل سٽي، ميرپور برڙو، رانجهاپور ۽ مبارڪپور جو دورو ڪيو.دوري دوران ڊپٽي ڪ...
11/06/2026

پريس رليز
ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد تعلقي ٺل جي علائقن ٺل سٽي، ميرپور برڙو، رانجهاپور ۽ مبارڪپور جو دورو ڪيو.
دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر محرم الحرام جي سلسلي ۾ مختلف امام بارگاهن جو معائنو ڪيو، جتي سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي، روشني، رستن جي صورتحال ۽ ٻين انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مقامي ماڻهن ۽ امام بارگاهن جي منتظمين جون شڪايتون پڻ ٻڌيون ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران عزادارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي ۽ عوامي مسئلن کي فوري طور حل ڪيو وڃي.
ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جو چوڻ هو ته محرم الحرام کان اڳ امام بارگاهن جا دورا ڪرڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته اتي موجود شڪايتن ۽ مسئلن کي محرم الحرام جي ڏينهن کان اڳ حل ڪيو وڃي، ته جيئن عزادارن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف يا پريشاني پيش نه اچي.
هن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا محرم الحرام دوران امن امان، صفائي سٿرائي، روشني ۽ ٻين ضروري انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل طور متحرڪ آهي. :::
Agha Siraj

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساحي جو سرڪاري ترقياتي اسڪيم جو اوچتو دورو، نامڪمل ڪم ۽ ٽٽل پلن/ڪلورٽس تي سخت ڪاوڙ جو اظ...
09/06/2026

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساحي جو سرڪاري ترقياتي اسڪيم جو اوچتو دورو، نامڪمل ڪم ۽ ٽٽل پلن/ڪلورٽس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار
جيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساحي تعلقه ڳڙهي خيرو جي اهم ترقياتي اسڪيم بوسن کان ميرانپور بُرڙو براستہ دوداپور روڊ جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن روڊ، پلن ۽ ڪلورٽس جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو.
دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي مختلف هنڌن جو معائنو ڪيو. مقامي ماڻهن ٻڌايو ته ڄاڻايل اسڪيم تقريباً 60 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان شروع ڪئي وئي هئي، پر ڪافي عرصو گذرڻ باوجود روڊ، پلن ۽ ڪلورٽس جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد موقعي تي ٽٽل پلن، نامڪمل ڪلورٽس ۽ بند/نامڪمل ڪم تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته ترقياتي اسڪيمن ۾ غفلت، ناقص ڪم يا سرڪاري فنڊن جي غلط استعمال کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد چيو ته رڪارڊ موجب ڄاڻايل اسڪيم سال 2005ع ۾ مڪمل ظاهر ڪئي وئي هئي ۽ ڪنٽريڪٽر کي مڪمل ادائيگي پڻ ٿي چڪي آهي، پر ان باوجود زميني صورتحال اها آهي ته ڪم مڪمل نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هي عوامي مفاد ۽ سرڪاري خزاني سان لاڳاپيل انتهائي سنجيده معاملو آهي، تنهنڪري لاڳاپيل ڪنٽريڪٽر ۽ لاڳاپيل انجنيئرن خلاف اينٽي ڪرپشن ڪارروائي لاءِ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي باقاعده طور لکيو ويندو.
ڊپٽي ڪمشنر شهزاد احمد ساحي چيو ته عوامي مفاد جي ترقياتي اسڪيمن کي اڌورو ڇڏڻ عوام سان زيادتي آهي. ضلعي انتظاميا اهڙن معاملن تي خاموش نه رهندي ۽ عوام جي پئسن جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو.
هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ٽٽل پلن ۽ ڪلورٽس جي مرمت/تعمير بابت فوري قدم کنيا وڃن، ته جيئن علائقي واسين کي پيش ايندڙ سفري مشڪلاتون ختم ٿي سگهن.
Agha Siraj

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساحي جو تعلقه ڳڙهي خيرو جو دورو، محرم الحرام جي انتظامن جو جائزوجيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جي...
09/06/2026

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساحي جو تعلقه ڳڙهي خيرو جو دورو، محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو
جيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساحي تعلقه ڳڙهي خيرو جو دورو ڪيو، جتي هن محرم الحرام جي حوالي سان ڪيل انتظامن، عوامي مسئلن، صحت جي سهولتن ۽ جاري ترقياتي اسڪيمن جو تفصيلي جائزو ورتو.
دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد پي پي ايڇ آءِ هيلٿ سينٽر شيرانپور جو به معائنو ڪيو، جتي هن موجود طبي سهولتن، عملي جي حاضري، دوائن جي دستيابي ۽ صفائي سٿرائي جو جائزو ورتو. هن لاڳاپيل عملي کي هدايت ڪئي ته عوام کي بهتر صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.
بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد مختلف امام بارگاهن، جن ۾ امام بارگاهه دائو جھانپور، امام بارگاهه ڳڙهي خيرو سميت ٻيا هنڌ شامل آهن، جو دورو ڪيو. هن محرم الحرام جي جلوسن ۽ مجلسن جي حوالي سان سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي، لائٽنگ، پيئڻ جي پاڻي، رستن جي مرمت ۽ ٻين ضروري انتظامن جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مقامي ماڻهن، معززين ۽ منتظمين سان ملاقات ڪئي، سندن مسئلا ٻڌا ۽ موقعي تي موجود ميونسپل ڪميٽي ۽ انتظاميه جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران عوام ۽ عزادارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي.
ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد ساحي آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته محرم الحرام جي انتظامن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته صفائي سٿرائي، لائٽنگ، پيئڻ جو پاڻي، صحت جون سهولتون ۽ سيڪيورٽي انتظام هر صورت ۾ يقيني بڻايا وڃن ته جيئن محرم الحرام دوران ڪنهن به قسم جو مسئلو پيش نه اچي.
ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميه عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ هر وقت متحرڪ آهي، ۽ محرم الحرام دوران سمورا لاڳاپيل کاتا گڏيل رابطي سان پنهنجون ذميواريون بهتر نموني سرانجام ڏين.
Agha Siraj

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد جو تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو جو اوچتو دوروجيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد تعلقه ...
09/06/2026

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد جو تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو جو اوچتو دورو
جيڪب آباد: ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن اسپتال ۾ موجود طبي سهولتن، صفائي سٿرائي، عملي جي حاضري ۽ ڊيوٽي روسٽر جو تفصيلي جائزو ورتو.
دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽرن ۽ ٻين عملي جي موجودگي جي تصديق ڪئي، ته جيئن معلوم ڪري سگهجي ته جيڪي ملازم تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو مان پگهارون کڻي رهيا آهن، ڇا اهي باقاعدگي سان پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن يا نه.
ابتدائي ويريفڪيشن ۽ اسپتال انتظاميا جي رپورٽ موجب ڪيترائي ڊاڪٽر ڊيوٽي تان غير حاضر مليا، جن ۾ ڊاڪٽر وجي ڪمار، ڊاڪٽر محمد جعفر، ڊاڪٽر اشفاق، ڊاڪٽر محمد حسن، ڊاڪٽر عدنان نبي، ڊاڪٽر محمد وسيم, ڊاڪٽر فرقان ۽ بیا شامل آهن. ڄاڻايل ڊاڪٽرن بابت ٻڌايو ويو ته اهي تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو مان پگهارون وصول ڪري رهيا آهن، پر اسپتال ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام نه پيا ڏين.
ان موقعي تي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر محمود پڻ غير حاضر ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي تان غير موجودگي جي تصديق ڪئي.
ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد صورتحال تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي غير حاضري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد غير حاضر ڊاڪٽرن خلاف کاتيوار ڪارروائي لاءِ سيڪريٽري صحت حڪومتِ سنڌ ڏانهن ريفرنس موڪلڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
هن وڌيڪ چيو ته ضلعي جي سمورن سرڪاري اسپتالن، صحت مرڪزن ۽ ڊسپينسرين جي نگراني جو عمل وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو، ۽ جيڪو به ڊاڪٽر يا ملازم پنهنجي ڊيوٽي تان غير حاضر مليو، ان خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
Agha Siraj

Address

DC Office Road
Jacobabad
79000

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Deputy Commissioner Jacobabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share