Workers Resistance Movement پورهيت مزاحمت تحريڪ

Workers Resistance Movement  پورهيت مزاحمت تحريڪ Workers Resistance Movement is a Leftist Progressive political organisation based in Sindh, Pakistan.

Workers` Resistance Movement is a progressive left wing organization in Sindh which believes in national liberation and socialism .It aims to bring together working masses of Sindh to lead national liberation and build socialism in Indus Region .

ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جو پگهار 60 سيڪڙو وڌايو وڃي پگهارن تي لڳايل ناجائز واڌو ٽيڪس ختم ڪيا وڃن.
01/06/2026

ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جو پگهار 60 سيڪڙو وڌايو وڃي
پگهارن تي لڳايل ناجائز واڌو ٽيڪس ختم ڪيا وڃن.

عوام دشمن هر دستور نامنظور نامنظورايندڙ بجيٽ ۾ روزانو مزدوري ڪندڙ پورهيتنجي مزدوري مھانگائي مطابق 60 هزار ڪيو.
01/06/2026

عوام دشمن هر دستور نامنظور نامنظور
ايندڙ بجيٽ ۾ روزانو مزدوري ڪندڙ پورهيتن
جي مزدوري مھانگائي مطابق 60 هزار ڪيو.

سنڌ ڌرتي جو تشخص واضح آهي. هتي هزارين سالن کان مختلف مذهبن، عقيدن ۾ مڃيندڙ ماڻهو، توڙي ماديت پسند دين کي نہ مڃيندڙ ماڻهو...
30/05/2026

سنڌ ڌرتي جو تشخص واضح آهي. هتي هزارين سالن کان مختلف مذهبن، عقيدن ۾ مڃيندڙ ماڻهو، توڙي ماديت پسند دين کي نہ مڃيندڙ ماڻهو گڏ عزت ۽ احترام سان رهيا آهن. ڀٽائي جو رسالو ان شناخت جو وڏو ثبوت آهي، جتي ”اول الله عليم“ جي ذڪر کان وٺي انهن گورک ناٿين کي بہ ڳايل آهي، جن لاءِ لطيف چوي ٿو: ”نڪي نمن ناٿ کي، ناٿ نہ نمائن“ يا ”هو جي ڪين قبولڻ هار، هلو تہ تڪيا پسون تن جا“. اهڙي ڌرتي تي ڪا بہ اهڙي غنڊاگردي، دهشتگردي ۽ ملاگردي قبول نہ ڪئي ويندي، جتي ڪو ملو ماڻهن جي گهرن تي چڙهائي ڪري اهو طئي ڪري تہ ڪير مسلمان آهي يا ڪير ڪافر آهي. ان ڪري سنڌي عوام کي خوف مان نڪري، انتهاپسندي جي ان لهر جو سخت مقابلو ڪرڻ گهرجي.
مسرور شاهہ

پورهيو محنت ڪائناتي عمل آهي جيڪو ڪڏهن نہ مرندو آهيپورھيت صابر علي نونداڻي جي محنت ۽ثابت قدمي کي سرخ سلام
26/05/2026

پورهيو محنت ڪائناتي عمل آهي جيڪو ڪڏهن نہ مرندو آهي
پورھيت صابر علي نونداڻي جي محنت ۽
ثابت قدمي کي سرخ سلام

بلڙي شاھ ڪريمپورھيت مزاحمت تحريڪ ضلعي ٽنڊومحمدخان پاران شھيد بلاول اسٽيڊي سرڪل ڪيوويو۔تفصيل موجب پورھيت مزاحمت تحريڪ ضلع...
24/05/2026

بلڙي شاھ ڪريم
پورھيت مزاحمت تحريڪ ضلعي ٽنڊومحمدخان پاران شھيد بلاول اسٽيڊي سرڪل ڪيوويو۔تفصيل موجب پورھيت مزاحمت تحريڪ ضلعي ٽنڊو محمدخان پاران بلڙي شاھ ڪريم ويجھو نائون ميل اسٽاپ لڳ ڳوٺ رجب سٺيو م اسٽيڊي سرڪل ڪامريڊ دوست علي لغاري ڪامريڊ دوست علي لغاري جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو ۔جنھن م مختلف علائقن ء ڳوٺن کان آيل ساٿين شرڪت ڪئي ۔جڏھن ته ڪامريڊ ابراھيم سٺيواسٽيڊي سرڪل م حصو وٺندڙ آيل مھمان کي ڀليڪارچئي سندن ٿورا مڃيا۔ ھن اسٽيڊي سرڪل جو عنوان ھو "سياست" سياست جي موضوع تي سرڪل م ويٺل ساٿين پنھنجا پنھنجا ويچارونڊيا۔ آخر م اسٽيڊي سرڪل جي صدارت ڪندڙ ڪامريڊ دوست علي لغاري چيوته ھن اسٽيڊي سرڪل ڪرائڻ جو مقصد آھي ته ڳوٺن جي نوجوانن م سياسي شعور پيدا ڪرڻ آھي ته جيئن ھتان جا نوجوان شعوري تعليم حاصل ڪري پنھنجي پنھنجي علائقي جي مسئلن ء پنھنجي بنيادي حقن لاء جدوجھد ڪري سگھن۔ ان موقعي ته اسٽيڊي سرڪل م نيشنل ٽريڊيونين فيڊريشن ء ھاري يونين جي اڳواڻ ڪامريڊ لال بخش لالڻ سٺيو'ڪامريڊ ابراھيم سٺيو'ڪامريڊ محرم سٺيو'ڪامريڊ علي اصغر پسيو'ڪامريڊ قطب الدين پسيو 'ڪامريڊ شھزاد سٺيو'ڪامريڊ قادر ھڱورجو'ڪامريڊ ڪاشف سٺيو'ساجن رندزمان رندگلشير سٺيو' سليمان سٺيو فيض گل سٺيو' فياض سٺيو چاچا انور مھيسر 'چاچا حسن خان کوسو ء ٻين پڻ شرڪت ڪئي۔

ڪنڊيارو ;علي حسن زرداريءَ جي سرپرستيءَ ۾ ڪنڊيارو بلڊر مافيا پاران ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ جي زمين تي قبضي خلاف سنڌ ساگ...
24/05/2026

ڪنڊيارو ;
علي حسن زرداريءَ جي سرپرستيءَ ۾ ڪنڊيارو بلڊر مافيا پاران ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ جي زمين تي قبضي خلاف سنڌ ساگر پارٽي، يوٿ ايڪشن ڪميٽي ۽ پورھيت مزاحمت تحريڪ ڪنڊيارو پاران احتجاجي ريلي ڪڍي اسٽار چؤڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو!

Address

Hyderabad

Telephone

+923022846576

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Workers Resistance Movement پورهيت مزاحمت تحريڪ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share