SST سنڌي شاگرد تحريڪ

SST سنڌي شاگرد تحريڪ SST is a organization of Sindhi intellectual Students,
It believes & struggle for education,
employment, peace,equality,prosperity & Integrity of Sindh.

16/10/2024
سياسي اڳواڻ ۾ ڪهڙيون خوبيون هجڻ گهرجن؟1) ڇا ماڻهو بهادر آهي؟2) سچار آهي؟3) داناء آهي؟ 4) قابل آهي؟ 5) چيڙهو ملھ آهي؟ 6) ...
31/03/2022

سياسي اڳواڻ ۾ ڪهڙيون خوبيون هجڻ گهرجن؟
1) ڇا ماڻهو بهادر آهي؟
2) سچار آهي؟
3) داناء آهي؟
4) قابل آهي؟
5) چيڙهو ملھ آهي؟
6) ڳرو ملھ آهي؟
7) ڇڙوڇڙ ماڻهن کي گڏ ڪري سگهي ٿو؟
8) تنظيم سازي ڄاڻي ٿو؟
9) نهٺو آهي؟
10) بار گير آهي؟
11) اروڙي آهي؟
12) تخليقي ذهن اٿس؟
13) ڪين مان ڪجھ بڻائي سگهي ٿو؟
14) پڇاڙي تائين بيٺو آهي؟
15) شڪست جي باوجود وڙهي پيو؟
16) جتي ڪو گس ڪونهي اتان لوگهو ڪڍي لنگهي سگهي ٿو؟
17) سازش کي منهن ڏئي ناڪام بڻائي سگهي ٿو؟
18) اڳواڻي ڪري سگهي ٿو؟
19) آڳ ۽ طوفان کي منهن ڏئي سگهي ٿو؟
20)خطرن جو اڳواٽ اندازو لڳائي سگهي ٿو؟
21) بچاء جون تدبيرون ڪري سگهي ٿو؟
22) مئلن ۾ ساھ وجهي سگهي ٿو؟
جڏهن اهڙا ماڻهو پيدا ٿين ٿا ۽ پنهنجو ڪم ڏيکارين ٿا ته زمانن ۾ ٿرٿلا وجهيو ڇڏين.
(رسول بخش پليجو_ قومي بقا جي جدوجهد ۾ علم ۽ ادب جو ڪردار، تي 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر)

31/03/2022

ھي وڏيرا ڪرسي لاء پنهنجي ماء جو چولو به وڪڻي ڇڏيندا قوم جي ڪا حيثيت ناھي سڀ ڪجهه وڪڻي ڇڏيندا......

رسول بخش پليجو صاحب

07/11/2021
13/07/2021

سنڌي شاگرد تحريڪ اڳواڻ علي رضا جلباڻي ينگ سنڌي انجينئرس ايسوسيئيشن اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي پاران نئين ڪابينا جي حلف نامي واري تقريب ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
ينگ سنڌي انجينئرس ايسوسيئيشن اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن لاءِ جدوجهد ڪندڙ هڪ فورم آهي. سندن نئين چونڊيل باڊي جي حلف برداري واري تقريب ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ اڳواڻن علي رضا جلباڻي ۽ نويد ڪلهوڙو خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيا.

سنڌي شاگرد تحريڪ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC ) پاران ڪيترن ئي سالن نوجوانن سان جاري ناانصافين خلاف احتجاج جو سلسلو ج...
02/05/2021

سنڌي شاگرد تحريڪ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC ) پاران ڪيترن ئي سالن نوجوانن سان جاري ناانصافين خلاف احتجاج جو سلسلو جاري. اڄ نصير آباد ۽ ميهڙ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.
نصير آباد ۾ هلندڙ تيز مينهن دوران ايس ايس ٽي جي ساٿين عاطف ملاح، حميد انقلابي، ڪامريڊ رضا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاھ لطيف پارڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران CCE اسڪريننگ ٽيسٽ جي امتحانن ۾ سال 2013ع، 18، 19، 20, ۽ 21 ۾مسلسل غلطيون ڪيون ويون آهن. ڪجهه وقت اڳ "اسسٽنٽ" جي نوڪرين لاءِ ورتل پرچن ۾ پڻ غلطيون سامهون آيون. ان کان علاوه مختلف شعبن ۾ ليڪچراري جي عهدن جي لاءِ ورتل لڳ ڀڳ هر پرچي ۾ غلطيون ڪيون ويون آهن جيڪا هڪ منظم سازش آهي. 2018ع ۾ ميڊيڪل آفيسر جي 1300 کان وڌيڪ جاين لاءِ ڀرتين ۾ بدعنوانيون سامهون آيون جنهن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس به هلندڙ آهي. اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته هن اداري جي اهليت جو اندازو انهن ئي ڳالهين مان لڳائي سگھجي ٿو ته هنن وٽ درست پرچي ٺاهڻ جي به اهليت ناهي. هر سال جيان هن سال به ايس پي ايس سي انتظاميا پاران پنهنجي نااهلي ۽ بدعنوانين کي لڪائڻ لاءِ هڪ ٽيم جوڙي وئي آهي جيڪا پرچن ۾ موجود غلطين جي تحقيق ڪندي ۽ غلطيون سامهون اچڻ جي صورت ۾ واڌو مارڪون ڏنيون وينديون. اڳواڻن ان اعلان کي رد ڪندي چيو ته ”هن اداري پاران لڳ ڀڳ هر امتحان ۾ غلطيون ڪيون پيون وڃن جيڪي اسين سمجهن ٿا ته انتظاميا پنهنجا ڳجھا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوانن جي مستقبل سان اهڙي راند ڪري رهي آهي.“
اڳواڻن مختلف پرچن ۾ غلطين جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته CCE-21 جي امتحان ۾ لڳ ڀڳ ٻارنهن غلطيون آهن. جيوگرافي شعبي ۽ فزڪس ۾ ليڪچراري لاءِ ورتل پرچي ۾ لڳ ڀڳ اٺ، سنڌي جي پرچي ۾ يارنهن، ايجوڪيشن ۾ پڻ ڪجهه غلطيون آهن جڏهن ته پاڪستان اسٽڊي جي پرچي ۾ ڪيترائي سوال ڪورس ۾ شامل نه هجڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو. ٻئي پاسي CCE 2019 جي ڀرتين ۾ خاص ڪري DSP جي پوسٽن تي ڀرتين ۾ پڻ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي آهي.
اڳواڻن پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اهليت تي سوال اٿارڻ سان گڏوگڏ اداري جا غلطين پٺيان ڳجھا مفاد هجڻ ۽ بدعنوانين جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو. سندن چوڻ هو ته هي سمورا امتحان رد ڪري ٻيهر ڪنهن لائق اداري هٿان امتحان ورتا وڃن ۽ ايس پي ايس سي پاران سالن کان جاري هن نااهلي جو سختي سان نوٽيس وٺي جاچ ڪئي وڃي ته لڳ ڀڳ هر امتحان ۾ غلطين پٺيان سندن ڪهڙا ڳجھا مفاد آهن. اڳواڻن جو چوڻ هو ته هي ادارو ان قابل ئي ناهي ته هي شفاف ۽ معياري امتحان وٺي سگهي.
(ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ SST پاران حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ملير ڪراچي، اسلام ڪوٽ، ٽنڊي آدم ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ احتجاجي ريليون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا.)

Sindhi Shagird Tehreek, after leading strenuous protests in 5 different cities, is going to raise voice against nepotism...
30/04/2021

Sindhi Shagird Tehreek, after leading strenuous protests in 5 different cities, is going to raise voice against nepotism, corruption and incompetence of SPSC on coming Sunday in three more cities - , Pandhi and .
Every victim of the incompetence of SPSC is invited to join us for his rights.
~Sindhi Shagird Tehreek (SST)~

سنڌي شاگرد تحريڪ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران خلاف احتجاجن جو سلسلو جاري.ايندڙ آچر ڏهاڙي نصير آباد ۽ ڪجهه ٻين شهرن ۾ ...
29/04/2021

سنڌي شاگرد تحريڪ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران خلاف احتجاجن جو سلسلو جاري.
ايندڙ آچر ڏهاڙي نصير آباد ۽ ڪجهه ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

Address

D-10 PalijoHouse D-10 Prince Town Qasimabad Hyderabad
Hyderabad

Telephone

+923332508545

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SST سنڌي شاگرد تحريڪ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share