Sindh Shagird Mahaz

Sindh Shagird Mahaz سنڌ شاگرد محاذ ھڪ ترقي پسند، وطن دوست ۽ کاٻي ڌر سان سلھاڙيل شاگرد تنظيم آھي.

21/05/2026

محمد علي جناح يونجورسٽي جي شاگردن جي غير قانوني معطلي ۽ پُر امن شاگردن مٿان تشدد ڪرائڻ خلاف يونورسٽي گيٽ تي لڳل پُر امن ڌرڻي ۾ آرگنائزر سنڌ شاگرد محاذ (ڪراچي ڊويزن) ڳالھ ٻولھ رکندي

21/05/2026

محمد علي جناح يونيورسٽي جي انتظاميه شاگردن کي بحال ڪرڻ کان مُڪري وئي. شاگردن تي ھڪ ڀيرو ٻيھر پرائيويٽ ماڻھون گھرائي تشدد ڪيو ويو جنھن باوجود شاگردن جو احتجاج پُر امن نمونه جاري آھي.

محمد علي جناح يونيورسٽي جي شاگردن سان يڪجهتي ۾ سنڌ شاگرد محاذ جا ساٿي طيبه عباسي، نظير احمد، حسيب ميمڻ ۽ رضوانه گڏ ويٺل ...
15/05/2026

محمد علي جناح يونيورسٽي جي شاگردن سان يڪجهتي ۾ سنڌ شاگرد محاذ جا ساٿي طيبه عباسي، نظير احمد، حسيب ميمڻ ۽ رضوانه گڏ ويٺل آهن.

Press release: Expulsion and cancellation of admissions of four students of Muhammad Ali Jinnah University, Karachi is h...
08/05/2026

Press release:

Expulsion and cancellation of admissions of four students of Muhammad Ali Jinnah University, Karachi is highly condemnable. Peaceful activities within the university is a constitutional right of every student, harassing students for exercising their constitutional rights is not only illegal but also out of the moral domain of the institution. The university administration has failed to provide due protection to the victims, instead the administration, subjecting the students to racial discrimination, suspended admission of two and cancelled admission of the other two students. Moreover, the students were not allowed a fair chance to plead their case. It's been a month since the aggrieved students have been barred from entering the univeristy. Sindh students Federation condemns such racial discrimination; however the condemnation shall not be limited to verbal warnings only. Students shall not be left helpless and all support and solidarity shall be extended to the victims since the university administration has failed miserably in protecting the academics and dignity of the aggrieved students.

شاگرد دشمن هر دستور نامنظور نامنظور
29/04/2026

شاگرد دشمن هر دستور نامنظور نامنظور

14/04/2026

ڊاڪٽر فهميده لغاري جي خون سان انصاف، جوابدارن کي سندن انجام تائين پهچائڻ ۽ اھڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ڇنڇر ڏينهن 18 اپريل تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو وارثن پاران اعلانيل مظاهري جي حمايت ڪندي ڪراچي ۾ موجود سمورن ساٿين، سياسي تنظيمن توڙي وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائٽي کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

پريس رليزسنڌ شاگرد محاذ ميرپورخاص جي محمدي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فھميدا لغاري جي افسوسناڪ آپگھات تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ ج...
09/04/2026

پريس رليز

سنڌ شاگرد محاذ ميرپورخاص جي محمدي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فھميدا لغاري جي افسوسناڪ آپگھات تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو. نياڻي جي والدين موجب، شاگردياڻي استادن ۽ ساٿي شاگردن جي مسلسل ذهني ۽ جنسي حراسمنٽ کان تنگ اچي اهڙو انتهاپسند قدم کڻڻ تي مجبور ٿي.

هي واقعو ڪو اڪيلو حادثو ناھي پر سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ موجود هڪ خطرناڪ ۽ منظم مسئلي جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي نياڻيون محفوظ نه آهن. حراسمنٽ، ڌمڪيون، ۽ اداري جي انتظاميا طرفان شڪايتن کي نظرانداز ڪرڻ، شاگردياڻين کي ذهني اذيت جي اهڙي سطح تي پهچائي ٿو، جتي شاگرديون اھڙا وڏا قدم کڻن ٿيون.

اسين واضع طور چيون ٿا تہ حراسمنٽ کي انفرادي مسئلو چئي لڪائڻ اصل ۾ ڏوهارين جي سرپرستي ڪرڻ آهي. تنھنڪري ھن ڪيس ۾ ملوث سمورن ڪردارن کي ظاھر ڪري انھن کي سزائون ڏنيون وڃن.

اسان هيٺيان مطالبا پيش ڪريون ٿا:

1) فضيلا لغاري جي آپگھات جي آزاد، شفاف ۽ عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.

2) ملوث استادن ۽ شاگردن کي فوري طور معطل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

3) سڀني يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ فعال اينٽي هراسمنٽ ڪميٽيون قائم ڪري، انهن کي حقيقي اختيار ڏنا وڃن.

4) شاگردياڻين لاءِ محفوظ شڪايت نظام ۽ نفسياتي سهائتا جا مرڪز قائم ڪيا وڃن؛
سنڌ حڪومت تعليمي ادارن ۾ عورتن جي تحفظ بابت سخت قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي.

سنڌ شاگرد محاذ اعلان ڪري ٿو ته جيڪڏهن هن ڪيس ۾ انصاف نه ٿيو، ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. اسان واضح ڪريون ٿا ته نياڻين جي زندگيءَ سان کيڏڻ هاڻي برداشت نه ڪيو ويندو.

جاري ڪندڙ
سنڌ شاگرد محاذ مرڪز

12/02/2026

CSF- Stud Circles, Hyderabad
Current Hybrid Regime:
The Legacy of Colonial “Rule of Law” and Emergency

Date: Sunday, 15 February 2026
Time: 3:30 PM

Address

Hyderabad

Telephone

+923020033795

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Shagird Mahaz posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share