Shakeel Chandio Team UC 149. Qasimabad town Committee

Shakeel Chandio Team UC 149. Qasimabad town Committee Progress sharing page of Shakeel Chandio Councilor word #2, UC 149. Qasimabad Town Committee Hyderabd

With Jam Khan Shoro  inauguration ceremony of Filter plant Hussainabad
10/09/2023

With Jam Khan Shoro inauguration ceremony of Filter plant Hussainabad

Lighting for Muharram Al Haram 2023.Chandia goth, Qasim town and Mehran homes main lighting laga k Matmi jaloos ki sahul...
22/07/2023

Lighting for Muharram Al Haram 2023.

Chandia goth, Qasim town and Mehran homes main lighting laga k Matmi jaloos ki sahulat Kari ki gayi.

Thanks Mayor Office Hyderabad Chairman sahab Chandio Shakeel Chandio Team UC 149. Qasimabad town Committee

قاسم آباد ٽائون ڪميٽي جي يونين ڪميٽي 149 جي وارڊ 2 ۾ ڪائونسلر شڪيل چانڊيو پاران قاسم ٽائون جي شھرين محترم عبدالحفيظ ميمڻ...
23/05/2023

قاسم آباد ٽائون ڪميٽي جي يونين ڪميٽي 149 جي وارڊ 2 ۾ ڪائونسلر شڪيل چانڊيو پاران قاسم ٽائون جي شھرين محترم عبدالحفيظ ميمڻ، منظور سومري جي درخواست تي پيروي ڪندي، لائٽ واري مسئلي جي حل بابت يوسي جي چئيرمين عبدالخالق جي معرفت ايم اين اي سيد طارق علي شاھ ڄاموٽ جي بجيٽ مان ٽرانسفر جي منظوري ڪرائي جنھن کي 14 مئي تي قاسم ٽائون ۾ لڳرايو ويو. انھي موقعي تي قاسم ٽائون جي يونين ڪميٽي جا اڳواڻ پڻ موجود ھئا.

يونين ڪميٽي 149 جي وارڊ 2 جو چونڊجي آيل ڪائونسلر محترم شڪيل چانڊيو 22 مئي 2023 تي حيدرآباد ڪلب ۾ حلف کڻندي.
23/05/2023

يونين ڪميٽي 149 جي وارڊ 2 جو چونڊجي آيل ڪائونسلر محترم شڪيل چانڊيو 22 مئي 2023 تي حيدرآباد ڪلب ۾ حلف کڻندي.

يونين ڪميٽي 149 جي وارڊ نمبر 2، جو چونڊيل ڪائونسلر شڪيل چانڊيو پاران عيدالفطر جي موقعي تي 24اپريل تي ايم اين اي، اين اي ...
27/04/2023

يونين ڪميٽي 149 جي وارڊ نمبر 2، جو چونڊيل ڪائونسلر شڪيل چانڊيو پاران عيدالفطر جي موقعي تي 24اپريل تي ايم اين اي، اين اي 225، محترم تاريخ علي شاھ ڄاموٽ سان ملاقات ڪري عيد الفطر جون مبارڪون ڏنيو. انھي موقعي تي وارڊ نمبر 2 جي علائقي قاسم ٽائون، طيب سومرو ڳوٺ ۾ ايم اين اي فنڊ مان ترقياتي اسڪيمن تي پڻ ٿورا مڃيان ۽ رھيل ڪمن بابت تجويزون پڻ ڏنيون آھن.
ملاقات ۾ پارٽي جو سينئير اڳواڻ محمد ابراھيم سومرو ۽ مشتاق حسين چانڊيو پڻ شريڪ ھئا.

چانڊيا ڳوٺ جي مين گلي ۾ بيٺل گٽر لائين کي بحال ڪرائڻ ۽ پاڻي ڪڍرائي صاف ڪرائڻ جو ڪم ٿي رھيو آھي جنھن ۾ وارڊ 2 جي ڪائونسلر...
14/04/2023

چانڊيا ڳوٺ جي مين گلي ۾ بيٺل گٽر لائين کي بحال ڪرائڻ ۽ پاڻي ڪڍرائي صاف ڪرائڻ جو ڪم ٿي رھيو آھي جنھن ۾ وارڊ 2 جي ڪائونسلر شڪيل چانڊيو جي ٽيم جا ذميوار فراز رمضان چانڊيو ۽ مشتاق حسين پنھنجي ذاتي خرچ تي ڪم ڪرائي رھيا آھن.

ھي نيرن ڪپڙن وارو ھٿ ۾ موبائل کڻي ماڻھن جي در در تي وڃي پورھيت، بيروزگار، ۽ بيواھ عورتن کي طاقتور پاڪستان جي اپليڪشن تي ...
03/04/2023

ھي نيرن ڪپڙن وارو ھٿ ۾ موبائل کڻي ماڻھن جي در در تي وڃي پورھيت، بيروزگار، ۽ بيواھ عورتن کي طاقتور پاڪستان جي اپليڪشن تي رجسٽرڊ ڪندڙ نوجوان اڳواڻ شڪيل چانڊيو آھي جيڪو تازو لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ قاسم آباد جي يونين ڪميٽي 149وارڊ 2 جو ڪائونسلر چونڊجي آيو آھي. شڪيل حسيني پنھنجي مستقل مزاجي ۽ سماجي خدمت واري جذبي جي آڌار تي ڳوٺاڻن سان گڏجي رھڻ ۽ ھر سطح جي ڪم ۾ شھرين جي شموليت جو جذبو رکندڙ آھي. اليڪشن کان پھرين گذريل سال ۾ ٿيل برساتن جي دوران به ان جو جذبو ڏينھن رات ۾ اھو ئي نظر ايندو ھو. ھئير اليڪشن کٽڻ کي 3 مھينا گذرڻ باوجود سرڪاري سطح تي حلف برداري ته ناھي ٿي سگھي پر سندس ماڻھن جو ڀرم نه ٽورڻ ۽ ويساھ ڏيڻ واري جي جذبي تحت پنھنجي ذاتي ڪوششن ۽ خرچ تي ب ڪيترن ئي نوجوانن، بزرگن ۽ ماڻھن جو ڀرجلو بڻجندو رھيو آھي. رمضان ۾ ھلندڙ غير سرڪاري ادارن پاران ملندڙ ريليف واري پروگرامن ۾ ب اھو پاڻ ڪوشش ڪري غريب ۽ پورھيت ماڻھن، بيواھ عورتن ۽ نوجوانن کي آن لائين طوري مختلف ادارن کي خط لکي غريبن جي امداد ۽ روزگار لاءِ ڪوششن ۾ آھي. ڪالھ آچر 2 اپريل تي روزي جي حالت ۾ سڄو ڏينھن در در تي وڃي شھرين جا مسئلا ٻڌڻ سان گڏ کين رجسٽرڊ ڪرڻ واري ڪوشش سبب 247 گھراڻا رجسٽرڊ ڪري سگھيو. انھي دوران سندس نياڻي مريم پڻ گڏ رھي جيڪا مختلف پنھنجي معصوم لفظن تحت پڻ عورتن کي سمجھائيندي رھي ۽ ڪم دوران ايندڙ فونن تي پڻ ڳالھائيندي رھي. ھن خط کي لکڻ جو مقصد 2 اھم نڪتا آھن ھڪ ته نوجوان ھلندڙ مھانگائي واري دور ۾ شھرين جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ اڳيان اچن ۽ اھڙن قسمن جي موقعن مان انھن ماڻھن جي مدد ڪرائين جن جو ڪو سھارو ناھي ٻيو اسان جي سماج ۾ انساني جذبي ۽ بنا ڪنھن مفاد جي ماڻھن لاءِ ڪم ڪندڙ نوجوانن کي ضرور اتساھ ۽ ڀيٽا ڏيڻ گھرجي ته جئين معاشرا مان “ٻين ڪاڻ جئيڻ” واري ختم ٿيندڙ سوچ کي ٻيھڙ زندا ڪري سگھجي.
مشتاق حسين چانڊيو
چانڊيا ڳوٺ

اڳوڻي دواٻي ۽ ھاڻوڪي قاسم آباد جي رواڄن، ذاتين کي متحد ڪري مقامي ماڻھن جي عزت حوصلا فزائي ڪندڙ راڄ ڀاڳ رئيس ڪرن خان شورو...
31/03/2023

اڳوڻي دواٻي ۽ ھاڻوڪي قاسم آباد جي رواڄن، ذاتين کي متحد ڪري مقامي ماڻھن جي عزت حوصلا فزائي ڪندڙ راڄ ڀاڳ رئيس ڪرن خان شورو جي سردار محترم ديدار حسين شورو جي لاڏلي فرزند، شورا قبيلي جو پڳدار سردار بابل خان شورو، صوبائي وزير محترم ڄام خان شورو ۽ محترم ڪاشف حسين شورو جي ننڍي ڀاءُ نھايت مخلص محبتي مزاج ۽ فقراء طبعيت جي مالڪ نوجوان سياستدان محترم بلال خان شورو جي جنم ڏينھن تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
شڪيل حسيني چانڊيو
ڪائونسلر وارڊ 2. يوس 149قاسم آباد ٽائون ڪميٽي

ايم اين اي سيد طارق علي شاھ جاموٽ پاران ڪائونسلر وارڊ 2، يونين ڪميٽي 149 سان سندس والد جي وفات تي تعزيت ڪندي. انھي موقعي...
23/02/2023

ايم اين اي سيد طارق علي شاھ جاموٽ پاران ڪائونسلر وارڊ 2، يونين ڪميٽي 149 سان سندس والد جي وفات تي تعزيت ڪندي. انھي موقعي تي وارڊ جي ڊولمينٽ لاءِ تجويز ڪيل پروگرامن بابت ڳالھ ٻولھ پڻ ڪئي وئي.

ھي تصوير 20 جولائي 2022 جي آھي جڏھن لوڪل باڊيز جي ٻئين مرحلي ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اليڪشن لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جي ھمشڪ...
16/02/2023

ھي تصوير 20 جولائي 2022 جي آھي جڏھن لوڪل باڊيز جي ٻئين مرحلي ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اليڪشن لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جي ھمشڪل نياڻي محترمه آصفه ڀٽو صاحبه حيدرآباد جو دورو ڪرڻ لاءِ آيل ھئي ۽ شورا ھائوس تان شاندار ريلي ڪندي وارڊ 2 يونين ڪميٽي 149 جي ڪئمپ آفيس چانڊيا ڳوٺ اڳيان ھزارين جيالن اڳيان تقرير ڪيو.

قاسم آباد ٽائون ڪميٽي جي يونين ڪائونسل 149 جي وارڊ نمبر 2 جي ڪائونسلر شڪيل احمد چانڊيو پاران علائقي واسين جي سھولت لاءِ ...
07/02/2023

قاسم آباد ٽائون ڪميٽي جي يونين ڪائونسل 149 جي وارڊ نمبر 2 جي ڪائونسلر شڪيل احمد چانڊيو پاران علائقي واسين جي سھولت لاءِ سيوريج لائين جي ھفتيوار صفائي ڪرائي پئي وڃي. جنھن ۾ چانڊيا ڳوٺ، قاسم ٽائون ۽ ڳوٺ طيب سومرو علائقا شامل آھن.

ٽيم؛ فراز رمضان چانڊيو، مشتاق حسين، شيراز علي، جميل سومرو، محمد صالح، عبدالحفيظ ميمڻ.

Address

Chandia Goth Near Happy Homes Qasimabad Hyderbad
Hyderabad
21000

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shakeel Chandio Team UC 149. Qasimabad town Committee posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Shakeel Chandio Team UC 149. Qasimabad town Committee:

Share