Shaheed Dodo Soomro Organization youth wing Sindh

Shaheed Dodo Soomro Organization youth wing Sindh Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Shaheed Dodo Soomro Organization youth wing Sindh, Political organisation, Hyderabad.

محترم رحيم بخش سومرو صاحب ۔                                   تنظيم اوھان پاران لڳايل بي بنياد الزامن  جو جواب ڏيڻ  جي پ...
19/08/2026

محترم رحيم بخش سومرو صاحب ۔ تنظيم اوھان پاران لڳايل بي بنياد الزامن جو جواب ڏيڻ جي پابند ت ناھي پر سومرو برادري جي سڌ لا۽ ۽ توھان کي ڪجھ ڳالھيون لکڻ ضروري ٿا سمجھون ۔اوھان ھينئر عمر جي اھڙي حصي ۾ آھيو جو الله الله ڪرڻ بجا۽ ھميشه ڀت تي ليڪو ڪڍڻ وارو ڪم پيا ڪيو توھانجي SDSWO سان سچائي ان مان ظاھر آ ته اٺن سالن ۾ پنھنجو ضلعو به نه ٺاھي سگھيا ۽ ن وري اوھان کي تنظيم جي آئين منشور جي خبر آھي ۽ نه اوھان کي اھا خبر آھي ته تنظيم رجسٽرڊ آھي يا نه؟ اھا آھي اوھانجي تنظيم سان سچائي۔ جڏھن به تنظيم ۾ اليڪشن کان پو۽ اختلاف پيدا ٿيو ته اوھان ھميشه ٻرندڙ تي تيل ھارڻ وارو قردار ادا ڪيو . توھان لکيو آھي ت 2 سال تنظيم بھتر ڪم ڪيو. پھرين اليڪشن ۾ ھڪ گروپ ٺھيو جنھن گروپ کي توھان جي آشيرواد ھئي ۽ انھن کان توھان استعيفا ڏياريا ۽ توھان سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مان مرڪزي وائس چيئرمين ٿي ويا. ٻن سالن کان پو۽ ٻئي اليڪشن تي ان ۾ به توھان جي مشاورت سان گروپ ٺھيو جنھن کي به توھان جو آشريواد ھيو ۽ انھن کان استعيفا توھان ڏياريا ۽ توھان پاڻ تنظيم ۾ رھي مرڪزي سينيئر وائس چيئرمين ٿي ويئو. اھڙي طريقي سان جيڪا 6 جون تي اليڪشن ٿي اھا به توھان جي صلاح مشوري سان ٿي ۽ توھان کي خبر آھي تہ چيئرمين صاحب بار بار چوندو رھيو ت ڪو به ميمبر چيئرمين جي عھدي لا۽ فارم ڀري سگھي ٿو ۽ تنظيم ٽئين اليڪشن ۾ ب ھڪ گروپ ٺھيو بدقسمتي سان ان گروپ کي ب آشيرواد توھان جي ئي آھي جڏھن ته ان گروپ جو سرغنا توھان جي سرپرست ٿيڻ تي به خوش نه ھو ان يوم تاسيس جي پروفرام ۾ خلي عام مخالفت ڪئي پر ان جي باوجود سڄي تنظيم متفڪا طور تي توھان کي سرپرست مقرر ڪيو. سائين منھنجا 8 سالن ۾ توھان جيڪو ڪجھ تنظيم سان ڪيو آھي اھو مون لکيو آھي پر سڄي تنظيم جي توھان سان پو۽ به ايتري وفاداري رھي جو ھر گروپ جي توھان سرپرستي ڪندي به توھان کي اڳ کان وڏو عھدو ملندو رھيو. اچون ٿا توھان جي اختيارن تي تي توھان غير آئيني قدم کڻندي اليڪٽڊ تنظيم جي قيادت کي ھٽائي ھڪ سازشي گروپ تي مشتمل تنظيم ڪميٽي جوڙي آھي جنھن جو توھان کي ڪوئي آئيني اختيار ن آھي . تنظيم جو سرپرست ھي صرف اوھانجي عمر صحت کي نظر ۾ رکي اعزازي عھدو ڏنو ويو ھو ۔اوھان ان اعزاز کي غلط استعمال ڪندي جيڪو فيصلو ڪيو آھي جنھن جو تنظيم ۽ سومرا برادري کي ويڙھائڻ ۽ورھائڻ وارو قردار تصور ڪيو پيو وڄي. آئنده اگر ڪنھن به اھڙي طريقي جي غلط بياني ڪئي وئي ته ان تي قانوني ڪاروائي ڪري سگھجي ٿي ۔
جيئن ته مارچ 2019۾ توھانجي ڳوٺ غلام حسين سومرو لڳ ٽنڊو محمد خان ۾ توھان پاڻ 2.3 دفعا چيئرمين محترم جناب علي محمد سومرو صاحب وٽ ھلي اچي دانھن ڏني ته مونکي پنھنجي علائقي جو ھڪڙو بااثر وڏيرو تنگ ڪندي مون تي نيب سميت مختلف ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ انھن جون انڪواريون ڪرائي رھيو آھي جنھن کي منھن ڏيڻ ۽ توھانجي مدد ڪرڻ خاطر ھڪ برادري ڪٺ گھرايو ويو ۔جنھن ۾ جيڪي اوھان نالا لکيا آھن اھي ۽ انھن سميت ٻيا به ڪافي برادري جا ڀائر به شامل ھئا ليڪن اوھان کي شايد اھي پسند ن آھن تڏھن اوھان انھن جا نالا لکڻ گوارا نه ڪيا ۔بلڪل ان برادري جي ڪٺ ۾ محمد ميان سومرو صاحب جن اچڻ جي حامي ڀري ھئي ليڪن وفاقي وزير جي حيثيت سان ھن جي مصروفيت ايتري ھئي جو ان جي اچڻ جا امڪان به گھٽ ھئا جيستائين ھو نه پيو اچي ايستائين اوھانجو ساھ اندر ٻاھر ھو ۔
پھرئين ڳالھ اھا آھي ته محترم بشير اجمد سومرو صاحب ۽ برادري جي ڀائرن متفق طور تي جناب علي محمد سومرو صاحب کي چيئرمن چونڊيو ھو ن ڪي ان جي ذاتي خواھش ھئي ۔توھان جو اھو غير سنجيدا الزام ته تنظيم کي سياسي مقصدن لا۽ استعمال ڪيو وڃي ٿو ليڪن ان جي ابتڙ اھا ڳالھ آھي ته چيئرمن صاحب پنھنجي سياست ذاتي دوستيون تعلقات پنھجن ۽ پراون سان صرف برادري جي ڪري خراب ڪيا ۔توھانکي اھو چوندي ذرو به ھٻڪ نه ٿي ته تنظيم کي پوري پاڪستان ۾ وڌائڻ مضبوط ڪرڻ ننگن ۽ دنگن جي نعري تي عملي طور عمل ڪرڻ نه مان سمھندس نه توھان کي سمھڻ ڏيندس وارو نعرو ھڻڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ اوھانجو اھو چوڻ ته تنظيم کي پنھنجي منشا مطابق ھلائڻ وارو بي معني الزام لڳائڻ جي جواب ۾ اھو آ ته ھي برادري جي واحد تنظيم آھي جيڪا جمھوري عمل تي يقين رکي ٿي ان مطابق ھر ٻن سالن کانپو۽ جھموري طريقي سان اليڪشن ڪرائي ٿي ۔جيڪو ھن اليڪشن ۾ اليڪيشن پراسز اوھانجي مرضي مطابق ٿيو اوھان چيئرمين صاحب وٽ ھڪ اھڙي فرد کي وٺي آيا ته ھن کي سينيئر وائيس چيئرمن ون مقرر ڪيو وڃي جنھن تي چيئرمين صاحب اوھان کي آئيني ۽ اليڪشني رستو اختيار ڪرڻ جو مشھورو ڏنو ڇاڪاڻ ته اسانجي آئين ۾ سينيئر وائيس چيئرمن جو ھڪڙو ئي عھدو آھي جنھن تي اڳ ۾ ئي مختلف اميدوارن اليڪشن ڪاميٽي وٺ فارم جمع ڪرايا ھئا ۔اتي اھو طئي ڪيو ويو ته ون ۽ 2 جو فيصلو ووٽن جو تناسب ڏسي نئين چونڊجي آيل مرڪزي ڪائونسل جي اجلاس ۾ آئين ۾ ترميم ڪري طئي ڪيو ويندو ۔جيڪو اجلاس اوھانجي فرمائش تي ڪوٺايو ويو ان اجلاس ۾ اوھان سميت جنھن کي به شڪايتون ھيون اھي اتي پيش ڪن ھا ليڪن اوھان ان اھم ۽ با اختيار مرڪزي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي جنھن ۾ پنجاب ۔بلوچستان ۽ سنڌ کان آيل مرڪزي ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي ۔
اليڪشن ۾ اوھانجي اميدوار نشان پنھنجي مرضي جا ورتا اليڪشن ڪاميٽي پڻ پنھنجي مرضي جي ٺھرائي پو۽ به سندن جي اوھانجي ڪارگردگي برادري سان پيار سچائي وفاداري معصوم سائره سومرو جي بازيابي لا۽ ھلندڙ جدوجھد ۾ اوھانجو ڪردار ڪراچي ۾ ٿيندڙ تنظيمي اجلاس سرگرمين ۾ عدم شرڪت اوھانجي تنظيم سان ڪيل چڱائين ۽ ڪارڪردگي جي عيوض نتيجو اوھانجي جي سامھون ھو جو اوھانجي اميدوار ٽوٽل 8 ووٽ کنيا ۔اوھان صحيح فرمايو آ ته تنظيم يا چيئرمن ڪنھن جي به ڪم نه آيا آھن جو ٻڏڻ جو مقام ته اھو آھي ته جڏھن ڪرپشن جي ڪيس ۾ جيل ۾ ھئا ان وقت به محترم علي محمد سومرو صاحب ۽ گلزار احمد سومرو صاحب اوھان سان ملاقاتون ڪرڻ جيل ۾ ايندا ھئا ۔وري جڏھن اوھان ٻيھر ساڳي ڪرپشن جي ڪيس ۾ جيل ويا بيمارين جا بھانا ڪري اسپتال ويا اتي به ڏينھن رات ھي ٻئي بھادر اڳواڻ اوھان سان گڏ رھيا جيل ۾ ٽنگ ڀڄڻ ڪري توھانجو آپريشن ڪرائڻ پوليس ۽ ڊاڪٽرن سان رابطي رھڻ ۽ آپريشن دوران ساڍي ٽي ڪلاڪ گرمي ۾ اڀ پيرو بيھڻ اھي سڀ برايون ناھن ته ٻيو ڇاھي، جنھن جي موٽ ۾ اوھان مان اھا ئي اميد آھي ۔اوھان جيڪو فرمايو آ ته تنظيم کي پنھنجي منشا مطابق ھلائڻ جي ڪري دوست الڳ ٿي ويا آھن ان لا۽ بدين جي ساٿين کي ڇڏي ڪري باقي ٿورو پنھنجي گريبان ۾ جھاتي پايو ته ڪراچي ۾ جيترا به دوست ڇڏي ويا الله جي مھرباني سان وفادار ساٿين جي محنت سان سمورا دوست واپس تنظيم ۾ موٽي آيا ۔ھن تنظيم ۾ وفادار بھادر ھمت ۽ حوصلي سان سرشار ساٿين جي عظيم جدوجھد جي ڪري تنظيم برادري برابري جي نعري تي عمل ڪندي پنھنجي منزل طرف روان دوان آھي ۔باقي جيستائين تنظيم جي خرچ پکي ۽ آڊٽ جو سوال آ ته سائين تنظيم جو ڪوبه چندو نه ٿيندو آھي سڀ دوست پنھنجي مدد پاڻ تحت پروگرام ڪندا آھن باقي ساليانو يوم تاسيس لا۽جيڪي به دوست اعلان ڪندا آھن انھن ۾ ڪي ڏيندا آھن ۽ ڪي نه ڏيندا آھن ان جي آڊٽ حساب ڪتاب ٿيندو آھي جنھن جي تفصيلن اوھان کي پڻ ڄاڻ آھي ۽ سائين توھان کي اھا خبر آھي تہ جيڪي ڪميٽي جا ميمبر اوھان مقرر ڪيا آھن انھن کي ملڪ ۾ ڪير سڄاڻيندو آھي ء جيڪا ٿوري گھڻي سڄاڻ ٿي آھي اھا به علي محمد سومرو صاحب ۽ تنظيم جي ڪري ٿي آھي . شھيد دودو سومرو آرگناييزيشن پاڪستان مرڪزي چيئرمين محترم جناب علي محمد سومرو صاحب جي قيادت ۾ انشاءالله ھميشا ڪائم ۽ دائم رھندي
شھيد دودو سومرو آرگناييزيشن پاڪستان

🛑شھيد دودو سومرو آرگنائيزيشن پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري محترم نظام الدين سومرو پاران جاري ڪيل  نوٽيفڪيشن 🛑روان سال ج...
16/07/2026

🛑شھيد دودو سومرو آرگنائيزيشن پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري محترم نظام الدين سومرو پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن 🛑
روان سال جو شھيد دودو سومرو ويلفيئر آرگنائزيشن پاڪستان پاران جاري پھريون مرڪزي ڪاؤنسل جو اجلاس، سنڌ، بلوچستان، پنجاب جي صوبائي قيادت ۽ تنظيم جي مرڪزي قيادت جي صلاح مشوري سان ۽ مرڪزي چيئرمين محترم جناب علي محمد سومرو صاحب جي اجازت سان مورخا 2 آگست بروز آچر ڏينھن جو 1 وڳي سکر شھر ۾ رکيو ويو. جنھن جي جڳھ جو ھنڌ بعد ۾ ٻڌايو ويندو. مرڪزي ڪاؤنسل جي اجلاس ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان جا صوبائي عھديدار صاحبان، صوبائي ڪاؤنسل جا ميمبر ۽ تمام مرڪزي اڳواڻ بشمول سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۽ مرڪزي ڪاؤنسل جا ميمبر شرڪت ڪندا. ايجنڊا:- (1) نئي قيادت جو تعرف (2) مرڪزي ء صوبائي عھديدار جن جي حلف برداري نہ ٿي ھئي انھن جي حلف برداري تقريب (3) تنظيم جي آئين جو نئي سر جائزو ۽ مشاورت سان ردوبدل (4) صوبائي ڪارگردگي ۽ مشورن بابت صوبائي جنرل سيڪريٽريز صاحبان جي بريفنگ شامل آھي

تھمينہ سومرو صوبائي انفارميشن سيڪريٽري سنڌ
شهيد دودو سومرو ويلفيئر آرگنائزيشن پاڪستان

نوٽيفڪيشن ۔۔۔ايڍوڪيٽ محترمه طلعت سومرو صاحبه  کي شھيد دودو سومرو ويئلفيئر آرگنائيزيشن پاڪستان سکر ڊويزن تي انفارميشن سيڪ...
12/06/2026

نوٽيفڪيشن ۔۔۔
ايڍوڪيٽ محترمه طلعت سومرو صاحبه کي شھيد دودو سومرو ويئلفيئر آرگنائيزيشن پاڪستان سکر ڊويزن تي انفارميشن سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آھي ۔
ھي مقرري مرڪزي چيئرمن محترم علي محمد سومرو صاحب ۔مرڪزي جنرل سيڪريٽري محترم نظام الدين سومرو صاحب ۽ سنڌ جي صدر محترم گلزار احمد سومرو صاحب جي مشاورت سان ڪئي وئي آھي ۔
ايڊوڪيٽ محترمه طلعت سومرو صاحبه تنظيم جي آئين ۽ قانون مطابق پنھنجون ذميواريون ادا ڪندي ۔۔۔۔
جاري ڪندڙ ۔۔
نظير احمد سومرو
جنرل سيڪريٽري
شھيد دودو سومرو ويئلفيئر آرگنائيزيشن سنڌ ۔

May Allah Almighty keep happiness, peace, and love alive in your hearts always.May this blessed Eid bring new hopes, suc...
21/03/2026

May Allah Almighty keep happiness, peace, and love alive in your hearts always.
May this blessed Eid bring new hopes, success, and countless blessings into your life.
May Allah accept all your legitimate prayers, grant you good health, honor, and prosperity,
and illuminate every day of your life with joys as beautiful as Eid. 🤲💫
Heartfelt Eid Mubarak to you and your loved ones! 🎉🌹
Prayers by:
Advocate High Court
Fida Hussain Soomro

Central President Youth Wing Pakistan(SDSWOP)

06/03/2026

Address

Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shaheed Dodo Soomro Organization youth wing Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share