10/03/2018
ارڙي ڇا آھي؟
ارڙي وائرس جي ذريعي ڦھلجندڙ ھڪ وچڙندڙ بيماري آھي جيڪا عام طور تي ٻارن کي متاثر ڪري ٿي.
ارڙيء جو جراثيم ساھ (کنگھڻ ۽ نڇ ڏيڻ) ذريعي متاثر مريض کان ٻين ماڻھن کي لڳي ٿو. ارڙيء ۾ ٻار کي تيز بخار نڪري ٿو, کنگھ. زڪام سان گڏ اکيون ڳاڙھيون ٿي وڃن ٿيون ۽ چمڙيء تي ننڍا ننڍا ڳاڙھا نشان ظاھر ٿين ٿا.
ارڙيء جو جراثيم لڳڻ کان پوء ڪو مخصوص علاج ڪونھي صرف علامتن (بخار, زڪام, کنگھ) کي گھٽائڻ لاء وقت سر دوائون ڏجن. ارڙيء جي علامتن جو وقت سر علاج نہ ٿئي تہ نمونيا يا گردن توڙ بخار بہ ٿي سگھي ٿو.
ارڙيء کان بچاء خاطر پنھنجي معصوم ٻارن کي ٻہ حفاظتي ٽڪا لڳرايو ھڪ ۹ مھينن جي عمر ۾ ٻيو ۱۵ مھينن جي عمر ۾.
ارڙيء جي حفاظتي ٽڪن جو ڪو بہ نقصان ڪونھي. ارڙيء کان بچاء جي ٽڪن جو ڪو بہ ري ايڪشن (رد عمل) صرف ان صورت ۾ ٿي سگھي ٿو جيڪڏھن ويڪسين جي تاريخ گذري چڪي ھجي يا ويڪسين کي گھربل ٿڌ نہ ملي ھجي.
ڳوٺن ۾ ارڙيء جي ٻار کي لڪائي رکيو وڃي ٿو ۽ گھر ۾ ڇيڻن جو دونھون ڪري سوڻ ڪيو وڃين ٿو جنھن سان ٻار جي ساھ منجھڻ جو ۽ وڌيڪ بيمار ٿيڻ جو خدشو رھي ٿو.
پنھنجي ٻارن کي حفاظتي ٽڪا لڳرايو ۽ بيماريء جي حالت ۾ ويجھي اسپتال ۾ علاج ڪرايو.