Mehran Social Welfare Association -Taluka Gambat

Mehran Social Welfare Association -Taluka Gambat MSWA is community based organization , established in 2011. To give the awareness of basic rights

هندستان مستقبل ۾ پاڻي کوٽ ۽ بجلي بحران کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڪينالن کي پڪو ڪري انهن مٿان سولر سسٽم لڳائي هڪ ئي ڌڪ ۾ به ڪم ...
07/05/2022

هندستان مستقبل ۾ پاڻي کوٽ ۽ بجلي بحران کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڪينالن کي پڪو ڪري انهن مٿان سولر سسٽم لڳائي هڪ ئي ڌڪ ۾ به ڪم ڪري رهيو آهي، هڪ پاڻي کي ٻاڦ ٿي اڏامڻ کان روڪي پيو ته ٻئي پاسي قيمتي زمين والارڻ بدران انهن ڪينالن ۽ شاخن تي سولر پينل هڻي سستي بجلي هڻي زراعت ۽ صنعت جي گهرج پوري ڪري رهيو آهي، اسان وٽ حڪمران ۽ ڪامورا ڪهڙي ڪم سان لڳل آهن انهن جو جائزو وٺو، جتي ڪوڙيون، مڪار ۽ ٺوڳي سياسي پارٽيون ۽ قيادتون هونديون آهن اتي معاشي ۽ افرادي قوت ۾ ترقي نه ٿيندي آهي، ماڻهو اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ پريشان هوندا آهن، سنڌ ۾ جاهل ماڻهن جي هٿن ۾ سياست ۽ حڪمراني آهي ۽ صوبي جا انتظامي ڪاروهنوار وري ڪرپٽ، بي ايمان ڪامورن حوالي هوندو ته تباهي ته هرطرف نظر ايندي ۽ اچي به رهي آهي.
عوام کي خبردار ٿي سٺا، مخلص ۽ عوام دوست نمائندا چونڊڻ گهرجن.

...Happy Birthday to Great Revolutionary Leader KARL MARX... ❤️❤️❤️..انقلابن جي موجود عظيم انسان استاد ڪارل مارڪس کي جنم...
05/05/2022

...Happy Birthday to Great Revolutionary Leader KARL MARX... ❤️❤️❤️..انقلابن جي موجود عظيم انسان استاد ڪارل مارڪس کي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون... ❤️❤️❤️

گمنامي، خوف ۽ مصلحت جون ديوارون ٽوڙي ڇڏيو...اياز لطيف پليجورمضان جي ٻي ھفتي ۾ ھڪ وزير صاحب افطار پارٽي جي دعوت ڏيڻ لاءِ ...
04/05/2022

گمنامي، خوف ۽ مصلحت جون ديوارون ٽوڙي ڇڏيو...

اياز لطيف پليجو

رمضان جي ٻي ھفتي ۾ ھڪ وزير صاحب افطار پارٽي جي دعوت ڏيڻ لاءِ فون ڪيو، معذرت ڪيم ته سندس شھر کان پري آھيان. تازي آمريڪي دوري جا احوال ڪندي پڇيائين ته اوھان جا ٻار اتي پڙھن ٿا ڇا؟ ٻڌايومانس ته نه اھي ھتي سنڌ ۾ ئي پڙھن ٿا. سندس ٻارن جي پڙھائي بابت ٻڌايائين ته ھڪ ٻاھران گريجوئيٽ ٿيو آھي ۽ ھاڻ اھو ۽ سندس ٻيو بيريسٽر ڀائيٽيو ٻئي ڳوٺان ٽائون ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي بلدياتي اليڪشن جا اميدوار ھوندا. سبب پڇيومانس، چيائين ته نوجوان جو خيال ته اڳتي ھلي جج ٿيڻ جو آھي پر ھن نفسا نفسي جي دور ۾ پنھنجا اباڻا تڪ خالي ٿوروئي ڇڏبا. سوچڻ لڳس ته ھڪ طرف انھن ارب پتين جا لنڊن پڙھيل ماڊرن ٻار سياست، اقتدار ۽ اليڪشنز جا مزا ۽ اھميت سمجھندي مقامي ڪائونلسر جي بلدياتي سيٽ به سندن پارٽي ڪارڪنن، عزيزن ۽ عام ماڻھن لاءِ ڇڏڻ لاءِ تيار ناھن، ٻي طرف اڳوڻي صدر ۽ کرب پتي آصف زرداري صاحب سندس فرزند ۽ پارٽي جي چيئرمين بلاول صاحب کي فقط انڪري ھڪ ننڍڙي وزارت ڏياري آھي ته جيئن ھڪ ته ھو اقتدار جي مرڪز ۽ ڪابينه ۾ ھروقت موجود ھجي ۽ ٻيو ته حڪمراني جا ابتدائي تجربا حاصل ڪري ۽ طاقت، ڊپلوميسي ۽ جوڙ توڙ جا داو پيچ سکي. شھباز شريف صاحب ۽ نواز شريف صاحب به سڀ اھم منصب سندن گھر ڀاتين کي ڏنا آھن ۽ عمران خان صاحب جا ننڍا توڙي وڏا اھم فيصلا به سندس ڀينر، ذاتي دوست، سئوٽ، سندس گھرواري ۽ ان جو ساھيڙيون ڪنديون رھيون آھن. پر ھيڏانھن سنڌ ۾ پاڻ واري بيواھي، بيروزگار، لنگھڻ، لاوارث، مظلوم ۽ محروم مخلوق مان ڪنھن کي کڻي چوندو ته ھمٿ ڪيو ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ اميدوار بڻجو ته جواب ملندو ته ڪائونسلر ٿي ڇا ڪبو؟ واھ سائين واھ... جھڙوڪر پاڻ ماڻھن لاءِ چوويھ ڪلاڪ ڪي شاندار وڏا موقعا ۽ ڪي صدر ۽ وزير اعظم واريون ڪرسيون ۽ ايوان انتظار پيا ڪن. پنھنجا سادا سودا ماڻھو اھو سمجھن ئي نٿا ته ھزارين ميلن جي طويل پنڌ جي شروعات به پھرين روايتي ۽ ننڍڙي وک سان ڪبي آھي.

انھن بيسمجھي وارين, مشڪل ۽ بظاھر مايوس ڪُن حالتن ۾ انھن سڀني باھمٿ ۽ باشعور سنڌ واسين، پارٽي ساٿين، نوجوانن ۽ نون فردن کي شاباس جيڪي رڳو دريا جي پرين ڀر بيھي تجويزون ڏيڻ، ھڪلون ڪرڻ ۽ تنقيدون ڪرن بدران، ھن ڀيري سنڌ جي سڏ تي، پاڻ دلير ۽ نروار ٿي، بلدياتي چونڊن جي ميدان ۾ لھڻ لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان نامينيشن فارمز وٺن پيا. انھن عام ماڻھن ۽ نوجوانن کي به شاباس جيڪي ٻين سنڌ دوست پليٽ فارمز ۽ ٻين پارٽين پاران اھل اقتدار آڏو اليڪشن لڙڻ جو ارادو ڪن پيا.

ھن سماج ۾ ھڪڙا ڪارائتا ماڻھو، ڪافي سارا بھتر ڪم ڪندي رھڻ جي باوجود به وقت اچڻ تي اڪيلي سر نروار ٿي ڪو به اھم يا وڏو ڪم صرف انڪري نه ڪري سگھندا آھن، جو سُستي، غير ضروري احتياط، خوف، مصلحت، ڪنجوسي ۽ پيش قدمين کان لھرائڻ جي عادت جي ڪري، ھو ڪڏھين به وقت تي ڪو اھم ۽ غيرمعمولي فيصلو ناھن ڪري سگھندا، ان ڊپ کان ته متان ھينئن نه ٿي پوي، متان ھونئن نه ٿي پوي، متان ھارائي نه وڃجي، متان ڪا خواري نه ٿئي، متان ماڻھو نه کلن، متان فلاڻو مخاف نه ٿي پوي. جڏھين ڪو ماڻھو مشڪل ۽ چيلينجنگ حالتن ۾ پاڻ نشامبر، بھادر ۽ نروار ٿي مقابلي جي ميدان ۾ لھي ٿو ته ان جي گھر جا ڀاتي، اولاد، دوست، ساٿي به ان جي ھمٿ کان متاثر ٿي، ڏکين حالتن ۾ مقابلي جو فن سکن ٿا، پر جي ڪنھن خاندان جو ڪو والد، چاچو، وڏو ڀاءُ يا ڪنھن چوياري، قافلي ۽ سٿ جو سينيئر ساٿي ۽ دوست، مصلحتن، سستي، غيرمستقل مزاجي ۽ دل نه ٻڌڻ جي ڪري، ھر چيلينج. ھر رسڪ مھل پاڻ گمنام، مايوس ۽ پٺتي رھڻ چاھيندو ته آس پاس جي ماڻھن تي به اھي ئي گمنامي ۽ مصلحت جا ڪڪر سڄي حياتي ڇانيل رھندا.

پاڪستان ۾ ماڻھن جي سراسري عمر اٽڪل 67 سال آھي، انھن مان پھريان 17 سال ته ماڻھو ٻين جي ھٿ وس آھي، باقي رھيا پنجاھ سال، ھاڻ پاڻ سڀني کي اھو فيصلو ڪرڻو آھي ته انھن رھيل 50 سالن ۾ ڪو اھم، مثالي ۽ چيلينجز سان ڀريل ڪم ڪرڻو آھي يا ھيءَ فقط ھڪڙو ڀيرو مليل سڄي عمر، زندگي جي اسڪول جي آخري بينچ تي گمنامي ۽ خاموشي سان ڪنڌ ھيٺ ڪري گذاري ڇڏڻي آھي. سنڌ واسيو، ڀلي مقابلي ۽ مزاحمت جو فيصلو نه به ڪيو پر مٿيان ٻه اکر پڙھي اھو سوچجو ضرور ته ھن ديس جي تبديلي لاءِ اوھان پاڻ ڪھڙو ڪردار پيا ادا ڪيو؟
اياز لطيف پليجو

46 ڊگري گرمي پڌ ۽ ٽاڪ منجهند پوءِ وڻن جي اهميت هنن بي زبانن کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي سگهي. اچو تہ بجاءِ نفرتن جا ٻج ڇٽڻ ...
30/04/2022

46 ڊگري گرمي پڌ ۽ ٽاڪ منجهند پوءِ وڻن جي اهميت هنن بي زبانن کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي سگهي. اچو تہ بجاءِ نفرتن جا ٻج ڇٽڻ جي وڻن گل ٻوٽن جا ٻج ڇٽيون جانورن پکي پکڻ جيت جڙن سان گڏوگڏ ڌرتيءَ کي سرسبز بڻائي ماحول کي بہ خوشگوار بڻايون ❤️🙏❤️

30/04/2022

سورج گرہن

سال کا پہلا سورج گرہن سنیچر کی رات دیر گئے ہو گا۔ رات ہونے کی وجہ سے یہ انڈیا یا پاکستان یہاں تک کہ پورے ایشیا میں کہیں نظر نہیں آئے گا۔

سورج گرہن یکم مئی 2022 کو پاکستانی وقت کے مطابق رات 11:46 پر شروع ہوگا اور صبح 3:37 پر ختم ہوگا۔

امریکی خلائی ادارے ناسا کے مطابق یہ گرہن چلی، ارجنٹائن، یوراگوئے، مغربی پیراگوئے، جنوب مغربی بولیویا، جنوب مشرقی پیرو اور جنوب مغربی برازیل میں نظر آئے گا۔

سورج گرہن اس وقت ہوتا ہے جب چاند زمین اور سورج کے درمیان آجاتا ہے۔ چاند کا سایہ زمین پر پڑتا ہے اور سورج کا کچھ حصہ یا پورا حصہ ڈھک جاتا ہے۔

مکمل سورج گرہن کے لیے زمین، چاند اور سورج کو خط مستقیم میں آنا پڑتا ہے

عيد ملھائڻ ڳوٺن ۽ شھرن ڏانھن ويندڙ مسافرن کان واڌو ڪرايو وٺندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف نوٽيفڪيشن ۾ ڏنل نمبرن تي رابطو ڪري فورن ...
30/04/2022

عيد ملھائڻ ڳوٺن ۽ شھرن ڏانھن ويندڙ مسافرن کان واڌو ڪرايو وٺندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف نوٽيفڪيشن ۾ ڏنل نمبرن تي رابطو ڪري فورن شڪايت درج ڪرائي سگھو ٿا.

کل 27 رمضان المبارک (29 مئی) شبِ قدر کی مناسبت سے سندھ بھر کے تمام سرکاری و پرائیویٹ تعلیمی اداروں میں عام تعطیل کا اعلا...
28/04/2022

کل 27 رمضان المبارک (29 مئی) شبِ قدر کی مناسبت سے سندھ بھر کے تمام سرکاری و پرائیویٹ تعلیمی اداروں میں عام تعطیل کا اعلان.

*سنڌ جو جر خراب ڇو پيو ٿئي ؟*  *هي سوُلو آسان ۽ سادو مثال ۽ جواب سنڌي قوم لاِء*  *زمين کي ائين وڻن کان بغير ڇڏي ڏينداسين...
28/04/2022

*سنڌ جو جر خراب ڇو پيو ٿئي ؟*
*هي سوُلو آسان ۽ سادو مثال ۽ جواب سنڌي قوم لاِء*
*زمين کي ائين وڻن کان بغير ڇڏي ڏينداسين ته اھا ڪلر ۽ بنجر بڻجي ويندي ۽ ان سان جر جو پاڻي به کارو ٿي ويندو آھي. جتي زمين ساوڪ سان ڀريل ھوندي، اتي پاڻي جر مان بلڪل* *صاف ۽ مٺو* *نڪرندو ۽ وڻن جي ڪري* *زمين به زرخير* *رھندي*
*ته پوءِ اچو ته عهد ڪريون زمين کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ لِاِء ۽ جر کي بچائڻ لاِء ان کي ساوڪ ، وڻن ، جهنگن ، باغن ۽ فصلن سان آباد رکنداسي*

Address

Office In Village Qaimuddin Abbasi P/o Belharo Taluka
Gambat
GAMBAT

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00
Saturday 09:00 - 17:00

Telephone

03015191512

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mehran Social Welfare Association -Taluka Gambat posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Mehran Social Welfare Association -Taluka Gambat:

Share