ɢʟᴏʙᴀʟ ʀᴇᴀᴅᴇʀ's & ᴡʀɪᴛᴇʀ's ʟɪʙʀᴀʀʏ

  • Home
  • Pakistan
  • Gadeji
  • ɢʟᴏʙᴀʟ ʀᴇᴀᴅᴇʀ's & ᴡʀɪᴛᴇʀ's ʟɪʙʀᴀʀʏ

ɢʟᴏʙᴀʟ ʀᴇᴀᴅᴇʀ's & ᴡʀɪᴛᴇʀ's ʟɪʙʀᴀʀʏ اچو تہ لائبررين جا در کولي، جيلن جا در بند ڪيون.

01/11/2025
ڳالهين مان ڳالهيون:رات جيڪا مون ڪَربَ ۽ تڪليف ۾ گذاري_____مختيار چنو يادون ڪي مثبت اتساهيندڙ هونديون آهن. جن کي بار بار ...
29/10/2025

ڳالهين مان ڳالهيون:

رات جيڪا مون ڪَربَ ۽ تڪليف
۾ گذاري

_____مختيار چنو

يادون ڪي مثبت اتساهيندڙ هونديون آهن. جن کي بار بار ياد ڪرڻ لاءِ دل چاهيندي آهي ۽ ڪجھ منفي هونديون آهن. منفي يادون اينديون آهن ماڻهو غمگين ٿي ويندو آهي.
ان وقت سيد مريد علي شاھ جي السادات پيٽرول پمپ جي تَرَ ۾ وڏي هاڪ هوندي هئي. جيڪو شاھ جي مشين ۽ گڏيجيءَ جي وچ تي نيشنل هاءِ وي جي کاٻي هٿ تي آهي. ان وقت سيد مريد علي شاھ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۾ GM هوندو هو. موبائيل تہ آئي ئي نه هئي ۽ ٽيليفون اڄ جيان سستي ڪونه هئي. جيڪي ڊرائيور تيل ڀرائيندا هئا. فون انهن جي لاءِ فري هوندي هئي. مٽن مائٽن ڳالهائيندا هئا. ٻيو روڊ ايڪسيڊنٽ، پوليس جو ڪو مسئلو هجي، جهيڙو جهٽو يا ڪو مسئلو هوندو هو ته انهن جي پيٽرول پمپ جا مينجر مدد ڪندا هئا. انهن جون ضمانت کڻندا هئا. ان ڪري پيٽرول پمپ تي وڏي رش هوندي هئي.
پمپ ڀرسان هوٽل به هوندو هو. جيڪو پٺاڻ هلائيندا هئا. جتي ڊرائيور چانھ، ماني کائيندا هئا. ڪجھ گهڙيون آرام به ڪندا هئا.
ڳوٺ پيروز حاجيءَ جو چاچو لال ڏنو حاجي جي به سيد مريد علي شاھ سان ڪافي ويجهڙائي هوندي هئي. سيد مريد علي شاھ هن جي ٻن پٽن محمد موسا حاجي (مرحوم) ۽ غلام حيدر حاجيءَ کي ٽيلي ڪميونيڪيشن ۾ نوڪريون پڻ ڏنيون هئائين. اھي به ڊيوٽيءَ کان پوءِ پيٽرول پمپ اچي ويهندا هئا.
پٺاڻن جي حوالي سان مشهور آهي ته هو سنڌ ۾ هٿيار ۽ منشيات سمگلنگ ڪن ٿا. جنهن جو هنڌ هوٽل هوندا هئا. جتان مختلف علائقن ڏانهن موڪليندا هئا.
هڪ ڏينهن جي ڳالھ آھي گلوبل سيڪريٽريٽ گڏيجيءَ (اسان جو مهمان خانو) تي ويٺا هئاسين. ڳوٺن ۾ وڌندڙ بدامني جون ڳالهيون نڪتيون. پنهنجو تحفظ پاڻ ڪرڻ گهرجي. چوريون چڪوريون عام جام ٿي ويون آهن. مون به All Pakistan جو آرمر لائيسن ٺهرايو هو. هٿيار اڃان وٺڻو هو. غلام حيدر حاجيءَ ٻڌايو ته نوشهره (KPK) ۾ هٿيارن جو واپاري منهنجو دوست آهي. هوٽل تي ايندو آهي. رات مون وٽ اوطاق تي ترسندو آهي. مان ڪافي مرتبا هٿيار گهرايا آهن. اتي سستا ملن ٿا ۽ معياري به آهن. منهنجي وڏي ڀاءُ منظور حسين چني چيو اتان کڻي اچڻ مشڪل آهي. پر غلام حيدر چيو ته پاڻ رڳو هٿيار ڏسي خريد ڪنداسين باقي دوڪاندار هٿيار سيد مريد علي شاھ جي پيٽرول تي پاڻ پهچائيندا.

هڪ ڏينهن ڳوٺ پيروز حاجيءَ مان غلام حيدر، منير احمد راڄپر ۽ مان غلام جعفر دائي جي هوٽل تان پشاور واري بس ۾ سوار ٿي سفر لاءِ نڪري پياسين. منير حاجي کي به هٿيار وٺڻو هو. ان کي لائيسن به اتان ٺهرائڻو هو. اتي دوڪاندار ٺهرائي ڏين ٿا. يا پاڻ وٽ ٺپا ٺهيا پيا اٿن. موسم صحيح ياد ڪونهي پر اندازن سانوڻي جي موسم هئي. سفر ڪافي آرامده رهيو هو. پشاور پهچي، بس اسٽينڊ تان شهر جو جائزو ورتو سين. ماڻهن جي اچ وڄ مان سکر جيترو شهر لڳي رهيو هو. اسان گلائون ڪري چوندا آهيون ڪجھ به هجي پٺاڻ محنتي آهن. جنهن جو مشاهدو پشاور ۾ ٿيو هو. صفا پوڙها به زمين تي کپائڻ لاءِ ڪينچون، ڇريون، ڇوهارا، اکروٽ بادام رکيون ويٺا هئا.
بس اسٽينڊ تان ئي نوشهره جي جي سواري ۾ ويٺاسين.
نوشهره خیبر پختونخوا جو هڪ پراٹو تعلقو آهي. جنهن کي پهرين جولاء 1988ع کي ضلع جي حيثيت ملي. هيءُ ضلعو قومي شاهراہ پشاور کان پنجاب جي ڪناري تي واقع آهي. هيءُ ضلعو مرڪزي ايشيا ۽ انڊيا کي ملائڻ وارو دروازو به چيو ويندو آهي ۽ دریاءِ سنڌ ۽ درياءَ ڪابل جي سنگم تي واقع هجڻ جي ڪري ٻين شهرن کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو. هيءَ علائقو ٽن هم عصر عالمن، شاعرن خوشحال خان خٽڪ، ڪاڪا صاحب ۽ ان جي استاد شیخ آخوند ادین سلجوقي کان علاوہ پير مانڪي شريف جهڙن مذهبي پيشوائن جي وجھ سان سڃاتو وڃي ٿو. نوشهرہ تعلقي صنعتن جي ڪري ڪافي مشهور آهي.نوشهره فوجي تربيت جو مرڪز پڻ آهي. هتي وڏي فوجي ڇاوڻي آهي.
شهر ۾ داخل ٿيڻ سان توهان کي هر گهٽيءَ ۾ فوجي گهمندي ملندو. اتي هر گهٽيءَ ۾ هٿيارن جو دوڪان ائين ملندا، جئين اسان جي شهرن ۾ ڪرياني جا دوڪان، سيلون ۽ سائيڪلن جي پئنچرن جا دوڪان هوندا آهن.
هتي ڳوٺ ملھيراڻي سولنگيءَ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ احسان علي سولنگي ڇانوڻيءَ ۾ سپاهي هو. غلام حيدر راڄپر، ان سان رابطي ۾ هو.
جئين اسان Armor Shop تي پهتاسين. احسان علي سولنگي اڳ ئي دوڪان تي موجود هو. دعا سلام کان پوءِ حالي احوالي ٿياسين. احسان سولنگيءَ هٿيار وٺڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي. مون ڊبل بئرل گن (جنهن کي دونالي بندوق چوندا آهن) ورتي.
تڏهن منهنجا وار سائيڊن کان ڪٽيل هوندا هئا. جنهن کي فوجي اسٽائيل چوندا آهن. اتي دوڪان ۾ هڪ فوجي آفيسر ويٺو هو. هن مون کي فوجي سپاهي سمجهو. مونکي هٿيار وٺندي ڏٺو. سڏ ڪيو. فوجن لاءِ ڪا رعايت هئي. مونکي ياد ڪونهي پر هن چيو پٽ اوهان لاءِ هيءَ رعايت آهي. مون شڪريو ادا ڪيو هو.

رات پٺاڻ اسان کي پنهنجي ڳوٺ وٺي هليو. رستي ۾ هڪ ندي ٻيڙي تي ڪراس ڪئي سين. جبلن ۽ چهچ وڻن جي وچ ۾ ننڍڙو خوبصورت ڳوٺ هو. رات جو هن تمام سٺي دعوت ڪئي. پٺاڻن جا مختلف مصالحن ۾ تيار ٿيل کاڌن جا ذائقا مونکي پسند نه آيا. ماني به ڏاڍي ٿلهي پڪل هئي. جئين گره پٽجي پيو، ڪچو اٽو ڏسي دل ڪچي ٿي رهي هئي. هڪ پليٽ ۾ ساوا مرچ پيا هئا. بک به ڏاڍي لڳي هئي. مون اکيون بند ڪري ساون مرچن سان ڪجھ گرھ کاڌا ۽ پاڻي پيتو.

مانيءَ کان پوءِ ڪچهري ٿي. سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. ڪچهري دوران اتي ويٺل پٺاڻن KPK جي امن امان جي حوالي سان ٻڌايو ته هتي هر گهر ۾ ڪلاشنڪوف تائين هٿيار موجود آهي. اسان جون عورتون به هٿيار هلائڻ ڄاڻن. ان ڪري چور ڌاڙيل لهرائيندا آهن باقي ذاتي دشمنيءَ جي حوالي سان جهيڙا جهٽا ٿيندا رهندا آهن.

صبح جو ناشتو ڪري آرمر شاپ نوشهره آياسين. هاڻي ڳوٺ لاءِ تياري هئي. پٺاڻ ٻڌايو ته بسن وارا هٿيار ڪونه ٿا کڻن. پوليس سختي ڪئي آهي. رستن تي گاڏيون بيهاري ڇڏن ٿا. مسافرن ۽ بسن ڊرائيورن جي وچ ۾ جهيڙا ٿين ٿا. ڳوٺ پهچائڻ جي آسري تي
هٿيار به وٺي ڇڏيوهوسين. مونکي ڏاڍي پريشاني ٿي. مون کي خبر هئي واپسيءَ دوران رستي ۾ پوليس ڏاڍو تنگ ڪندي آهي. نيٺ فيصلو ٿيو وڏو ٿيلهو ٿا وٺون. ان ۾ هٿيار وجهي ﷲ توهار ڪنداسين.مان ڏاڍو پريشان هيس پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. هٿ ڪٽجي چڪا هئا. گن جو نمبر لائسنس تي لکجي چڪو هئو.

شام جو پشاور مان راڻيپور لاءِ نڪتاسين. جئين ئي ڪجھ ڪلوميٽر نڪتاسين مس ته پوليس چونڪيءَ تي بس بيٺي. سپاهي گهورڙن جيان گاڏيءَ ۾ چڙهي آيا اسان جي ٿيلهن مان هٿيار نڪتا. لائيسن ڏيکاريوسين مگر هو جان ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونہ تہ اوھان جا ڪوڙا لائيسن آهي. ابا ڪوڙا ڪئين آهن ڀلا؟گاڏيءَ جي هر هر بيهڻ ڪري ٻيا مسافر تنگ ٿي رهيا هئا. اسان تي ڪاوڙ ڪري رهيا هئا. جيڪا جائز به هئي. گاڏيءَ ۾ ٻين وٽ به هٿيار هئا. نيٺ رشوت وٺي پوءِ ڇڏيائون. اڳتي وڌياسين وري ٻئي چونڪي ائين ٽين چونڪي منهنجو سور وچان دماغ ڦاٽي رهيو هو.
هڪ جڳھ تي اسان کي هيٺ لاهي، بس کي ڇڏي ڏنائون. ڪاري رات هئي، پوليس ۽ اسان هئاسين. علائقو اڻ واقف هو. پوليس ڊيڄاري ڌمڪائي رهي هئي. جئين وڌيڪ پئسا وٺي سگهجن. منهنجي مٿان ڪافي خوف واري ڪيفيت هئي، منهنجا حواس جواب ڏئي بيهي رهيا هئا. مون کي پنهنجي بي عقلي ۽ ابوجهائپ تي افسوس ٿي رهيو هو ته مان انهن سان ائين اعتبار ڪري ڇو چڙهي پيش. هاڻي پئسا به ويا جان به وڃي پئي.
منهنجي اهيا حالت بيٺي، مون غلام حيدر کي چيو، مان پنهنجي بندوق بس مان اڇلايان ٿو. باقي منير جي مرضي آهي. هاڻي منهنجي برداشت کان ڳالھ چڙهي وئي آهي.
غلام حيدر زماني جو ماڻهو هو. هو پريشان به نه هو. معمولي ڳالھ سمجهي رهيو هو. هن چيو تون پري ٿي ويھ مان پاڻ ٿو منهن ڏيان ٿو. پوءِ رشوت وٺي ٻي بس ۾ ويهاريون. ان رات مان جنهن ڪَرب ۽ تڪليف مان گذريس اها ڪڏهن به نه وسرندي. لائيسن هجڻ جي باوجود پوليس ڏاڍو تنگ ڪيو. مان سوچي رهيس پاڪستان ۾ پوليس ايتري چوڪس آهي پوءِ روز شهرن ۾ هيءُ بمبار ڪئين داخل ٿين ٿا؟ خودڪش حملا ڪري سوين ماڻهو مارين ٿا؟ اسان هڪ لائيسن واري بندوق ڪري ايتري پريشاني مان گذريا آهيون. خودڪش حملي آورن وٽ سليماني ٽوپي هوندي آهي ڇا؟ بنگالي، برمي، افغاني پوري ملڪ ۾ آزاد گهمندا وتن ٿا. دهشتگردي ڪندا وتن ٿا. اسان ملڪ جا رهاڪو ڪيڏا پريشان آهيون. جائز شيءَ تي رشوت ڏيڻي پوي ٿي.

سکر پهچڻ کان پوءِ سک جو ساھ کنئيوسين. جڏهن به مونکي اهيا ياد ايندي آهي. مون تي خوف واري ڪيفيت ڇانئجي ويندي آهي.

Address

Gadeji

Telephone

+923450179367

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when ɢʟᴏʙᴀʟ ʀᴇᴀᴅᴇʀ's & ᴡʀɪᴛᴇʀ's ʟɪʙʀᴀʀʏ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to ɢʟᴏʙᴀʟ ʀᴇᴀᴅᴇʀ's & ᴡʀɪᴛᴇʀ's ʟɪʙʀᴀʀʏ:

Share

Category