12/06/2026
(خاموشي جو شور انسان جو اندر ڳاري ڇڏي ٿو )
سنڌ جي دلير ڌيءَ ريحانه تبسم جي خاموش ڪربلا
هيءَ ڪهاڻي ڪنهن خيالي ڪردار جي ناهي، هيءَ ڪهاڻي سنڌ جي ان عظيم، غيرتمند ۽ نالي واري اداڪاره جي آهي، جنهن پنهنجي فن سان لکين چهرن تي مرڪون وکريون، پر اڄ سندس پنهنجي زندگي لڙڪن جي سمنڊ ۾ ٻڏل آهي. ريحانه تبسم—هڪ اهڙو نالو جيڪو سنڌي ميڊيا ۽ اسڪرين جي زينت رهيو، پر اڄ ان عظيم عورت جو صبر ڏسي آسمان به روئي رهيو آهي.
توهان ڪڏهن خاموشيءَ کي دانهون ڪندي ٻڌو آهي؟ جيڪڏهن ناهي ٻڌو، ته ريحانه تبسم جي زندگيءَ کي ڏسو.
هڪ ماءُ جو اجڙيل سنسار ۽ قيامت کان وڏو صدمو
هن دلير عورت تي غمن جا اهڙا جبل ڪريا، جو ڪو ڪمزور هجي ها ته پاش پاش ٿي وڃي ها. ريحانه جو جوان پٽ، سندس اکين جو تارو، هڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو. هڪ ماءُ جي ڪلهي تي جوان پٽ جو جنازو... اها ڪهڙي قيامت هوندي، ان جو اندازو ڪو نٿو لڳائي سگهي.
پٽ جي وڇوڙي رڳو ماءُ کي نه، پر سڄي گهر کي اجاڙي ڇڏيو. جوان ڀاءُ جي اها جدائي ڀيڻ برداشت نه ڪري سگهي ۽ پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺي. هڪ پاسي جوان پٽ جو لاش، ٻئي پاسي ذهني توازن وڃائي ويٺل ڌيءَ... هنن صدمي ريحانه آپا کي پاڻ کي به دماغي طور شديد متاثر ڪيو. پر قربان وڃجي هن سنڌ جي ڌيءَ تان، جنهن ڪربلا وارو صبر اختيار ڪيو. هن الله جي رضا تي سر جهڪايو، هاڻي ڪجهه طبيعت سنئون سڌي ٿيس آهي، پر هن عظيم عورت جي غيرت جو عالم ته ڏسو!
نه ڪو شڪوه، نه ڪو ڏوراپو... صرف صبر!
هيڏي وڏي نالي واري اداڪاره هجڻ جي باوجود، ريحانه تبسم:
ڪڏهن ڪو احتجاج نه ڪيو.
ڪڏهن ڪنهن کي ڪو ڏوراپو نه ڏنو.
ڪڏهن ڪنهن جي آڏو مدد لاءِ هٿ نه ڊگهيريو.
هو اڪيلي سر، هن دور جي سسئي بڻجي پنهنجا سور سهندي رهي ٿي. افسوس تنهن انڌي سرڪار ۽ ثقافت کاتي تي، جن کي اٻوجهه فنڪارن جا جنازا ته نظر ايندا آهن، پر جيئري انهن جي سار لڌڻ جي توفيق ناهي ٿيندي. ڪروڙين روپين جا بجيٽ کائيندڙ آفيسر اڄ ڪٿي آهن؟
هي جيڪي اسان کي اسڪرين تي وڏا وڏا فنڪار، دانشور ۽ همدرد نظر اچن ٿا، اهي سڀ مطلبي آهن. ڪنهن هڪ به وڃي هن مظلوم ماءُ ۽ عظيم فنڪاره جو حال نه پڇيو. سنڌي ميڊيا جا اهي دعويدار اڄ ڪٿي آهن؟ جڏهن انسان تڪليف ۾ هجي ته سڀ پاسو ڪري ويندا آهن. اهڙن بي حيس ماڻهن لاءِ دل مان صرف بددعا ئي نڪري ٿي.
"ڀيڻ ريحانه! تون مونکي نٿي سڃاڻين، نه ئي ڪڏهن تون مونکي ڪجهه چيو آهي. مان تنهنجو هڪ ننڍڙو ڀاءُ آهيان. خدا مونکي معاف ڪري، مان تنهنجي اجازت کان بغير هي سڀ لکي رهيو آهيان، ڇو ته تنهنجي غيرت ڪڏهن پنهنجو درد ٻڌائڻ جي اجازت نه ڏيندي. پر ڇا ڪيان... دل جو درد پنهنجو ئي سمجهندو آهي. منهنجي اکين مان لڙڪ نٿا بيهن جڏهن تنهنجي هن خاموش ڪربلا جو سوچيان ٿو.
منهنجي سنڌ جي غيرتمند ماڻهو، دوستو، ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي هن دلير ڀيڻ ريحانه تبسم کي توهان جي پئسن جي ضرورت ناهي، هن جي غيرت تمام وڏي آهي. پر هن کي توهان جي دعائن جي سخت ضرورت آهي.
توهان سڀني کي هٿ ٻڌي عرض آهي ته آپي ريحانه لاءِ، سندس ڌيءُ جي صحت لاءِ ۽ سندس صبر جي مٿان وڌيڪ اجر لاءِ گڏجي دعا ڪريو. الله پاڪ کيس هن آزمائش مان سرخرو ڪري ۽ سندس گهر ۾ ٻيهر خوشيون موٽائي.
ايمانداري سان هن پوسٽ کي ايترو شيئر ڪريو جو ايوانن ۾ ويٺل انڌي سرڪار ۽ ميڊيا جي بي حيس ماڻهن تائين اها
دانهن پهچي، ۽ کين پنهنجي بي حسيءَ تي شرم اچي!
(نواز جکرو جي ٽڪ ٽاڪ تان کنيل ڪيپشن)
゚ you
you