MB Rajar

MB Rajar Information human rights protection form Pakistan media coordinator malir Karachi

02/07/2026

سنڌ جي خوبصورت سريلي سنگر ثريه سومرو جي آواز ۾ منھنجو لکيل گيت دوستن جي نظر اميد پسند ايندو لائڪ شئير ڪرڻ نه وساريندا؛ پنھنجي راء ضرور ڏجو ته ڪئين لڳو گيت




تصوير سڃاڻو؟
29/06/2026

تصوير سڃاڻو؟

(خاموشي جو شور انسان جو اندر ڳاري ڇڏي ٿو ) سنڌ جي دلير ڌيءَ ريحانه تبسم جي خاموش ڪربلاهيءَ ڪهاڻي ڪنهن خيالي ڪردار جي ناه...
12/06/2026

(خاموشي جو شور انسان جو اندر ڳاري ڇڏي ٿو )

سنڌ جي دلير ڌيءَ ريحانه تبسم جي خاموش ڪربلا
هيءَ ڪهاڻي ڪنهن خيالي ڪردار جي ناهي، هيءَ ڪهاڻي سنڌ جي ان عظيم، غيرتمند ۽ نالي واري اداڪاره جي آهي، جنهن پنهنجي فن سان لکين چهرن تي مرڪون وکريون، پر اڄ سندس پنهنجي زندگي لڙڪن جي سمنڊ ۾ ٻڏل آهي. ريحانه تبسم—هڪ اهڙو نالو جيڪو سنڌي ميڊيا ۽ اسڪرين جي زينت رهيو، پر اڄ ان عظيم عورت جو صبر ڏسي آسمان به روئي رهيو آهي.
توهان ڪڏهن خاموشيءَ کي دانهون ڪندي ٻڌو آهي؟ جيڪڏهن ناهي ٻڌو، ته ريحانه تبسم جي زندگيءَ کي ڏسو.
هڪ ماءُ جو اجڙيل سنسار ۽ قيامت کان وڏو صدمو
هن دلير عورت تي غمن جا اهڙا جبل ڪريا، جو ڪو ڪمزور هجي ها ته پاش پاش ٿي وڃي ها. ريحانه جو جوان پٽ، سندس اکين جو تارو، هڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو. هڪ ماءُ جي ڪلهي تي جوان پٽ جو جنازو... اها ڪهڙي قيامت هوندي، ان جو اندازو ڪو نٿو لڳائي سگهي.
پٽ جي وڇوڙي رڳو ماءُ کي نه، پر سڄي گهر کي اجاڙي ڇڏيو. جوان ڀاءُ جي اها جدائي ڀيڻ برداشت نه ڪري سگهي ۽ پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺي. هڪ پاسي جوان پٽ جو لاش، ٻئي پاسي ذهني توازن وڃائي ويٺل ڌيءَ... هنن صدمي ريحانه آپا کي پاڻ کي به دماغي طور شديد متاثر ڪيو. پر قربان وڃجي هن سنڌ جي ڌيءَ تان، جنهن ڪربلا وارو صبر اختيار ڪيو. هن الله جي رضا تي سر جهڪايو، هاڻي ڪجهه طبيعت سنئون سڌي ٿيس آهي، پر هن عظيم عورت جي غيرت جو عالم ته ڏسو!
نه ڪو شڪوه، نه ڪو ڏوراپو... صرف صبر!
هيڏي وڏي نالي واري اداڪاره هجڻ جي باوجود، ريحانه تبسم:
ڪڏهن ڪو احتجاج نه ڪيو.
ڪڏهن ڪنهن کي ڪو ڏوراپو نه ڏنو.
ڪڏهن ڪنهن جي آڏو مدد لاءِ هٿ نه ڊگهيريو.
هو اڪيلي سر، هن دور جي سسئي بڻجي پنهنجا سور سهندي رهي ٿي. افسوس تنهن انڌي سرڪار ۽ ثقافت کاتي تي، جن کي اٻوجهه فنڪارن جا جنازا ته نظر ايندا آهن، پر جيئري انهن جي سار لڌڻ جي توفيق ناهي ٿيندي. ڪروڙين روپين جا بجيٽ کائيندڙ آفيسر اڄ ڪٿي آهن؟
هي جيڪي اسان کي اسڪرين تي وڏا وڏا فنڪار، دانشور ۽ همدرد نظر اچن ٿا، اهي سڀ مطلبي آهن. ڪنهن هڪ به وڃي هن مظلوم ماءُ ۽ عظيم فنڪاره جو حال نه پڇيو. سنڌي ميڊيا جا اهي دعويدار اڄ ڪٿي آهن؟ جڏهن انسان تڪليف ۾ هجي ته سڀ پاسو ڪري ويندا آهن. اهڙن بي حيس ماڻهن لاءِ دل مان صرف بددعا ئي نڪري ٿي.
"ڀيڻ ريحانه! تون مونکي نٿي سڃاڻين، نه ئي ڪڏهن تون مونکي ڪجهه چيو آهي. مان تنهنجو هڪ ننڍڙو ڀاءُ آهيان. خدا مونکي معاف ڪري، مان تنهنجي اجازت کان بغير هي سڀ لکي رهيو آهيان، ڇو ته تنهنجي غيرت ڪڏهن پنهنجو درد ٻڌائڻ جي اجازت نه ڏيندي. پر ڇا ڪيان... دل جو درد پنهنجو ئي سمجهندو آهي. منهنجي اکين مان لڙڪ نٿا بيهن جڏهن تنهنجي هن خاموش ڪربلا جو سوچيان ٿو.
منهنجي سنڌ جي غيرتمند ماڻهو، دوستو، ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي هن دلير ڀيڻ ريحانه تبسم کي توهان جي پئسن جي ضرورت ناهي، هن جي غيرت تمام وڏي آهي. پر هن کي توهان جي دعائن جي سخت ضرورت آهي.
توهان سڀني کي هٿ ٻڌي عرض آهي ته آپي ريحانه لاءِ، سندس ڌيءُ جي صحت لاءِ ۽ سندس صبر جي مٿان وڌيڪ اجر لاءِ گڏجي دعا ڪريو. الله پاڪ کيس هن آزمائش مان سرخرو ڪري ۽ سندس گهر ۾ ٻيهر خوشيون موٽائي.
ايمانداري سان هن پوسٽ کي ايترو شيئر ڪريو جو ايوانن ۾ ويٺل انڌي سرڪار ۽ ميڊيا جي بي حيس ماڻهن تائين اها
دانهن پهچي، ۽ کين پنهنجي بي حسيءَ تي شرم اچي!
(نواز جکرو جي ٽڪ ٽاڪ تان کنيل ڪيپشن)

゚ you

you

08/06/2026

یے پوسٹ کوئی مسلمان پڑھ رہا ہے تو دل سے
اسلام علیکم ورحمتہ اللہ وبرکاتہ

01/06/2026

(ھيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم ملير ڪراچي )
ميڊيا ڪوارڊينٽر ملير
محمد بخش راڄڙ

ڇور مان اغوا ٿيل نوجوان کان 22 لک رپيا ڦر، بيهوشي واري حالت ۾ کاڻوٺ ڀرسان هٿ

سليمان راڄڙ نالي نوجوان کي مبينا طور ڇور شهر مان نامعلوم ماڻهن اغوا ڪري ورتو. اطلاعن موجب جوابدارن کيس نشي آور شيءِ پياري بيهوش ڪري ڇڏيو ۽ سندس قبضي مان تقريباً ٻاويهه لک رپيا ڦر ڪري ورتا.

واقعي کان پوءِ جوابدار کيس بي يارو مددگار حالت ۾ کاڻوٺ جي علائقي ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. متاثر نوجوان هن وقت کاڻوٺ جي حدن اندر هٿ آيو آهي، جتي مقامي ماڻهن سندس سار سنڀال ڪئي آهي.

سليمان راڄڙ پنهنجي بيان ۾ سڄي واردات بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن. وڌيڪ تفصيل سندس واتان ٻڌو.

جيڪڏهن ڪو وارث، مائٽ، دوست يا سڃاڻپ وارو هن نوجوان کي سڃاڻي ٿو ته مهرباني ڪري ترت رابطو ڪري، جيئن کيس محفوظ نموني پنهنجي گهر ڀاتين تائين پهچائي سگهجي.

نوٽ: انسانيت جي ناتي هن اطلاع کي وڌ کان وڌ شيئر ڪيو وڃي ته جيئن سندس وارثن تائين خبر پهچي سگهي #ڇور #کاڻوٺ #اغوا #سنڌ

30/05/2026

ملیر جي مشھور ڪيفي چاءً جان تي دوستن سان گڏ ڊنر ڪيوسين سچ پڇو ته اوپن اسپيس ھئڻ ڪري ماحول ڏاڍو خوشگوار ھيو جينٽس ۽ فيملي لاء الڳ ڇا ته سيٽپ ٿيل ھو اصل دل خوش ٿي وئي ۽ ڳالھ ڪجي فوڊز جي ته يار مونکي مڪڊونلڊز ۽ ڪي ايف سي اصل فالتو لڳا فريشنز ۽ سروس به ڪمال جي ھئي ھن جي اونر جي خبر ناھي
باقي ڊائينگ ٽيبل تي اجرڪ جو پرنٽ ڏسي دل خوش ٿي وئي . ڪڏھن وقت ملي ته ھڪ دفعو ضرور وزٽ ڪجو .
❤️😘.


27/05/2026

یے ویڈیو واٹسپ ..... See more

27/05/2026

ابھی تک موصول ہونے والا پہلا غیر حتمی غیر سرکاری نتیجہ 🤣😄

Address

Malir Karachi
Dhoro Naro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when MB Rajar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category