Channa Library Darbello

Channa Library Darbello Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Channa Library Darbello, Library, Post Office Darbello, Darbello.

ان لائن گيمز کان تاش راند تائين جوامسعود ڏيپلائي  .ائين ھاڻ ھو اڳيان آھي ۽ قرضو پويان اڄ صفا اڪيلو آھي ساڻس گڏ سنگتي ساٿ...
06/09/2026

ان لائن گيمز کان تاش راند تائين جوا
مسعود ڏيپلائي

.
ائين ھاڻ ھو اڳيان آھي ۽ قرضو پويان اڄ صفا اڪيلو آھي ساڻس گڏ سنگتي ساٿي منظر تان گم آھن
ڪو وقت ھو سندس بل بل ھئي .سندس اٿي ويٺي اميراڻي ھئي ڇا کاڌو پيتو ڇا سواري ۾ ھر قسم جون مھانگيون گاڏيون ,ڇا دعوتون ۽ ھر وقت وڏن ماڻھن ۽ آفيسرن جون دعوتون ۽اوڍاڻيون .ڪڏھن ٻڌ ته ڪراچي ويٺو آھي ڪڏھن ننگرپارڪر جيڪڏھن رات ڏيپلي ۾ تہ ناشتو عمرڪوٽ ۾ .منرل واٽر کان سواء ڪو سنگتي پاڻي نه پيئندو ھو .تڏھن دوست ۽ سنگتي بہ صفا ڀيڙا ڪلھي ۾ ڪلھو ملائي پيا ھلن ساڻس پيا تاڙيون ملائين .ان کان سواء دعوتون ملتوي ڪريون ڇڏين .ھر ڦوٽو ۽ سڀني سوشل سائيٽس
تي گڏ ڦوٽو رکي واھ واھ پيا ڪن . خوشامد جي اصل برسات پيا وسائين .سڀ جاني جاني پيا ڪن ھاڻ ڪير فون کڻڻ لاء تيار ناھي .
ڇو ته ھاڻ وٽس پئسو ناھي ھاڻ سندس دوست سڏائڻ ۾ به نقصان آھي ڇو ته مٿس فراڊ جا ڪيس پيا ھلن مقامي ميمبرن وٽ فيصلا پيا ھلن
ھو ڪير آھي ؟ ان کان اڳ ھڪ ٻي سچي ڪھاڻي ٻڌو .ھن جو پيء ننڍڙو ملازم ھو پر ھو سندس اڪيلو پٽ ھو سڀ فرمائشون پوريون ٿيئنس .چڱو خاصو ڪاروبار به آھي .پوء اوچتو الائي ڇا ٿيو جو ھو ڪاروبار ڇڏي گم ٿي ويو سندس پيء کي ريٽائرڊ ٿيڻو پيو .اھا پينشن به الائي ڪيڏانھن ويا .وري مائيڪرو فنانس بينڪ مان کنئي اھا به ويئي .
ھي به ڪي ڪوڙيون ڪھاڻيون ناھن ھي ھن وقت سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن جون زمان حال جا اھي واقعا آھن جيڪي ٿوري گھڻي فرق سان اسان جي ڀرپاسي ۾ ٻڌا ويا آھن .
اھي سڀ جوا جا ڪم آھن جنھن بابت اردو جو پھاڪو آھي جوا کسي کا نه ھوا
جوا اڳي تاش جي راند تي ٿيندي ھئي .پر ھاڻ اھا نانگڻ واري راند ،اسنوڪر تي ڪرڪيٽ جي ميچن تي ٿيندي آھي .ان کان خطرناڪ جوا جو مرڪز ھاڻ اسان جي کيسي ۾ موجود آھي .اھا جوا ھاڻ مختلف آن لائن گيمز تي ٿئي ٿي جنھن خاص ڪري اسان جي نوجوان نسل کي ڦرڻ لاء نوان نوان ٽولز ميدان تي آندا ويا آھن .
جيڪي شروعات ۾ راند کي جوائن ڪندڙ کي ٿورو ڪڏھن گھڻو نفعو ڏيندا آھن اھا ان رانديون جي لانچنگ سسٽم ۾ رکيل حرام پائي آھي جيئن نئون مرغو ڦاٿو آھي ڪجھ داڻو اڇلائجي ته صفا ٻه ٽنگو ڦاسي پوء ان جو کيسو ڪتري سگھجي
ٿوري گھڻي لالچ ۾، ڪجھ ڪمائڻ جي اسري
ڊجيٽل دور ۾ آن لائين گيمز ۽ بيٽنگ ايپس ،مختلف ايپس يا آن لائن ارننگ جي نالي سان اوھان جي اڪائونٽن تائين پھچ ڪن ٿا. ھي رانديون نوجوانن لاءِ راند نه، پر تباهي بڻجي ويون آهن۔ “ون اينڊ ارن”، “فري پلي” ۽ “فاسٽ مني” جا نالا سميت مختلف نالن سان گيمز جيڪي اصل ۾ جوا آھن اسان جي نوجوان جي دماغ ۾ لالچ لوڀ جلدي امير ٿيئڻ جي لاء شارٽ ڪٽ به جائز سمجھڻ جھڙن اوگڻن کي ڀري رھي آھي .راتين جو راتيون جاڳي ،انٽرنيٽ جا مھانگا پيڪيج ڪرائي ،پئسي سان پنھنجي صحت تعليم ء خانداني سڪون ،گھرن جي سڪون سان گڏ ،پنھنجو ڪردار ۽شخصيت کي تباھ ڪري رھيا آھن ھر وقت ھارائڻ جي ڊپ جي ڪري نفسياتي مريض بڻجي غصو ،ڪاوڙ ،طبيعت جي تيزي ۽ پريشان ۽ مايوس چھري سان زندھ آھن .ڪيترائي لکين روپيا ھارائي قرضو بنجي ويا آھن پوء ان قرض کي ادا ڪرڻ لاء وياج خورن وٽ گروي آھن .ڪيترا ته پنھنجي يا ٻين جي گھرن مان چوريون ڪرڻ يا ڪرائڻ سميت مختلف ڏوھن ۾ ملوث ٿي پيا آھن .راتين جي جاڳڻ جي ڪري يا نفسياتي بيمارين جي ڪري ڪيترائي منشيات جا عادي بنجي ويا آھن .
ھر چمڪندڙ شيءِ کي سون سمجھندڙ ڊجيٽل جوارين سان تازو گذريل عيد جي موقعي تي اين ايف ٽي نالي ايپ تاريخي فراڊ ڪيو جنھن ۾ پاڪستانين جا پنج ارب روپيا ٻڏي ويا.سي فراڊي کڻي گم ٿي ويا جن جو نڪو ڏس نڪو پتو ڪير ان کي آپريٽ ڪندو ھو .ان چڪر ۾ چڱا خاصا پڙھيل لکيل دوست به ڦرجي ويا پر دل جو سور دل ۾ رکي ٻڌائڻ کان رھجي ويل ڊجيٽل جوا جي شڪار بڻيل اھڙن ھزارن ڪيسن کان سواء ڪرڪيٽ جي سٽي واري جوا به ھر شھر ۾ ھڪ حلقي کي نشانو بنايو آھي .ڪو دور ھوندو ھو ٽنڊوالهيار،ٽندومحمدخان ،جھڏو ڊگھڙي کپرو ۽ ٻياشھر ۽ ڳوٺن جا اسٽاپ ۽ مورين تي بنيل ننڍا ننڍا اسٽاپ اڪڙا پرچي واري جوا يا پرائز بانڊ جي نالي جوا جا مرڪز ھئا جن کي مقامي پوليس جي سپورٽ حاصل ھوندي ھئي .پوء وقت سان گڏ ان جو اثر گھٽجي ويو پر ڪٿي ڪٿي آڪڙا پرچي جوا جا اڏا اڃان به آھن .
رياست جي اکين اڳيان ھڪ اھڙو ڏوھ وڌي ويجھي رھيو آھي جيڪو ڏوھ گھڻن جرمن ڏوھن جا رستا کولي ٿو ۽ ملڪ جي ڪرنسي کي نقصان سان گڏ ملڪي وسيلا به گھٽجن ٿا
اھڙين ڊجيٽل گيمز تي پي ٽي اي کي پابندي لڳائڻ گھرجي .جيئن ڪيترائي گھر تباھ ٿيئڻ کان بچي سگھن .پنھنجي گھر جي نوجوانن تي نظر رکو.
اھڙا ڪيترائي واقعا ٻڌڻ لاء روزانو ملن ٿا جيڪي جيء کي جنھجوڙين ٿا ،اسان جي پاسي جا سوين نوجوان آن لائن گيم جي ور چڙھيل آھن ، الھ تلھ کپائي ھلن پيا پر وري به راند نٿا ڇڏين ،ڪيترا خودڪشين جي ڪوشش ڪئي، ڪيترائي مالي طور تي برباد ٿي ويا،
آن لائن جوا کيڏاريندڙ ڪيترائي ايپليڪيشن آھن ، گھڻو ڪري انھن ايپس تي پابندي به لڳل آھي پر ماڻھو وي پي اين ذريعي غير قانوني طور تي ڄاڻايل ايپ استعمال ڪري راند کيڏن ٿا.اصل ۾ ھي سڀ گيمون ڪمپيوٽر جنريٽيڊ گيمون آھن. جن جي سيٽنگ اھا ٿيل ھوندي آھي ته اھي چوويھ ڪلاڪ ۾ ان ايپ تي ماڻھن جي لڳايل پئسي مان اڌ کي گيم جي مالڪ ڏانھن موڪلي باقي رقم کي اتي ئي گھمائي ڪنھن ھڪ کي ڏيندي آھي يا پنجن ڄڻن ۾ ورھائي ڇڏيندي آھي. باقي پئسا لڳائڻ وارن ٻئي ھٿ مٿي تي ھوندا آھن .ان ھڪ ڪاميابي کي نوانوي ناڪامين تي ڳڻيو ويندو آھي ان کان سواء جوا ڪندڙ پنھنجي ناڪامين ۽ نقصان کي لڪائڻ لاءِ پئسا ڪمائڻ جا ڪوڙ ھڻندا آھن جيڪي نون نوجوانن لاء شوق جو سبب بڻجندا آھن ۽ ھو بنا ڪنھن محنت جي امير ٿيئڻ جي ڪوشش ڪن ٿا نتيجي ۾ گھر جو الھ تلھ چٽ ڪري ويھن ٿا
اھڙيون ڪيئي ڪھاڻيون اسان جي چوطرف گھمن پيون .جن ۾ ڪيترائي ئي سٺا سٺا نوجوان ڦاسي پوندا آھن
صحافي عاجز جمالي پنھنجي مائٽ حيدر سنڌي جي ڪھاڻي لکي ته ھو ڪيئن انھن آن لائن جوا ۾ ڦاٿو ۽ خودڪشي ڪيائين .حيدر سنڌي ڄامشوري واھي پانڌي جو معروف نوجوان ھو اھڙيون ڪيئي ڪھاڻيون اسان جي چوڌاري روز ٻڌون ٿا .ٻه ٽي ھفتا اڳ ھڪ پڪوڙن جي گاڏي ھلائڻ واري جي پٽ گھر جا زيور ،وڪرو ڪيل پلاٽ جا پئسا ۽ گھر ۾ رکيل ٻڪرين جا پئسا ڪيئن ان ايپ واري راندين جي جوا ۾ وڃائي اھا ڳالھ ڪنھن ڪئي ھئي
زندگي انتھائي حسين آھي ، جيڪا اوھان کي صرف ھڪ دفعو ملي ٿي، ان زندگيء کي پنھنجين غير حقيقي خواھشن جي کڏ ۾ نه اڇلايو ، ساڳي وقت رياستي ادارن ، حڪومت ۽ وس وارن کان اھا اپيل ڪجي ٿي ته نوجوان نسل کي جوا جو آن لائن نشو ڏيئي عادي بڻائيندڙ قوتن خلاف زوردار قسم جي ڪاروائي ڪئي وڃي، ڇوته ھن ملڪ جي قانون موجب جوا حرام ۽ غير قانوني آھي ، سو ان کي ٻنجو ڏيڻ به رياستي ادارن جو ڪم آھي ، ايف آء اي، نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جھڙين ايجنسين کي اربين روپيا لٽيندڙ ھنن آن لائن گيمز جي خلاف مھم ھلائڻ گھرجي.

تکيون مٺيون ڳالهيون سنڌ جي سوال تي ڪير ڪٿي بيٺل هيو؟محمد خان ابڙوڪو مڃي يا نہ مڃي، پر وقت گذرڻ سان گڏ تاريخ ضرور مڃيندي ...
06/09/2026

تکيون مٺيون ڳالهيون
سنڌ جي سوال تي ڪير ڪٿي بيٺل هيو؟
محمد خان ابڙو

ڪو مڃي يا نہ مڃي، پر وقت گذرڻ سان گڏ تاريخ ضرور مڃيندي تہ سنڌ اسيمبليءَ سنڌ جي وحدت ۽ جاگرافيائي سالميت جي دفاع ۾ جيڪا قرارداد منظور ڪئي، اها سنڌ جي سياسي تاريخ جو اهم باب هئي جنهن کي ڪير بہ ۽ ڪڏهن بہ نظرانداز نٿو ڪري سگھي.
جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ نثار کهڙي سنڌ جي وحدت بابت بحث لاء رٿ پيش ڪئي ته ان تي سخت تنقيد به ٿي. اها تنقيد مڪمل طور تي بي بنياد قرار نٿي ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي وحدت واري معاملي تي غيرمعمولي طور حساس آهن، ڇو ته سنڌ جي وحدت صدين کان هلندي ايندڙ تاريخ، تهذيب، ٻولي، ثقافت، جاگرافي ۽ اجتماعي سڃاڻپ سان ڳنڍيل آهي. ان ڪري سنڌ جي ورهاڱي يا نئين صوبي جي تصور جو ذڪر به سنڌ جي ماڻهن کي قبول ناهي.
پر پيپلز پارٽيءَ طرفان جيڪو موقف سامهون آيو، ان ۾ پنهنجي جاءِ تي سياسي منطق موجود هو. جيڪڏهن مختلف سياسي اڳواڻ، ميڊيا، سماجي رابطن جا وسيلا ۽ سياسي ڌريون مسلسل سنڌ جي ورهاڱي يا نئين صوبي جي ڳالهه ڪري رهيون هجن ته چونڊيل ايوان ۾ ان جو جواب ڏيڻ به وقت جي ضرورت ھئي. هر معاملي تي خاموش رهڻ دانشمندي ناهي هوندي. ڪڏهن ڪڏهن خاموشي کي رضامندي سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري ضروري ٿي پوي ٿو ته سياسي ڌريون پنهنجو موقف واضح ۽ انداز ۾ عوام آڏو رکن.
حڪومتون رڳو جذبات جي بنياد تي نٿيون هلي سگهن. جذبات پنهنجي جاءِ تي اهم آهن ۽ قومن جي اجتماعي نفسيات ۾ انهن جي وڏي اهميت هوندي آهي، پر رياستي ۽ حڪومتي فيصلا دليل، ڳالهه ٻولهه، سياسي بصيرت ۽ تدبر سان ڪيا ويندا آهن. دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته وڏي کان وڏو تڪرار به آخرڪار ڳالهين جي ميز تي ئي اچي ٿو. جنگ کي اڪثر آخري رستو چيو ويندو آهي، پر تاريخ جا ڄاڻو بهتر سمجهن ٿا ته جنگ به مسئلن جو مستقل حل ناهي، ڇو ته جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ به ڌرين کي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ڳالهين ڏانهن موٽڻو پوي ٿو.
انهيءَ سياسي حقيقت کي سامهون رکندي پيپلز پارٽيءَ سموري تنقيد پنهنجي مٿان کڻندي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنهنجو موقف پيش ڪيو. مقصد رڳو هڪ قرارداد منظور ڪرائڻ نه هو، پر اهو واضح ڪرڻ به هو ته سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪنهن به ڪوشش يا مطالبي کي سنڌ جو چونڊيل ايوان ڪيئن ٿو ڏسي. اسيمبليءَ ۾ ٽن ڏينهن تائين هلندڙ بحث به انهيءَ وسيع سياسي پسمنظر ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
هن بحث جو هڪ دلچسپ پاسو اهو به سامهون آيو ته جيڪا ايم ڪيو ايم اسيمبليءَ کان ٻاهر نون صوبن ۽ سنڌ جي ورهاڱي جا مطالبا کليل نموني ڪري رهي هئي ان جاميمبر اسيمبليءَ اندر بحث دوران پنهنجي موقف تان ئي هٿ کڻي ويا.
متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن طرفان نئين صوبي جي مطالبي بدران انتظامي يونٽن جي ڳالهه تي زور ڏنو ويو. اها تبديلي پاڻ ان ڳالهه جو ثبوت هئي ته سنڌ جي چونڊيل اسيمبليءَ اندر هن معاملي جي سياسي حساسيت ڪيتري گهري آهي.
جيڪڏهن انتظامي ضرورتن تحت نوان ضلعا، تعلقا يا ٻيون انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي ضرورت هجي ته ان تي ڳالهائي سگهجي ٿي. ڪراچي هڪ تمام وڏو شهر آهي، آبادي ۽ انتظامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي اتي وڌيڪ ضلعا ٺاهڻ جي ضرورت هجي ته ان تي به غور ٿي سگهي ٿو. سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به ماضيءَ ۾ نوان ضلعا ۽ انتظامي حدون قائم ٿينديون رهيون آهن. اهڙا معاملا قانوني ۽ آئيني طريقيڪار تحت، باهمي صلاح مشوري سان حل ٿي سگهن ٿا. اصل اختلاف اتي پيدا ٿئي ٿو، جتي انتظامي ضرورت کي صوبي جي جاگرافيائي ورهاڱي واري سياسي مطالبي سان ڳنڍيو وڃي.
سنڌ اسيمبليءَ جي هن بحث دوران پيپلز پارٽيءَ جي مختلف اڳواڻن پنهنجي پنهنجي حيثيت سان اهم ڪردار ادا ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، ڄام خان شورو ۽ ٻين ميمبرن سنڌ جي وحدت بابت پنهنجي جماعت جو موقف واضح ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به ايوان ۾ واضح ڪيو ته سنڌ جي وحدت تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. انهن تقريرن جو مجموعي پيغام اهو ئي هو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد پنهنجي جاءِ تي، پر سنڌ جي وحدت اهڙو معاملو آهي، جنهن تي سنڌ جي عوام جي وڏي اڪثريت جو اجتماعي احساس انتهائي واضح آهي.
پر هن سڄي بحث ۾ سعيد غنيءَ جي تقرير خاص طور تي عوام جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي. سندس گفتگو ۾ اهي جذبات نمايان هئا، جيڪي سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي دل ۾ موجود آهن. هن واضح لفظن ۾ چيو ته اقتدار، وزارتون ۽ اسيمبليءَ جي رڪنيت به قربان ڪري سگهجي ٿي، پر سنڌ جي وحدت تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. سندس اهو موقف دراصل ان سياسي سوچ جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن مطابق اقتدار عارضي آهي، عهدا عارضي آهن، حڪومتون اچن وڃن ٿيون، پر ڌرتي، تاريخ ۽ اجتماعي سڃاڻپ اهم هوندي آهي.
انهيءَ ڪري سندس تقرير سوشل ميڊيا تي به وڏي پيماني تي وائرل ٿي. سعيد غنيءَ جو اهو چوڻ ته ضرورت پئي ته اقتدار ڇڏي ڏينداسين، پر سنڌ جي ورهاڱي کي قبول نه ڪنداسين، هڪ واضح سياسي پيغام هو.
اختلاف راءِ جمهوريت جو بنيادي حسن آهي، پر اختلاف جو بهترين اظهار ايوان اندر دليل سان ڪيو ويندو آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف بابت به سنڌ جي سياسي حلقن ۾ سوال اٿيا. تحريڪ انصاف پاڻ کي هن وقت هڪ وڏي عوامي ۽ مزاحمتي سياسي جماعت طور پيش ڪري ٿي. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريديءَ جون سنڌ ۾ سياسي سرگرميون ۽ رابطا مهم به انهيءَ تناظر ۾ ڏٺيون پيون وڃن. سنڌ جي مختلف علائقن پي ٽي آء جي مهم ۾ ماڻهن جي شرڪت مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ به هڪ طبقو موجود آهي، جيڪو موجوده سياسي حالتن مان بيزار آهي ۽ متبادل سياسي آواز ٻڌڻ چاهي ٿو.
پر جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي وحدت بابت ٽن ڏينهن تائين بحث هلندو رهيو ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو قرارداد جي حمايت ۾ واضح طور سامهون نه اچڻ به سوال پيدا ڪري ٿو. جيڪڏهن ان جماعت جو موقف اهو آهي ته اها سنڌ جي عوام ۾ پنهنجي سياسي بنياد مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي ته اهڙي حساس ۽ تاريخي معاملي تي ان جماعت جي چونڊيل نمائندن جي موجودگي ۽ واضح موقف هڪ فطري گهرج هئي. اهو چوڻ ته لاڳاپيل اڳواڻ ڪنهن ٻي سياسي سرگرمي ۾ مصروف هئا، شايد مڪمل جواب نه آهي. سنڌ جي حوالي سان اهڙو اهم بحث روز روز نٿو ٿئي ۽ نه ئي اسيمبليءَ ۾ هر ڏينهن اهڙا تاريخي موقعا ايندا آهن.
هتي هڪ اهم سوال اهو به آهي ته سنڌ جي عوام کي آخر سياسي جماعتن کي پرکڻ گهرجي ته ڪهڙي بنياد تي؟ ڇا رڳو حڪومت جي مخالفت يا ڪنهن جماعت جي حق ۾ نعرا هڻڻ ڪافي آهي؟ يا سياسي جماعت جي موقف کي ان جي عملي ڪردار جي بنياد تي به پرکڻ گهرجي؟ سياست ۾ دعوائون تمام گهڻيون ٿين ٿيون، پر اصل امتحان ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن ڪو حساس ۽ بنيادي مسئلو سامهون اچي.
پيپلز پارٽيءَ تي به تنقيد ٿيڻ گهرجي ۽ ٿيندي رهڻ گهرجي. حڪومت جي ڪارڪردگي، بدانتظامي، مهانگائي، بيروزگاري، تعليم، صحت، مڪاني نظام، ڪرپشن ۽ ٻين معاملن تي سياسي جماعتن، صحافين، دانشورن ۽ شهرين کي سوال ڪرڻ جو مڪمل حق آهي. ڪنهن به جماعت کي رڳو ان بنياد تي تنقيد کان مٿانهون نٿو ڪري سگهجي ته اها سنڌ جي وحدت جي ڳالهه ڪري ٿي. پر ساڳئي وقت اها حقيقت به نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته سنڌ جي وحدت جي سوال تي پيپلز پارٽيءَ تاريخي طور هڪ واضح سياسي موقف اختيار ڪيو آهي ۽ هاڻوڪي اسيمبلي بحث ۾ به ان ساڳئي موقف کي ورجايو آهي.
اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي قومپرست سياست سان لاڳاپيل ڪيترائي ڪارڪن ڊگهي عرصي کان روڊن تي سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ حقن لاءِ آواز اٿاريندا رهيا آهن. انهن جي جدوجهد ۽ قربانين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پر قومپرست جماعتن ۽ انهن جي قيادت جو اصل امتحان رڳو سماجي رابطن جي ذريعن تي پيغام جاري ڪرڻ يا ملڪ کان ٻاهر ويهي سياسي بيان ڏيڻ سان نٿو ٿئي.
سنڌ اسيمبليءَ جي انهن ٽن ڏينهن هڪ ٻي حقيقت به واضح ڪئي ته سنڌ جي وحدت جو معاملو رڳو ڪنهن هڪ جماعت جو سياسي نعرو ناهي اهو سنڌ جي عوام جي اجتماعي نفسيات جو حصو آهي. جيڪي ماڻهو سنڌ جي ورهاڱي يا نئين صوبي جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن کي به سمجهڻو پوندو ته سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو ڪنهن معمولي انتظامي بحث وانگر قبول نه ڪيو ويندو. سنڌ جي ماڻهن لاءِ اهو سوال سندن تاريخ، سڃاڻپ ۽ مستقبل سان ڳنڍيل آهي.
قرارداد جي منظوريءَ کان پوءِ اسيمبليءَ اندر جيڪي منظر سامهون آيا، اهي به سياسي علامت جي حيثيت رکن ٿا. چونڊيل نمائندن جو اهو اظهار ته سنڌ انهن لاءِ ماءُ جي حيثيت رکي ٿي، سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ موجود ان جذباتي ڪيفيت جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا هميشه کان سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ رهي آهي. سنڌ جي سڃاڻپ سنڌو درياهه، موئن جو دڙو، شاهه لطيف، سچل، سامي، سنڌي ٻولي ۽ صدين کان هلندي ايندڙ ان تهذيبي تسلسل سان جڙيل آهي، جنهن کي ڪنهن انتظامي نقشي تي هڪ ليڪ ڪڍي آسانيءَ سان ورهائي نٿو سگهجي.
آئون اهو چوڻ به ضروري ٿو سمجھان ته هن جذباتي معاملي کي رڳو سياسي نعرن تائين محدود نه رکڻ گھرجي، پر سنڌ جي عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ به ساڳي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن سنڌ ماءُ آهي ته ان ماءُ جي ٻارن کي صاف پاڻي، بهتر تعليم، معياري علاج، روزگار، محفوظ شهر، مضبوط مڪاني ادارا، شفاف حڪمراني ۽ پنهنجي وسيلن تي منصفاڻي حق به ملڻ گهرجي. سنڌ جي وحدت جو دفاع رڳو قرارداد سان نه، پر بهتر حڪمراني سان به مضبوط ٿيندو آهي.
ان ڪري سنڌ اسيمبليءَ جي هن قرارداد کي پڄاڻي نه، پر هڪ سياسي عزم طور ڏسڻ گهرجي. اها قرارداد ان ڳالهه جو اعلان آهي ته سنڌ جي وحدت بابت ڪو به سياسي بحث سنڌ جي ماڻهن جي جذبن، تاريخ ۽ اجتماعي رضامندي کي نظرانداز ڪري اڳتي نٿو وڌي سگهي. اختلاف راءِ جو حق سڀني کي حاصل آهي، انتظامي سڌارن تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي، نون ضلعن ۽ انتظامي يونٽن جي ضرورت هجي ته ان تي به کليل دل سان غور ٿيڻ گهرجي، پر سنڌ جي ورهاڱي ۽ سنڌ جي وحدت جي سوال کي هڪ ئي ترازو ۾ رکڻ نه سياسي طور درست آهي ۽ نه تاريخي طور.
تاريخ اهو نٿي ڏسي ته ڪنهن جماعت ڪيترا عهدا حاصل ڪيا، ڪنهن ڪيتريون وزارتون ورتيون يا ڪنهن ڪيترا نعرا هنيا. تاريخ اهو ڏسي ٿي ته جڏهن ڪنهن قوم جي سڃاڻپ ۽ وجود بابت سوال اٿيو ته ڪير بيٺو، ڪير خاموش رهيو، ڪير ايوان ۾ موجود هو ۽ ڪير ايوان کان ٻاهر هليو ويو. سنڌ اسيمبليءَ جا اهي ٽي ڏينهن به اهڙي ئي امتحان جو حصو هئا. حڪومتون تبديل ٿينديون رهنديون، جماعتن جا نالا ۽ عهدا تبديل ٿيندا، پر سنڌ جي وحدت پنهنجي جاءِ تي موجود رهندي. سنڌ اسيمبليءَ جي قرارداد به انهيءَ تاريخي تسلسل جو حصو بڻجي چڪي آهي. هن قرارداد گهٽ ۾ گهٽ اهو پيغام ضرور ڏنو آهي ته سنڌ جي جاگرافيائي ۽ تهذيبي وحدت بابت ڪو به فيصلو سنڌ جي ماڻهن جي مرضي ۽ انهن جي چونڊيل نمائندن جي ذريعي ئي ٿيڻ گهرجي.
۽ شايد هن سڄي قصي جو سڀ کان وڏو سبق اهو ئي آهي ته سياسي اختلافن جي باوجود هڪ اهڙو نقطو ضرور هجڻ گهرجي، جتي سياسي جماعتون پنهنجي جماعتن جي حدن کان مٿي ٿي اجتماعي مفاد سان گڏ بيهن. سنڌ جي وحدت جو سوال به اهڙو ئي هڪ مقام آهي. جيڪي ماڻهو سنڌ کي ماءُ چون ٿا، انهن لاءِ هن ماءُ جي حفاظت رڳو لفظن جو نه، پر عملي سياسي ڪردار جي تقاضا آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٿيل هن بحث گهٽ ۾ گهٽ اهو آئينو ضرور ڏيکاري ڇڏيو آهي ته ڏکئي وقت ۾ ڪير ڪٿي بيٺو هو. هاڻي فيصلو سنڌ جي عوام کي ڪرڻو آهي ته ان آئين ۾ کين ڪهڙو چهرو پنهنجو نظر اچي ٿو ۽ ڪهڙو اجنبي!

روزاني ڪاوش 6 سيپٽمبر 2026

ڀت جي وٿين مان نڪتل پنا پھريون پيار ۽ ماضي ڪونہ وسرندا آهنآدرشھر ماڻهوءَ کان مڙد ھجي يا عورت پھريون پيار زندگيءَ ڀر نہ و...
06/09/2026

ڀت جي وٿين مان نڪتل پنا
پھريون پيار ۽ ماضي ڪونہ وسرندا آهن
آدرش

ھر ماڻهوءَ کان مڙد ھجي يا عورت پھريون پيار زندگيءَ ڀر نہ وسرندو آهي. ان پيار جي جذبن، احساسن ۽ اکين ۾ محبت واري چمڪندڙ ستاري جي تشريح ڪرڻ دنيا جو ڏکيو ڪم آهي. شعر جي شرح لکي سگھجي ٿي عشق جي نہ. عقاب جي جھڙپ ڪير جھپي؟ ماضيءَ جون ڳالهيون نراليون، عجب ۽ غضب. ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ مئٽرڪ پاس ٿيڻ ۽ ٻين ننڍين وڏين خوشين کي ياد ڪري خوشي ٿيندي آهي. سيڪس جي حوالي سان ڪن اڻ وڻندڙ ڳالھين کي ياد ڪندي، ماڻهو اداس ٿي ويندو آهيئ اندر ۾ اذيت ۽ ندامت جي ڪاري چادر ويڙھجي ويندي اٿس. صبح جي ٻانگ سان جوان، ڪراڙا ڪاڪا، مايون دايون اٿي عبادت ۾ مشغول ٿي وينديون ھيون. مڙسالو پاڙي جي ننڍڙي مسجد ۾ وڃي نماز پڙھن. سدوريون مايون گهر جي ڪنڊ ۾ تڏيءَ جي ٺھيل مصلي تي سجدي ۾ وڃن. نماز ۾ انهن کي ائين لڳندو ھو ڄڻ اھي ﷲ کي ڏسي رھيا آهن يا ﷲ کين ڏسي رھيو آھي.
سج نڪتو سلڇڻيون ۽ سنوپريون زائفون گهر واري ڪنڊ ۾ سرن جي ٺھيل چلھ ۾ ڪاٺيون ڇيڻا وجهي باھ ٻارينديون. دونهون اڀ ڏانهن اڏامندو ويندو. ڪڪر ٺھڻ شروع ٿيندا. ڪجھ وقت کان پوءِ مينهن وسندو.
"مينهن وسن، روڊ پسن، ڀلي گھمن راڻا!"
گهر ڀاتين جي من جھڙي اجري ڪشادي اڱڻ ۾، ڏاڏي امان چاڏيءَ ۾ ڏڌ ولوڙيندي جھونگاريندي: "اديون ڙي ڀينر ! منهنجا مارو ايندا، منهنجي اکين جا اولا لھندا!"
پاڙي جا ٻارڙا لوٽا کڻي ايندا، بسم ﷲ ڪري ڏڌ چڪو ۽ مکڻ ذري لوٽن ۾ وجهي ڏيندن. مڙسالو مانيءَ ڳڀو کائي، دعا گھري، پنهنجي ڪرت تي ويندا. ڪو پرائي بزگيريءَ تي ڪو پنهنجي ھٽ تي.
ٻارڙا امڙ جي ھٿ سان ٺاھيل ڪپڙي جي ٿيلھي ۾ ڪتاب، سليٽ، قلم، ڪلڪ، مس جي ڪپڙي وجھي. ڳچيءَ ۾ پائي، ھٿ ۾ ميٽ سان ميساريل پٽي کڻي، ھڪ ٻئي سان گھٽين ۾ کجڪا ڪندا، ننڍڙن پٿرن کي پير سان ٿڏا ھڻندا، خوب خوشيءَ مان اسڪول ويندا.
"گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون."
شام جو ڇوڪريون ٻاڪريون ڪي ڀرت ائين ڀرن ڄڻ شاعر نظم ٿو لکي يا ڪو موسيقار ساز سھيڙي ڌن ٿو ٺاھي. ڪي ھڪ ٻئي جي مٿي مان جوئان ۽ ليکان ڪڍن. وڏيون سڄيون کٽ تي رحل ۾ قرآن پاڪ رکي، ادب احترام سان دور ڪن. اڻ پڙھيل پوڙھيون مايون سٽ سٽ تي اشھد آڱر رکي رڳو بسم ﷲ پڙھن.
سج لھي چلھ تي ٻاٽي چڙهي چانور رڌجن تئي تي ٻٽالون ترجن مڙسالو خير سان موٽن.
گھٽيءَ ۾ ڪنهن گهر مان ريڊيو تي بي .بي. سي جو ساز ٻڌڻ ۾ اچين. ان جو سگنيچر ٽيون پريان پڌرو. انهن جي ھٿن ۾ چاپن جو دونو ۽ انب ھجن.
گهر پڄن، اواز ٻڌن: "ھي بي بي سي لنڊن آهي. ھن وقت ھندوستان ۾ ساڍا نو، پاڪستان ۾ ساڍا اٺ ۽ اسان جي لنڊن جي گھڙيال ۾ ساڍا چار ٿي رھيا آھن. سڀ کان پھريون اوھان ٻڌندا خبرون. ان کان پوءِ خبرن تي تبصرو سيربين ۽ آخر ۾ ٻارن جو پروگرام ڦلواڙي."
"ھي بي بي سي لنڊن آهي ھاڻي اوھان رضا علي عابديء کان خبرون ڀڌندا. ھاڻي خبر ملي آهي تہ اڄ صبح جو ساجھري پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاھي ڏئي، لاش طياري ۾ سندس اباڻي ڳوٺ ڳڙھي خدا بخش روانو ڪيو ويو. اچو تہ تفصيل ٻڌون! جي مارڪ ٽلي!
سومھڻي کان پوءِ سڀ ماني ٽڪي کائي گهر جي ڪوٺن تي اچن. کٽن تي وڇايل اڇين چادرن جي مٿن وٽان ڇون تي پکي ٺھيل وھاڻن تي ٽيڪ ڏئي اڀ ۾ ٽمڪندڙ ستارن جي لشڪر ۾ اڪيلي چنڊ کي ڏسن. ريڊيا وڄڻ لڳن ريڊيو پاڪستان تي "پٽ جمھورا جي استاد غفورا جھڙا پروگرام ٻڌي ٽھڪ ڏين.
پريان گاني: "چلتي چلتي ! يون ھي ڪوئي مل گيا ٿا "۾ موسيقار خيام جي سھيڙيل موسيقيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنل ريل جھڙي ڪوڪ ٻڌن. دل ۾ خنجر جيان کپي وڃين.
آل انڊيا ريڊيو تان گانن جو فرمائشي پروگرام "تعميل ارشاد" ھلي.
"شڪارپور مان خط لکيو آهي مگسي ارشاد راھي، لاڙڪاڻي مان ممتاز عباسي ۽ سيما ممتاز عباسي. ڦلجي اسٽيشن کان ڊاڪٽر قربان علي جھتيال ۽ ڪلڪتي کان ريشمان ۽ گيتا.
اچو تہ ٻڌون لتا منگيشڪر ۽ ڪشور ڪمار جي آواز ۾ فلم "آپ ڪي قسم“ جو گيت. ٻول لکيا آهن آنند بخشي ۽ موسيقار آهي آر. ڊي .برمن. "ڪروٽين بدلتي رھي، ساري رات ھم آپ ڪي قسم ! آپ ڪي قسم !"
گيت ٻڌندي نينگريءَ جي اڇي سنھي پوٽيءَ جھڙي ھوا جي جھوٽن ۾ ننڊ اچي وڃي. خوابن ۾ پرستان جو سير ڪندي، پرين ۽ اڏامندڙ پوپٽن ۽ ڀنڀورين کي ڏسن !

کوليءَ تي چنڊ چمڪيو! [جيل ڊائري]سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾! ڪاراٽين وارڊ ۽ اسپيشل وارڊ سينٽرل جيل حيدرآباد جي ...
06/09/2026

کوليءَ تي چنڊ چمڪيو! [جيل ڊائري]
سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾!

ڪاراٽين وارڊ ۽ اسپيشل وارڊ سينٽرل جيل حيدرآباد جي وچان وڏي ديوار هئي، ديوار تي سامهون سنڌي ٽوپي پاتل، کلمک چھرو ، ٻانهن ۽ هٿن جي سهاري ڀت تي ٽيڪ سان بيٺو ڳالهائي، ۽ جيڪو سامهون اچي ان سان عليڪ سليڪ ڪري، منهنجي به ڪن تي آواز آيو، ڪنهن چيو: ”اچو، تاج جويو آيو آ، ساڻس ملئون“. آءٌ به اڳيان وڌيس، هڪٻئي کي خلوص ۽ پنهنجائپ سان سلام ڪيوسين، مختصر حال احوال ۽ خبرون ٿيون، پوء ته اهو روز جو معمول رهيو. جيل ۾ ٻين ڀڃڪڙين سان گڏ ديوار تي چڙهڻ ۽ ٽپي ٻئي وارڊ ۾ وڃڻ به ’بدمعاشي‘ ليکبي آھي. تاج جويي سان هونئن ته ايڪڙ ٻيڪڙ ملاقاتون اڳ ۾ هيون، پر ساڻس گهرائي ۽ وڌيڪ ڏيٺ ويٺ جيل اندر ٿي، ماڻھوءَ جي وزن جي خبر جو هڪ اهم ذريعو جيل به آھي، جتي هڪٻئي کي پرجهڻ ۽ پروڙڻ جو ويجهڙائيءَ کان ڀرپور موقعو ملي ٿو. جيل ڪاميابيءَ سان گهارڻ جو راز، ٻين ڳالهين سان گڏ سهپ، برداشت، رواداري ۽ پاڻ کي مطالعي ۾ مصروف رکڻ ۾ پڻ آھي ۽ تاج جويي پوري ذميداريءَ سان جيل جي حالتن کي منهن ڏنو ۔ اهو مارشل لا جو ڇتو سختيء جو دور هو ، ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جا آدرش ھئا ، تنظيمن ۽ پارٽين جا نظريا ئي مقدس ۽ اهميت رکندڙ ھئا. سڀني پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن مختلف جيلن جي صعوبتن هيٺ ھئا ۽ اهي آزمائشون سياست جي دعويدارن جون ڪسوٽيون هيون.
جيئن ته ڪاراٽين وارڊ ۽ اسپيشل وارڊ ٻئي لڳو لڳ هئا، هڪٻئي جي ذري پرزي جي خبر وٺڻ ۽ ٿوري گهڻي ڪم ڪار لاء ڪونه ڪو همراهه بهانو بنائي، ديوار تي چڙهي يا ٽپي ٻئي وارڊ ۾ ٿي ويو، ڪنهن کي ٿي ڀلا صبر آيو؟ نه هن پاسي نه وري هن پاسي، الڳ الڳ تنظيمن ۽ پارٽين جي باوجود سڀ هڪٻئي جا دوست، واقفڪار ۽ ساڳين ڪيسن جا قيدي، سو ڪنهن جي هڪٻئي کان سواء ڪانه ٿي سري،
تاج جويي وارن جي ڪاراٽين وارڊ ۾ خالص جيئي سنڌ وارا ئي شاگرد ۽ اڳواڻ قيدي ھئا، جڏهن ته اسان جي اسپيشل وارڊ ۾ سڀني تنظيمن: جيئي سنڌ آرگنائيزنگ (کڙتالي گروپ)، جيئي سنڌ، SNSF ، SST ۽ سپاف جا قيدي هئا، کولي ننڍي هئي، پر تقريباً 22 تائين ٽوٽل ٿيندو هو، ٻنهي وارڊن ۾ ننڍو وڏو ڏهاڙو ۽ راڳ رنگ، دعوتون گڏيل ٿينديون هيون ، بلڪه اسان جي وارڊ جي ماني ڀاڄيءَ، رڌ پچاءَ جو ڪم به ڪاراٽين وارڊ ۾ ٿيندو هو۔ اهو سلسلو ڪافي مهينا رهيو ، جيل انتظاميه به تنگ ٿيندي هئي ۽ جيستائين سڀئي هڪڙي وارڊ ۾ منتقل ٿيا، تيستائين اها ڀڃڪڙي جاري رهي.
تاج جويي جي هيءَ جيل ڊائري لڳ ڀڳ 36، 37 سال اڳ جي دؤر جي ڊائري آھي، هن جيل ڊائريءَ ۾ بنا ڪنهن رک رکاءَ جي حقيقت بياني ٿيل آھي، تاج جويي جو واسطو جيئن ته جيئي سنڌ سان رهيو، اُن ڪري سندس نقطئه نظر به سندس پارٽيءَ جي نمائندگي ڪندڙ آھي، ان دؤر ۾ تقريباً سڀني سياسي ڌارائن، مثلاً: قومپرست، ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيلن ۾ ھئا. جيل ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪليف رسائيندڙ ڳالهه قيدي ساٿين جي ڇڙواڳي ۽ ضابطي جي ڀڃڪڙي جيل اندر ٻيو جيل هوندي هئي؛ جنهن جو ذڪر بنا ڪنهن هٻڪ جي هن جيل ڊائريءَ ۾ ٿيل آھي. تاج جويي تمام حوصلي، همت ۽ وڏ جگرائيءَ سان پنهنجي ساٿين کي سنڀالڻ ۽ تنظيم جي نمائندگي ڪرڻ جو ڀرپور، مثبت ۽ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو.
هڻڻ ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ،
وجهن تان نه فرق، رُڪ وھنديءَ راند ۾،
جيتوڻيڪ تاج جويو هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت ۽ نالي وارو اديب هو، پر ان هوندي بہ هن پاڻ کي عام ڪارڪنن جي صف ۾ برابريءَ سان رکيو ۽ ڪڏهن بہ برتريءَ جو احساس نہ ڏياريو. سندس ٻاجهاري طبيعت ۽ پورهيت پيار جو اندازو، سياسي قيدين کي عام قيدين جو برداشتيءَ طور ڪم ڪار لاء حوالي ڪرڻ مان لڳائي سگهجي ٿو. هن اڻ پڙھيل غلام رسول ’مستاني‘ کي سنڌي پڙھائي، سندس تربيت ڪئي، هو بهترين شاعر ۽ فنڪار ٿي ويو، سندس گيت اڄ به دماغ ۾ گونجن پيا:
اسان سدائين سنڌي سورهيه، اجرڪ ٽوپي پٽڪن سان.
تاج جويي جي جيل جي ڊائري، نه رڳو ان دؤر جي سياسي، سماجي حالتن، پر جيل جي حالتن، عام قيدين جي صورتحال کان به ڀليءَ ڀت واقف ڪري ٿي، ڊائريءَ ۾ اڇي چڪر، ڪاري چڪر. بند وارڊ ۽ ڦاسي گهاٽ جي قيدين جي به گهربل ڄاڻ ڏنل آھي، هن ڊائريءَ ۾ ڪيترا اهڙا به نالا ۽ ڪردار آھن، جيڪي اڄ جسماني طرح موجود نه رهيا آھن ۽ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آھن، پر پنهنجي دؤر جا ارڏا ۽ ڄاتل سڃاتل ڪردار آھن. مثلاً: عبدالواحد آريسر، حيدرشاهه، ڏاڏو متارو ڏاهري، الطاف تنيو، محمد حسن باغي، قمر ڀٽي، الهه بچايو مرڻاس، اقبال نظاماڻي ۽ ٻيا نه وساري سگهجندڙ.
هتي اُن دؤر جي بيباڪ اڳواڻن: شهيد فاضل راهوءَ ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي رهنما ڪردار جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي!
ھيءَ جيل جي ڊائري هڪ آئيني مثل آھي، جنهن ۾ جيل گهاريندڙن جي قد ڪاٺ جو پورو عڪس ڏسي سگهجي ٿو. تاج جويي کي گرفتاريءَ کان پوءِ بيرحميءَ سان اگهاڙو ڪري، مٿس جسماني ۽ ذهني ٽارچر ڪيو ويو، جيڪو پڙھڻ سان سيسڙاٽيون ڪڍي ٿو ڇڏي، ۽ هڪ درد ڀريو داستان آھي. پر تاج جويي هر تشدد همٿ سان برداشت ڪيو. سندس سائين جي. ايم. سيد سان انس ۽ لڳاءَ جو اندازو خواب ۾ ڪيل سندس ڪچھريءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ، جو کيس سپاهيءَ تي چڙ ۽ ڪاوڙ ننڊ مان جاڳائڻ تي ٿي. تاج جويي جي هن جيل ڊائريءَ ۾ ان دؤر جي مخلص ۽ قرباني ڏيندڙ ڪارڪنن جي جدوجهدن جي تاريخ چٽيل آھي. هن جو سنڌ-پڻو ۽ وسيع نظر اها آھي، جو هن سڀني جو، چاهي اهي ڪهڙي به تنظيم سان لاڳاپيل رهيا، سندن قربانيءَ جو بي ريا ذڪر ڪيو آھي، کيس جيڪا ڳالهه نٿي وڻي يا سندس نظر ۾ نقصانڪار هئي ته ان جي جرئتمندانه ڳالهه ۽ جائز اصلاحي تنقيد ڪئي اٿس.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته تاج جويو جيئي سنڌ ۽ ادبي دنيا جو ڄاتل سڃاتل ۽ سگهارو نالو آھي. سندس هن ڊائريءَ ۾ مٿس ۽ ان دؤر جي قربانين سان سرشار ڪيڊر تي جيڪي تڪليفون آيون ۽ جن به ظالمن اهي تڪليفون ڏنيون، تن جي ظلمن کي وقت ثابت ڪيو ۽ مهاڏو اٽڪائيندڙ تاريخ جي ورقن ۾ سرخرو رهيا.
الا کر جيئن، مدي جنين جي من ۾،
اسان ۽ پرين جون، اميدون پسن،
تهان پوءِ مرن، سڙي انهيءَ سور ۾!
(شاھه)
سليمان ڏاهري

05/09/2026

پي ٽي آءِ - ايم ڪيو ايم "هئا اڳهئين گڏ"
اختر حفيظ

سنڌ ۾ نون صوبن جي معاملي کي رڳو پيپلز پارٽيءَ جو مسئلو سمجهڻ صحيح سوچ ان ڪري ڪونهي جو سنڌ آهي تہ پيپلز پارٽي آهي. ائين سنڌ آهي تہ هتي رهندڙ ڪروڙين عوام آهي. جيئن جيئن نون صوبن بابت بحث گرم ٿيڻ شروع ٿيو آهي تيئن تيئن سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي. سنڌ جي قومپرست پارٽين کان وٺي ساڃاهه وندن ۽ اديبن تائين سنڌ جي ورهاڱي خلاف سڀئي ڌريون هڪ نظر اچي رهيون آهن. اهي عملي طور به پاڻ ۾ جڙيل آهن. ان ڪري ملڪي اسٽيبلشمينٽ، ايم ڪيو ايم يا پنجاب جي اشرافيا اهو سمجهي ٿي ته هي رڳو ڪنهن پارٽيءَ جو مسئلو آهي ته اهي پوري ريت پنهنجي خيال ۾ غلط آهن.
ڪي معاملا اهڙا آهن، جن تي اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجاب جو اندازو سدائين غلط ثابت ٿيو آهي. سنڌ ۾ سياسي سجاڳي نه رڳو ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي پر هتي سياسي جدوجهدون به ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اثرائتيون ۽ ڪارائتيون رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام جي ذهني آبياري فڪري ۽ سياسي ادب وسيلي ڪئي وئي آهي. اها آبياري نه رڳو هتان جي عالمن ڪئي آهي پر انهن سياستدانن پڻ ڪئي آهي جيڪي پنهنجي سياسي مزاج ۾ سيڪيولر ۽ لبرل رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جڏهن به سنڌ خلاف ڪا سازش رٿي وڃي ٿي ته هتان جو عوام گڏجي ويندو آهي. سنڌي قوم نه رڳو سڀئي ويڇا وساري سنڌ جي معاملي تي هڪ ٿي ويندي آهي پر اها پنهنجي سياسي طاقت جو اظهار ڪندي اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجاب کي منهن ٽوڙ جواب به ڏيندي آهي.
سنڌ ۾ نون صوبن جي قيام جي حوالي سان سنڌ اسيمبليءَ ۾ جيڪو بحث ڪرايو ويو هو، اهو نيٺ سنڌ جي ورهاڱي خلاف آيل ٺهراءُ تي ختم ٿيو. جڏهن ٺهراءُ آندو ويو ته ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي ان ۾ حصو نه ورتو. بلڪه ايم ڪيو ايم ته اسيمبلي هال کان ٻاهر اچي سنڌو ديش نامنظور جا نعرا هنيا. ان مان اهو تاثر مليو ڄڻ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن سنڌو ديش جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو هجي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ سنڌ جي ورهاڱي جي حق نه آهن ته انهن کي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ لاءِ ووٽ ڪرڻ گهرجي ها. جنهن مان اهو ثابت ٿي وڃي ها ته سنڌ مان چونڊيل انهن پارٽين جا نمائندا حقيقي طور سنڌ جي وحدت کي ڪو نقصان نٿا پهچائڻ چاهين. پر هاڻوڪي بحث هڪ ڀيرو وري انهن پارٽين کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.
ايم ڪيو ايم جي وجود سياسي طور جيترو نقصان سنڌ کي ڏنو آهي، ايترو اسٽيبلشمينٽ به ڪونه ڏنو هوندو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو وجود سنڌ کان سواءِ ڪنهن به صوبي ۾ ڪونهي. پر تنهن هوندي به ان جون سڀئي سياسي سازشون سنڌ خلاف هونديون آهن. ايم ڪيو ايم ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي آهي ته اها سنڌ جو ورهاڱو نٿي چاهي پر انتظامي يونٽ چاهي ٿي. انتظامي يونٽ جي معنا ڪهڙي آهي؟ صوبا هوندا ئي انتظامي يونٽ آهن. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته نون صوبن کي انتظامي يونٽ نالو ڏيندي ۽ سنڌ جو عوام ڪونه سمجهي سگهندو ته اها ان جي غلط فهمي آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ساڳي ريت اسيمبلي هوندي، وڏو وزير هوندو ۽ ٻيا کاتا پڻ هوندا. ان ڪري ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ صوبن واري ڳالهه ڪري رهي آهي پر ان کي نالو انتظامي يونٽن جو ڏئي رهي آهي.
هن صورتحال ۾ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سنڌ جي عوام خلاف بيهڻ بدران ان سان گڏ بيهي ها ته سنڌ جو عوام ضرور ايم ڪيو ايم جي ان عمل کي ساراهي ۽ ان کي لڳي ها ته ان معاملي تي سنڌي قوم جي سگهه وڌيڪ آهي. پي ٽي آءِ پڻ ايم ڪيو ايم جي پيرن تي هلندي ساڳي ڪار ڪئي آهي. هاڻوڪن ڏينهن ۾ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير سهيل آفريدي سنڌ جي دوري تي آيل آهي. ان کان سنڌ جي عوام کي پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ته سندس پارٽي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ جي حمايت ڇو نه ڪئي؟ جيڪڏهن اها حمايت نٿي ڪري ان جو مطلب آهي ته اها سنڌ ۾ نون صوبن حامي آهي. اها هاڻوڪين اسيمبلين کي جعلي سمجهي ٿي ۽ اهو نياپو ڏئي رهي آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ هجي ۽ اها سنڌ توڙي ملڪ ۾ نون صوبن جي حمايت ڪري ته اهو عمل صحيح هوندو. اهو عمل آئيني پڻ هوندو.
سنڌ جو ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ڪري يا نه ڪري پر گهٽ ۾ گهٽ ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي هاڻوڪي سنڌ دشمن فيصلي کان پوءِ انهن پارٽين کان سخت پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. جيڪي سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ کان نٿيون ڪيٻائين.

"ادب جي افق تان"اشفاق آذر جي پهرين شعري مجموعي "عشق ڄڻ ڪو سگهڙ آهي" تي هڪ نظر..سجاد مهر"تُون روحَ ۾ گُهمي وَٺُ"اڌوڙٽ عمر...
05/09/2026

"ادب جي افق تان"
اشفاق آذر جي پهرين شعري مجموعي "عشق ڄڻ ڪو سگهڙ آهي" تي هڪ نظر..
سجاد مهر

"تُون روحَ ۾ گُهمي وَٺُ"

اڌوڙٽ عمر جي عورت جهڙا سهڻا سيبتا شعر جيڪڏھن ڪو لکي ڄاڻي تہ پوءِ اهو نہ پڇو تہ شڪارپور جو اهو ڪهڙو شاعر آهي. اڌ وهيءَ کان بہ اڳتي وهي هَليل اهو همراھ جنهن پنهنجي پيار جي سموري حياتي ڪاغذن جي دلفريب دنيا ۾ گذاري ڇڏي. پراڻن ديوتائن جي شهر جو اهو اڪيلو شهزادو جيڪو چاهيندي بہ پنهنجي پيار جي منصب تان ڪڏهن نه ٿڙيو، جنهن کي سنگتراشيءَ جي شوق اهڙو تہ اُڀاريو جو هو عشق ۾ آذر بہ بڻيو، بدن جي قهاري ڪيف هن کي جڏهن ڇُڳن جيان ڇيڙيو، تہ هي چيڪيءَ مٽيءَ جي مجسمي جهڙو ماڻهو محبت جي موضوع تي لکيل ناولَ جهڙو ٿي پيو.
هن پکين جي ٻولي سکي، ڪنڀاري ڪرت کان ويندي خيالن جي مصوري واري مهارت ماڻي، عمر جي وڻن مان پَلن جا پتا ڇاڻيا، عجيب الجهن ۾ ڍري رفتار سان ڍرڪندڙ اهو ڍوليو جنهن کي ادب جي کيتر ۾ ماڻهو اشفاق آذر جي نالي سان سڃاڻين سو اسان جي اکين سان ائين اچي رليو، جيئن ڪا سِرائي پوري ويساھَ سان اکين جي سرحد ۾ آسانيءَ سان گهمندي آهي.
هُو خيالن جا ڪيئي خواب ڇَٽي ويو آهي، دل جي زرخيز زمين تي املتاس جا ڪيئي وڻ پوکي پڙهندڙن لاءِ حيرت جا ڪيئي جزيرہ دريافت ڪري ويو آهي. هن جو جڏهن پهرين پگهر جو پورهيو "عشق ڄڻ ڪو سگهڙ آهي"ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپجي اسان جي اڱڻ تي آيو تہ سچ پڇو پڙهندڙن هن ڪتاب کي نہ رڳو روح جي رحل تي رکيو، پر هن ۾ آلن نيڻن جا پويل هڙئي ڳوڙها وقت جي وهاڻي ۾ ڀاڪر وجهي پنهنجي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪيا..
هن جو هي شاعراڻو معجزو سکيءَ جي سارَ کان، ڪيف جو ڪلمو ڀرڻَ تائين، ندين جي نيري سونهن کان، آبشارن جي حسين اُڇلَ تائين، وجداني ڪيفيت کان نيڻن جي کاڌل غزالي ٽاھَ تائين، الائي تہ ڪهڙا ڪهڙا رنگ رچائي ويو..
محبت جو هي ميهارُ جڏهن سهڻيءَ جي سونهن کي اوتي صدين جي سڏَ کي ورنايو تہ حالتن جي هانوَ ۾ ڪجھ هيئن وڃي هٿُ وڌائين.
"محبت جي ميهارن جو ڪٿي ڪتبو لڳو آهي،
ٻُڏي ٿي روزُ ڪا سهڻي، گهڙو اڄ ڀي ڪچو آهي."
پنهنجي ڪراڙي شهر جي گهنج پيل نرڙ تي جڏهن ٿڌن چپن سان اداس چُمي رکيائين تہ منظر ڪجھ هيئن ٺهيو.
"نمن جا وڻ پکي رستا، جتان سنڌ واھ وهندو آ،
اسان جو ڳوٺُ هي تنهنجي جوانيءَ جو حصو آهي"
عشق جي اجري مٽيءَ سان پنهنجي محبوب شهر شڪارپور جي هر گهٽيءَ جي الڳ عڪس بندي ڪري پڙهندڙ کي ان جي اهميت ۽ پنهنجي احساس جو آئينو هيئن ڏيکاريو اٿائين..
"هن شهر ۾ اسان جا
پاڇا بہ اوپرا ها،
ماڻهو نہ ها سڃاتل
رستا بہ اوپرا ها،
مون سان ملي رڳو هو،
روئي ڏنو لکيدر،
هر شخص اجنبي ۽
چهرا بہ اوپرا ها"
چانڊوڪيءَ جي چائنٺ تان جوانيءَ جي تکي گهوڙيءَ کي اَڙي هڻي آسمان ڏانهن اڏارڻ جهڙو هي خيال تہ ڇهي ڏسو،
"منهنجي پرن مان لاهي،
پرواز تو رکي آ،
حيرت ۾ هن هوائون
گم سم پکي پکي آ."
اشفاق آزر جي لفظن جي ڪيميائي هر سٽ مان پنهنجو پاڻَ بَکي رهي آهي. هن رڳو شعر لکيا آهن ،خيال پاڻ مشهور ٿي ويا آهن،هن لفظن جي مٽي ڳوهي آ رانديڪا پاڻ جڙي ويا آهن. هن بس عشق سان ليڪا پاتا آهن نقشا پاڻ ٺهي پيا آهن. حسن مجتبٰی ھن جي باري ۾ ڪيڏو نہ گهرو جملو لکيو آهي تہ،
"اشفاق بت شڪنن جي ملڪ ۾ هڪ بت تراش شاعر آهي" واقعي بہ هو شعرن جي روپ ۾ خيالن جا بت ٺاهيندڙ شخص آهي. ساڳين صفحن تي پياري جامي چانڊيي جو اهو اعترافي طويل مهاڳ جيڪو ڄڻ تہ آذر جي ڪتاب جو پورو تَتُ آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي تہ اشفاق آذر جي شاعري جو پنڌ ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل آهي. اشفاق سنڌي شاعريءَ جي حسين تسلسل جو تخليقي نانءُ آهي.
اشفاق آذر جا خيال ريشمي ڪپڙي جيان ويڙهجي ويل مَڌر موسيقيءَ جا اهڙا تہ آلاپ آهن جيڪي ڪڏهن جهنگلي ڪبوترن جي جهنڊ کان وڇڙيل ٿا لڳن، تہ ڪڏهن وري بالڪونيءَ جي هنجَ ۾ مرڪندڙ چنڊ جي چٽي احساسَ جهڙا هجن ٿا.
خيالن جي هيءَ عطا تہ پرکيو،
"اندازَ عاشقيءَ جا،
هن ڀي سکي ڇڏيا هن،
مون ڀي اندر ۾ آڻي
ٽانڊا رکي ڇڏيا هن،
ڪوئي اکيون مٽائي
مون کي نيون وٺي ڏي،
مون خواب هاڻي تن جا
سارا ڏسي ڇڏيا هن"
ٻڏي ويل کنڊ جي جهاز جهڙو هي نقصان ۽ چپن جي آڳر تان وڃائجي ويل هي گنجريل ڌاڳن جهڙو ڳوڙهو فلسفو...
"اوهان جي عشق جو جهوٽو،
نہ هي پاڙئون اُکيڙي ها،
نہ ڪنهن طوفان ۾ دم هو،
اسان کي انچُ ٿيڙي ها،
رڳون ڌاڳا ڪري ڏيون ها،
مليو درزي نہ ڪو اهڙو،
سبي ها ساھَ سان ويهي
چپن سان پوءِ اڊيڙي ها"
اشفاق جو شاعراڻو پنڌ الاهي آڳاهون آهي پاڻ جيڪڏهن هن جي شاعريءَ جا ڇڏيل پيرا کڻون تہ سچ پڇو اهو پنڌ نہ کٽندو ۽ خيالن جي شام لڙي ايندي. هن الائي تہ ڪيئن تخت جي هيٺيان اچي دٻيل بخت جون ڪيئي بي بها لڪيرون لتاڙيون آهن. هن پنهنجي اُڊڙيل دل جا جهٻا ۽ جهيرَ بہ سڃاتا آهن تہ پکين جي اکين مان ناسي نيرَ بہ ڇڻندي ڏٺا آهن.سندس سهڻي اظهار جو هي منظر تہ اکين ۾ وجهي ڏسو..
"ڪنارن کي خبر ڪهڙي
جهٻا ۽ جهيرَ ڪهڙا ها،
پکين کي ئي پتو هوندو
نديءَ جا نيرَ ڪهڙا ها.
وئي دل اُڊڙندي آخر
گهڻا آيا رفوگر ٿي،
اهي اڻ ڄاڻ ڇا ڄاڻن،
چريءَ کي چيرَ ڪهڙا ها"
سونهن جي سموري چترڪاري رنگن جي نديءَ مان تخليق جو برش ٻوڙي بدن جي بند بوتلَ کي پراڻي شراب جي پوئين ڍُڪَ جيان ڏوڪي سٽن ۾ هيئن سبي ويو آهي.
"بدن ڀرپور آ جنهن جو،
۽ رنگت آسماني آ،
ستارن رات ڀر ويهي،
سبي هن جي جواني آ"
تنگ حالتن جي مليل اذيت کان ويندي مومل جي مجاز جي حقيقت اوهان جي مطالعي واري ميز تي هيئن رکي اٿائين.
"پنهنجي دنيا کي پاڻ ڄاڻي ڏي،
يا تہ مون کي خدا ٻيو آڻي ڏي.
تون حقيقت مجاز آن مومل،
ڪو تہ نياپو مُنجين ها راڻي ڏي"

"عشق ڄڻ ڪو سگهڙ آهي"جي سٽ سٽ ڪوٽ ڪرڻ جهڙي آهي پورو ڪتاب عشق جي ڪينواس تي نچي رهيو آهي، هن ڪتاب جا پنا اٿلائڻ کان پوءِ حسن درس جون هي سٽون ذهن تي اڀري اچن ٿيون تہ
"هن دل قلندريءَ ۾
دم دم ڌمال آهي..."
هن ۾ تہ فطرت جا ڪيئي رنگ ٽوپِيا پيا آهن، مٽيءَ کي پوڄڻ وارو فلسفو،
نرڙ جا گهرا نشان، ننڊ جون رٺل رونقون، شام جي خالي لام، اوسيئڙي جا کليل تاڪَ، ڪافر دل جي ڪٿا، ولھ ۾ ويٺل هڙئي اُڌما هن شعر جيان دل جو دڳ جهليو بيٺا آهن
"تون روح ۾ گهمي وٺُ،
ڇا ٿو نراڙ جانچين،
مٽيءَ کي آهي پوڄيو،
آهيان نہ مان نمازي"

Address

Post Office Darbello
Darbello

Telephone

+923004219294

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Channa Library Darbello posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Channa Library Darbello:

Shortcuts

Share

Category