06/09/2026
ان لائن گيمز کان تاش راند تائين جوا
مسعود ڏيپلائي
.
ائين ھاڻ ھو اڳيان آھي ۽ قرضو پويان اڄ صفا اڪيلو آھي ساڻس گڏ سنگتي ساٿي منظر تان گم آھن
ڪو وقت ھو سندس بل بل ھئي .سندس اٿي ويٺي اميراڻي ھئي ڇا کاڌو پيتو ڇا سواري ۾ ھر قسم جون مھانگيون گاڏيون ,ڇا دعوتون ۽ ھر وقت وڏن ماڻھن ۽ آفيسرن جون دعوتون ۽اوڍاڻيون .ڪڏھن ٻڌ ته ڪراچي ويٺو آھي ڪڏھن ننگرپارڪر جيڪڏھن رات ڏيپلي ۾ تہ ناشتو عمرڪوٽ ۾ .منرل واٽر کان سواء ڪو سنگتي پاڻي نه پيئندو ھو .تڏھن دوست ۽ سنگتي بہ صفا ڀيڙا ڪلھي ۾ ڪلھو ملائي پيا ھلن ساڻس پيا تاڙيون ملائين .ان کان سواء دعوتون ملتوي ڪريون ڇڏين .ھر ڦوٽو ۽ سڀني سوشل سائيٽس
تي گڏ ڦوٽو رکي واھ واھ پيا ڪن . خوشامد جي اصل برسات پيا وسائين .سڀ جاني جاني پيا ڪن ھاڻ ڪير فون کڻڻ لاء تيار ناھي .
ڇو ته ھاڻ وٽس پئسو ناھي ھاڻ سندس دوست سڏائڻ ۾ به نقصان آھي ڇو ته مٿس فراڊ جا ڪيس پيا ھلن مقامي ميمبرن وٽ فيصلا پيا ھلن
ھو ڪير آھي ؟ ان کان اڳ ھڪ ٻي سچي ڪھاڻي ٻڌو .ھن جو پيء ننڍڙو ملازم ھو پر ھو سندس اڪيلو پٽ ھو سڀ فرمائشون پوريون ٿيئنس .چڱو خاصو ڪاروبار به آھي .پوء اوچتو الائي ڇا ٿيو جو ھو ڪاروبار ڇڏي گم ٿي ويو سندس پيء کي ريٽائرڊ ٿيڻو پيو .اھا پينشن به الائي ڪيڏانھن ويا .وري مائيڪرو فنانس بينڪ مان کنئي اھا به ويئي .
ھي به ڪي ڪوڙيون ڪھاڻيون ناھن ھي ھن وقت سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن جون زمان حال جا اھي واقعا آھن جيڪي ٿوري گھڻي فرق سان اسان جي ڀرپاسي ۾ ٻڌا ويا آھن .
اھي سڀ جوا جا ڪم آھن جنھن بابت اردو جو پھاڪو آھي جوا کسي کا نه ھوا
جوا اڳي تاش جي راند تي ٿيندي ھئي .پر ھاڻ اھا نانگڻ واري راند ،اسنوڪر تي ڪرڪيٽ جي ميچن تي ٿيندي آھي .ان کان خطرناڪ جوا جو مرڪز ھاڻ اسان جي کيسي ۾ موجود آھي .اھا جوا ھاڻ مختلف آن لائن گيمز تي ٿئي ٿي جنھن خاص ڪري اسان جي نوجوان نسل کي ڦرڻ لاء نوان نوان ٽولز ميدان تي آندا ويا آھن .
جيڪي شروعات ۾ راند کي جوائن ڪندڙ کي ٿورو ڪڏھن گھڻو نفعو ڏيندا آھن اھا ان رانديون جي لانچنگ سسٽم ۾ رکيل حرام پائي آھي جيئن نئون مرغو ڦاٿو آھي ڪجھ داڻو اڇلائجي ته صفا ٻه ٽنگو ڦاسي پوء ان جو کيسو ڪتري سگھجي
ٿوري گھڻي لالچ ۾، ڪجھ ڪمائڻ جي اسري
ڊجيٽل دور ۾ آن لائين گيمز ۽ بيٽنگ ايپس ،مختلف ايپس يا آن لائن ارننگ جي نالي سان اوھان جي اڪائونٽن تائين پھچ ڪن ٿا. ھي رانديون نوجوانن لاءِ راند نه، پر تباهي بڻجي ويون آهن۔ “ون اينڊ ارن”، “فري پلي” ۽ “فاسٽ مني” جا نالا سميت مختلف نالن سان گيمز جيڪي اصل ۾ جوا آھن اسان جي نوجوان جي دماغ ۾ لالچ لوڀ جلدي امير ٿيئڻ جي لاء شارٽ ڪٽ به جائز سمجھڻ جھڙن اوگڻن کي ڀري رھي آھي .راتين جو راتيون جاڳي ،انٽرنيٽ جا مھانگا پيڪيج ڪرائي ،پئسي سان پنھنجي صحت تعليم ء خانداني سڪون ،گھرن جي سڪون سان گڏ ،پنھنجو ڪردار ۽شخصيت کي تباھ ڪري رھيا آھن ھر وقت ھارائڻ جي ڊپ جي ڪري نفسياتي مريض بڻجي غصو ،ڪاوڙ ،طبيعت جي تيزي ۽ پريشان ۽ مايوس چھري سان زندھ آھن .ڪيترائي لکين روپيا ھارائي قرضو بنجي ويا آھن پوء ان قرض کي ادا ڪرڻ لاء وياج خورن وٽ گروي آھن .ڪيترا ته پنھنجي يا ٻين جي گھرن مان چوريون ڪرڻ يا ڪرائڻ سميت مختلف ڏوھن ۾ ملوث ٿي پيا آھن .راتين جي جاڳڻ جي ڪري يا نفسياتي بيمارين جي ڪري ڪيترائي منشيات جا عادي بنجي ويا آھن .
ھر چمڪندڙ شيءِ کي سون سمجھندڙ ڊجيٽل جوارين سان تازو گذريل عيد جي موقعي تي اين ايف ٽي نالي ايپ تاريخي فراڊ ڪيو جنھن ۾ پاڪستانين جا پنج ارب روپيا ٻڏي ويا.سي فراڊي کڻي گم ٿي ويا جن جو نڪو ڏس نڪو پتو ڪير ان کي آپريٽ ڪندو ھو .ان چڪر ۾ چڱا خاصا پڙھيل لکيل دوست به ڦرجي ويا پر دل جو سور دل ۾ رکي ٻڌائڻ کان رھجي ويل ڊجيٽل جوا جي شڪار بڻيل اھڙن ھزارن ڪيسن کان سواء ڪرڪيٽ جي سٽي واري جوا به ھر شھر ۾ ھڪ حلقي کي نشانو بنايو آھي .ڪو دور ھوندو ھو ٽنڊوالهيار،ٽندومحمدخان ،جھڏو ڊگھڙي کپرو ۽ ٻياشھر ۽ ڳوٺن جا اسٽاپ ۽ مورين تي بنيل ننڍا ننڍا اسٽاپ اڪڙا پرچي واري جوا يا پرائز بانڊ جي نالي جوا جا مرڪز ھئا جن کي مقامي پوليس جي سپورٽ حاصل ھوندي ھئي .پوء وقت سان گڏ ان جو اثر گھٽجي ويو پر ڪٿي ڪٿي آڪڙا پرچي جوا جا اڏا اڃان به آھن .
رياست جي اکين اڳيان ھڪ اھڙو ڏوھ وڌي ويجھي رھيو آھي جيڪو ڏوھ گھڻن جرمن ڏوھن جا رستا کولي ٿو ۽ ملڪ جي ڪرنسي کي نقصان سان گڏ ملڪي وسيلا به گھٽجن ٿا
اھڙين ڊجيٽل گيمز تي پي ٽي اي کي پابندي لڳائڻ گھرجي .جيئن ڪيترائي گھر تباھ ٿيئڻ کان بچي سگھن .پنھنجي گھر جي نوجوانن تي نظر رکو.
اھڙا ڪيترائي واقعا ٻڌڻ لاء روزانو ملن ٿا جيڪي جيء کي جنھجوڙين ٿا ،اسان جي پاسي جا سوين نوجوان آن لائن گيم جي ور چڙھيل آھن ، الھ تلھ کپائي ھلن پيا پر وري به راند نٿا ڇڏين ،ڪيترا خودڪشين جي ڪوشش ڪئي، ڪيترائي مالي طور تي برباد ٿي ويا،
آن لائن جوا کيڏاريندڙ ڪيترائي ايپليڪيشن آھن ، گھڻو ڪري انھن ايپس تي پابندي به لڳل آھي پر ماڻھو وي پي اين ذريعي غير قانوني طور تي ڄاڻايل ايپ استعمال ڪري راند کيڏن ٿا.اصل ۾ ھي سڀ گيمون ڪمپيوٽر جنريٽيڊ گيمون آھن. جن جي سيٽنگ اھا ٿيل ھوندي آھي ته اھي چوويھ ڪلاڪ ۾ ان ايپ تي ماڻھن جي لڳايل پئسي مان اڌ کي گيم جي مالڪ ڏانھن موڪلي باقي رقم کي اتي ئي گھمائي ڪنھن ھڪ کي ڏيندي آھي يا پنجن ڄڻن ۾ ورھائي ڇڏيندي آھي. باقي پئسا لڳائڻ وارن ٻئي ھٿ مٿي تي ھوندا آھن .ان ھڪ ڪاميابي کي نوانوي ناڪامين تي ڳڻيو ويندو آھي ان کان سواء جوا ڪندڙ پنھنجي ناڪامين ۽ نقصان کي لڪائڻ لاءِ پئسا ڪمائڻ جا ڪوڙ ھڻندا آھن جيڪي نون نوجوانن لاء شوق جو سبب بڻجندا آھن ۽ ھو بنا ڪنھن محنت جي امير ٿيئڻ جي ڪوشش ڪن ٿا نتيجي ۾ گھر جو الھ تلھ چٽ ڪري ويھن ٿا
اھڙيون ڪيئي ڪھاڻيون اسان جي چوطرف گھمن پيون .جن ۾ ڪيترائي ئي سٺا سٺا نوجوان ڦاسي پوندا آھن
صحافي عاجز جمالي پنھنجي مائٽ حيدر سنڌي جي ڪھاڻي لکي ته ھو ڪيئن انھن آن لائن جوا ۾ ڦاٿو ۽ خودڪشي ڪيائين .حيدر سنڌي ڄامشوري واھي پانڌي جو معروف نوجوان ھو اھڙيون ڪيئي ڪھاڻيون اسان جي چوڌاري روز ٻڌون ٿا .ٻه ٽي ھفتا اڳ ھڪ پڪوڙن جي گاڏي ھلائڻ واري جي پٽ گھر جا زيور ،وڪرو ڪيل پلاٽ جا پئسا ۽ گھر ۾ رکيل ٻڪرين جا پئسا ڪيئن ان ايپ واري راندين جي جوا ۾ وڃائي اھا ڳالھ ڪنھن ڪئي ھئي
زندگي انتھائي حسين آھي ، جيڪا اوھان کي صرف ھڪ دفعو ملي ٿي، ان زندگيء کي پنھنجين غير حقيقي خواھشن جي کڏ ۾ نه اڇلايو ، ساڳي وقت رياستي ادارن ، حڪومت ۽ وس وارن کان اھا اپيل ڪجي ٿي ته نوجوان نسل کي جوا جو آن لائن نشو ڏيئي عادي بڻائيندڙ قوتن خلاف زوردار قسم جي ڪاروائي ڪئي وڃي، ڇوته ھن ملڪ جي قانون موجب جوا حرام ۽ غير قانوني آھي ، سو ان کي ٻنجو ڏيڻ به رياستي ادارن جو ڪم آھي ، ايف آء اي، نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جھڙين ايجنسين کي اربين روپيا لٽيندڙ ھنن آن لائن گيمز جي خلاف مھم ھلائڻ گھرجي.