17/03/2025
سجاول ۔۔۔
چوھڙجمالي . سنڌو درياء مان نڪرندڙ ڪئنالن کي ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌ قبول نہ ڪندي،ملڪ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڪئنالن خلاف 6 اپريل تي دولھ درياخان پل تي ڌرڻو ھڻي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.
اھڙن خيالن جو اظهار جمعيت علماءِ اسلام ضلع سجاول جي سيڪريٽري جنرل حافظ فضل الله فياض چوھڙجمالي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ھن چيو تہ ملڪ هن وقت دهشتگرديءَ جي لپيٽ ۾ آهي. اسان جا حڪمران آمريڪا جا غلام آهن. جيستائين ملڪ کي خودمختياري نہ ڏني ويندي ۽ عوام جي راءِ جو احترام نه ڪيو ويندو، تيستائين ملڪ ترقي نه ڪندو. ملڪ جا فيصلا ملڪ اندر ٿيڻ گهرجن. ھن چيو تہ پاڪستان ۾ عالمي ادارن جون سازشون بند ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته جيڪڏهن بلوچستان ٽرين واقعي ۾ ٻاهريان هٿ ملوث آهن ته انهن کي بي نقاب ڪيو وڃي. سنڌ جا وسيلا، ٻيٽ داءُ تي لڳل آهن، هاڻي سنڌوءَ کي بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،اسان وٽ پوڇڙ ۾ ھن وقت ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان آھن.ٺٽي،سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي جا ماڻھو ھن وقت به پاڻي لاء تڙپي رھيا آھن،ماڻھن جون ڪروڙين رپين جون آباديون سڙي رھيون آھن،بک ۽ بدحالي ماڻھن جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو ان ڪري سنڌو درياء تي نوان ڪينال ڪنهن بہ صورت ۾ قبول ناهن. ھن چيو تہ ڪالاباغ ڊيم تي فتويٰ به اسان جي عالمن سڳورن ڏني ۽ ڪئنالن خلاف به فتويٰ جاري ڪئي پئي وڃي. رمضان المبارڪ کانپوءِ سنڌ بچايو ۽ سنڌو بچايو جي عنوان هيٺ روڊن رستن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. 6 اپريل تي سنڌو درياهه جي پلن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. ھن چيو تہ صوبا مضبوط هوندا ته وفاق مضبوط ٿيندو. سنڌ جي ماڻهن کي باغي بڻائي سنڌ جي درياءَ تي قبضو نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن سنڌوءَ جو مٺو پاڻي سمنڊ ۾ نه ويو ته سجاول، ٺٽو، بدين جو وجود ئي ختم ٿي ويندو.ھن چيو ته 6 اپريل تي دولھ دريا خان پل تي ڌرڻو ھنيو ويندو جنھن ۾ ٺٽي ۽ سجاول جا ھزارين ماڻھو شريڪ ٿيندا.ان موقعي تي ضلعي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولوي نجيب الله ميمڻ،ضلعي سالار مولوي اسدالله سنجراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا