اھڙوته منھنجوٿرآ

اھڙوته منھنجوٿرآ پڪچر/ويڊيوز /نيوز/انفارميشن حاصل ڪرڻ جي لاء ھن پيج کي لائڪ شيئر ڪريو اھڙو ته منھنجو ٿر آ

عمرڪوٽ ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جا ڇاپا، 6 کان وڌيڪ ڪلينڪون سيلعمرڪوٽ ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن طرفان غير قانوني ۽ بغير لائسنس هلندڙ ڪل...
12/02/2026

عمرڪوٽ ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جا ڇاپا، 6 کان وڌيڪ ڪلينڪون سيل

عمرڪوٽ ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن طرفان غير قانوني ۽ بغير لائسنس هلندڙ ڪلينڪن خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا ويا. ڪارروائي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انيل ڪمار ۽ منيب احمد جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي.

ٽيم جي اچڻ سان ئي ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪون بند ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته جاچ دوران 6 کان وڌيڪ ڪلينڪون سيل ڪيون ويون. اختيارين موجب اهي ڪلينڪون بغير رجسٽريشن ۽ قانوني اجازت نامي جي هلي رهيون هيون، جيڪي شهرين جي صحت لاءِ خطرو بڻيل هيون.

هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته اهڙين غير قانوني سرگرمين خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ عوام جي جان سان کيڏڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏني ويندي. شهرين کان پڻ اپيل ڪئي وئي آهي ته هو علاج لاءِ مستند ۽ رجسٽرڊ ڊاڪٽرن سان رابطو ڪن ته جيئن ڪنهن به نقصان کان بچي سگهجي.

#عمرڪوٽ



صوبائي وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اهم اجلاس منعقد ٿيوصوبائي وزير تعل...
12/02/2026

صوبائي وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو

صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه، چيئرمين اسٽيئرنگ ڪميٽي جي حيثيت سان اجلاس جي صدارت ڪئي، جڏهن ته وزيرِ جامعات ۽ بورڊز محمد اسماعيل راهو خصوصي شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن، سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، ايم ڊي ايس اي ايف، مختلف تعليمي بورڊن جا چيئرمين، ڊويزنل تعليمي ڊائريڪٽرز ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شامل ٿيا۔

اجلاس ۾ سنڌ جي تعليمي شيڊول، امتحانن، موڪلن، اسڪولن جي وقتن ۽ ٻين اهم معاملن بابت فيصلا ڪيا ويا۔

📌 اهم فيصلا هن ريت آهن:

• سنڌ ۾ نئون تعليمي سال پهرين اپريل کان شروع ٿيندو۔
• اٺين جماعت تائين جا امتحان رمضان المبارڪ دوران معمول مطابق مارچ مهيني ۾ ٿيندا۔
• نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان 31 مارچ کان 15 اپريل تائين منعقد ڪيا ويندا۔
• يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان 15 اپريل کان 30 اپريل تائين ورتا ويندا۔
• انٽرميڊيئيٽ جا نتيجا پهرين جون کان جاري ڪيا ويندا۔
• اونهاري جون موڪلون جون ۽ جولاءِ مهينن ۾ ٿينديون۔

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي سال 2027 ۾ موڪلن جي شيڊول ۾ ممڪن تبديلي بابت فيصلو سب ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ايندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويندو۔

صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه چيو ته اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ چائلڊ فرينڊلي ماحول فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته اسيسمينٽ جو مقصد اهو به هجڻ گهرجي ته استاد پنهنجي ذميوارين کي ڪيتري حد تائين بهتر نموني سان نڀائي رهيا آهن۔

اجلاس ۾ تعليمي بورڊن کي هدايت ڪئي وئي ته امتحانن کي مرحليوار طور تي او ايم آر (OMR) سسٽم تي منتقل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي۔










🔴 بريڪنگ نيوزذريعن موجبان شاءَ الله سال 2026 جي پهرين ۽ نئين قسط 14,500 رپيا15 فيبروري کان 20 فيبروري 2026وچ ۾ جاري ٿيڻ ...
11/02/2026

🔴 بريڪنگ نيوز
ذريعن موجب
ان شاءَ الله سال 2026 جي پهرين ۽ نئين قسط 14,500 رپيا
15 فيبروري کان 20 فيبروري 2026
وچ ۾ جاري ٿيڻ جا امڪان آهن۔

📌 ادائيگيون مرحليوار ڪيون وينديون
📌 آخري تاريخ جو اعلان آفیشل نوٽيفڪيشن بعد ڪيو ويندو
❗ افواهن تي ڌيان نه ڏيو
📢 وڌيڪ تازي اپڊيٽس لاءِ اسان جو پيج فالو ڪريو

#سنڌ #پاکستان #ادائيگي #خبرون

📢 نئين BISP فائدو وٺندڙن لاءِ اهم اطلاعاهي سڀئي عورتون جيڪي بينظير ڪفالت پروگرام لاءِ نئين اهل بڻيون آهن يا جن پهريون ڀي...
10/02/2026

📢 نئين BISP فائدو وٺندڙن لاءِ اهم اطلاع

اهي سڀئي عورتون جيڪي بينظير ڪفالت پروگرام لاءِ نئين اهل بڻيون آهن يا جن پهريون ڀيرو 14,500 رپين جي قسط وصول ڪئي آهي، انهن کي گذارش آهي ته پنهنجي اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن جا تعليمي فارم پنهنجي لاڳاپيل BISP CM (ڪيمپ مينيجر) وٽ لازمي جمع ڪرائين، جيئن وقت سر توهان جي ٻارن جا بينظير تعليمي وظيفا جاري ٿي سگهن۔

📝 بينظير تعليمي وظيفو حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺيون معلومات ضروري آهي:

1️⃣ ٻار جو بي فارم
2️⃣ اسڪول طرفان جاري ڪيل تصدیقي داخلا سلپ
3️⃣ ٻار جي پاسپورٽ سائيز تصوير
4️⃣ والدين (ماءُ) جو موبائل نمبر

📅 فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ: 20 فيبروري 2026

⚠️ اهي ٻار جيڪي ڪنهن به سبب ڪري اسڪول تبديل ڪري چڪا آهن، اهي پنهنجي نئين اسڪول مان تصدیقي داخلا سلپ ٺهرائي ٻيهر جمع ڪرائين، جيئن بند ٿيل وظيفو ٻيهر جاري ٿي سگهي۔

📍 ٻارن جا بينظير تعليمي وظيفا فارم پنهنجي علائقي جي لاڳاپيل BISP ڪيمپ مينيجر وٽ ئي جمع ڪرائين۔

📌 اهم هدايت:
مهرباني ڪري هن اطلاع کي وڌ کان وڌ حقدار خاندانن تائين ضرور پهچايو۔


سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ذاتي معلومات (NADRA)8000: سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق (CNIC Verification)668: پنهنجي نالي تي رجسٽر ٿيل سمن جو تعداد...
09/02/2026

سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ذاتي معلومات (NADRA)

8000: سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق (CNIC Verification)
668: پنهنجي نالي تي رجسٽر ٿيل سمن جو تعداد ڄاڻڻ
8300: ووٽ جي معلومات ۽ پولنگ اسٽيشن
8001: فيملي شجرو جي تصديق (Family Tree)
8008: سڃاڻپ ڪارڊ جي ايڪسپائري تاريخ چيڪ ڪرڻ
8005: ويجهو نادرا سينٽر جو پتو معلوم ڪرڻ

گاڏي جي تصديق (Excise / Vehicle Verification)

8149: پنجاب گاڏي جي رجسٽريشن چيڪ ڪريو
8521: اسلام آباد گاڏي جي رجسٽريشن

ڊرائيونگ لائسنس جي تصديق (Driving Licence Verification)

8147: پنجاب ڊرائيونگ لائسنس جي تصديق
6040: سنڌ ڊرائيونگ لائسنس جي تصديق

پاسپورٽ جي تصديق (Passport Verification)

9988: پاسپورٽ ٺهڻ جي صورتحال (Passport Status)

مالي مدد ۽ صحت (Government Schemes)

8171: بينظير انڪم سپورٽ / احساس پروگرام ۾ اهليت
8500: صحت ڪارڊ جي اهليت ۽ اسپتالن جي معلومات
8123: مفت راشن پروگرام ۾ رجسٽريشن
8900: وزيراعظم يوٿ لون پروگرام جي اهليت

موبائل ۽ انٽرنيٽ (PTA)

8484: موبائل فون جي PTA کان تصديق
* #06 #: پنهنجي موبائل جو IMEI نمبر معلوم ڪرڻ
667: سم ڪنهن جي نالي تي آهي؟ (“MNP” لکي موڪليو)

هنگامي حالتون ۽ شڪايتون (Emergency)

15: پوليس مدد
1122: ايمبولينس ۽ فائر بريگيڊ
130: موٽروي پوليس هيلپ لائن
1991: سائبر ڪرائيم (آن لائن فراڊ) جي شڪايت — FIA
1033: اينٽي ڪرپشن هيلپ لائن
















#سنڌ
#معلومات

#نادرا


#پاسپورٽ

#پاکستان
#نادرا

#اہساس

⚠️ خبردار — جعلي وڊيوز کان بچو!سوشل ميڊيا تي سرائڪي ٻولي ۾ هلندڙ وڊيوز بابت اهم وضاحت 👇نادرا جي اڳوڻي چيئرمين عثمان يوسف...
08/02/2026

⚠️ خبردار — جعلي وڊيوز کان بچو!

سوشل ميڊيا تي سرائڪي ٻولي ۾ هلندڙ وڊيوز بابت اهم وضاحت 👇

نادرا جي اڳوڻي چيئرمين عثمان يوسف مبين جو نالو استعمال ڪري اهو دعويٰ ڪيو پيو وڃي ته
“جن ماڻهن جي شناختي ڪارڊ تي سندس دستخط آهن، انهن کي نقد امداد ملي رهي آهي”
❌ هي خبر مڪمل طور تي ڪوڙي ۽ بي بنياد آهي۔
❌ اهڙيون سڀ وڊيوز جعلي آهن۔
اهڙيون افواهون صرف ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڦهلايون پيون وڃن۔
مهرباني ڪري بنا تصديق ڪنهن به خبر يا وڊيو کي شيئر نه ڪريو۔
✔️ ذميوار شهري بڻجو
✔️ صرف مستند ذريعن تي ڀروسو ڪريو
✔️ افواهن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو



ڇاڇرو جي شاگردن لاءِ وڏي خوشخبري! 🎓اسسٽنٽ ڪمشنر ڇاڇرو محمد عثمان خاصخيلي جي ڪوششن سان يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز، ٽنڊو مح...
08/02/2026

ڇاڇرو جي شاگردن لاءِ وڏي خوشخبري! 🎓

اسسٽنٽ ڪمشنر ڇاڇرو محمد عثمان خاصخيلي جي ڪوششن سان يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز، ٽنڊو محمد خان پاران ڇاڇرو جي ڊوميسائيل رکندڙ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ مفت اسڪالرشپس جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جو باقاعده ليٽر پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

تعليمي سال 2025–26ع لاءِ ميرٽ جي بنياد تي لڳ ڀڳ 55 اسڪالرشپس ڏنيون وينديون، جن ۾ DPT، Pharm-D، BBA، BS IT، BS MLT، بايوڪيمسٽري، فارينزڪ سائنس ۽ ريڊيوگرافي شامل آهن.
ان کان علاوه نرسنگ پروگرام لاءِ الڳ اسڪالرشپ پڻ ڏني ويندي.

نياڻين کي خاص ترجيح ڏني ويندي.
هي قدم ڇاڇرو جي نوجوانن لاءِ اعليٰ تعليم ۽ روشن مستقبل ڏانهن اهم اڳڀرائي آھي



06/02/2026

راندين ۾ ناانصافي برداشت نه ٿيندي!

ٿرپارڪر جي شاگرد سان ٿيل ناانصافي خلاف آواز بلند ڪيو ويو.
راندين واري کاتي تي الزام آهي ته اٺين ڪلاس جي شاگرد، جيڪو ميراٿن ريس ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو، ان کي من پسند فيصلي سبب نه رڳو انعام کان محروم ڪيو ويو پر راند آئوٽ پڻ ڪيو ويو.

ان عمل خلاف ٿرپارڪر ميڊيا سينٽر تي احتجاج ڪيو ويو، جتي شهرين ۽ شاگردن مطالبو ڪيو ته راندين ۾ ميرٽ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ شاگرد سان انصاف ڪيو وڃي.

ميرٽ جو قتل نوجوانن جي حوصلي کي نقصان پهچائي ٿو.


#ٿرپارڪر

افسوسناڪ خبراسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ سينهار نانگڙ ڀرسان سومار جي ڍاڻي سان تعلق رکندڙ هڪ عورت، جيڪا گل محمد جي گهر واري هئي...
05/02/2026

افسوسناڪ خبر

اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ سينهار نانگڙ ڀرسان سومار جي ڍاڻي سان تعلق رکندڙ هڪ عورت، جيڪا گل محمد جي گهر واري هئي، پنهنجي بيمار ٻچڙي جي علاج لاءِ ڪراچي وئي هئي. افسوسناڪ طور تي اها عورت لياري سول اسپتال مان اوچتو گم ٿي وئي.

وارثن طرفان سڄي رات ڳولا جاري رکڻ بعد صبح جو اطلاع مليو ته عورت جو لاش ريلوي اسٽيشن ڀرسان پيل آهي. بعد ۾ ڇيپا فائونڊيشن جي رضاڪارن لاش کڻي ڇيپا سينٽر منتقل ڪيو ۽ وارثن کي آگاهي ڏني. ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

هن ڏکوئيندڙ خبر ٻڌڻ سان گهر ۾ قهرام مچي ويو. ننڍڙو ٻار پنهنجي جيجل امڙ کي ياد ڪري سڏڪا ڀري روئيندو رهيو ۽ بار بار چوندو رهيو:
“منهنجي جيجل امان ڪيڏانهن وئي؟”
اهو منظر هر اک کي آلا ڪري ويو.

الله پاڪ مرحومه کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ وارثن کي صبرِ جميل عطا فرمائي.

📢 نوجوان دوستن لاءِ اهم ڄاڻهاڻي اوهان قانوني ۽ سرڪاري ضابطن مطابق گهر ويٺي پنهنجن عزيزن ۽ اوڙي پاڙي وارن لاءِشناختي دستا...
05/02/2026

📢 نوجوان دوستن لاءِ اهم ڄاڻ

هاڻي اوهان قانوني ۽ سرڪاري ضابطن مطابق گهر ويٺي پنهنجن عزيزن ۽ اوڙي پاڙي وارن لاءِ
شناختي دستاويزن بابت رهبرائي، ھيٺ ڏنل ايپليڪيشن جي ذريعي آن لائين اپلاءِ ۽ پروسيسنگ سهولتون حاصل ڪري سگهو ٿا۔

✅ دستياب قانوني سهولتون:
▪️ قومي شناختي ڪارڊ (CNIC) لاءِ اپلاءِ / رهنمائي
▪️ ب فارم ۽ ٻارن جا رجسٽريشن ڪارڊ
▪️ فوتي جو ڪارڊ ڪينسل ڪرائڻ بابت مدد
▪️ پيدائش، وفات ۽ نڪاح رجسٽريشن بابت رهبرائي
▪️ جانشيني سرٽيفڪيٽ بابت معلومات
▪️ بايوميٽرڪ ويريفڪيشن (قانوني طريقن سان)
▪️ گاڏين جي ڪاغذن بابت قانوني رهنمائي
▪️ لائسنسز ۽ ٻين سرڪاري معاملن بابت اپلاءِ سپورٽ

📱 سڀ ڪم سرڪاري ادارن (NADRA ۽ لاڳاپيل کاتن) جي قاعدن مطابق ڪيا وڃن ٿا۔
⚠️ ڪا به جعلي يا غيرقانوني دستاويز سازي شامل ناهي۔

👉 وقت بچايو، پريشاني کان بچو،
۽ صحيح رستي سان پنهنجا قانوني ڪم مڪمل ڪرايو













#نوٽ:
ھيٺ 👇🏻 ڏنل لنڪ جي ذريعي توهان اھا ايپليڪيشن ڊائونلوڊ ڪري سگھو ٿا،
۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ کانپوءِ پنھنجو اڪائونٽ رجسٽر ڪريو

https://play.google.com/store/apps/details?id=pk.gov.nadra.pakid

🚨 انتہائی اهم گمشدگي اطلاع 🚨انساني همدردي رکندڙ سڀ دوستن کي هٿ ٻڌي اپيل 🙏🏼هي تصوير ۾ نظر ايندڙ سادڙي امڙ ٿر جي رهواسي آه...
05/02/2026

🚨 انتہائی اهم گمشدگي اطلاع 🚨

انساني همدردي رکندڙ سڀ دوستن کي هٿ ٻڌي اپيل 🙏🏼

هي تصوير ۾ نظر ايندڙ سادڙي امڙ ٿر جي رهواسي آهي، جيڪا پنهنجي بيمار ٻچڙي جي علاج لاءِ ڪراچي صدر لياري اسپتال آئي هئي، پر افسوس جو اتي کان گم ٿي وئي آهي۔

😢 امڙ جو ننڍڙو ٻچڙو هن وقت به اسپتال ۾ داخل آهي، جيڪو بيماري جي بستري تي پنهنجي جيجل امڙ لاءِ سڏڪا ڀري رهيو آهي۔

ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌ جا سڀ ڀائر ۽ ٿر سان تعلق رکندڙ دوستن کي خاص گذارش آهي ته
خدارا هن امڙ جي ڳولا ۾ مدد ڪريو۔

📞 جيڪڏهن ڪنهن کي به هن امڙ بابت ڪا به معلومات ملي، مهرباني ڪري فوراً هيٺ ڏنل نمبرن تي رابطو ڪريو:

0345-0414191
0345-2032688
0346-3767534
0348-3628672
0345-8688818

🙏🏼 هي پوسٽ وڌ ۾ وڌ شيئر ڪريو
ٿي سگهي ٿو اوهان جو هڪ شيئر،
هڪ ماءُ کي پنهنجي ٻچڙي سان ملائي ڇڏي












Address

Tar Ahmed
Chachro
69170

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when اھڙوته منھنجوٿرآ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share