Complainant Center by Naeem

Complainant Center by Naeem ہم بنیں گے آپ کی آواز، کوئی بھی سوشل issue ہو، آپ کے ساتھ ک?

21/08/2022

. پاڪستان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي PDMA کي هن 02199332742 نمبر تي وڌ کان وڌ شڪايت درج ڪرايو. جنهن کان پوءِ هو واسطيدار DC سان رابطو ڪري اوھان جي شڪايت حل ڪرائيندا. نمائندو اوھان کان اوھان جي شڪايت، اوھان جي يوسي، تعلقي ۽ ضلعي بابت پڇا ڪندو.
پڙھيل لکيل دوست وڌ کان وڌ شڪايتون درج ڪرايو، جيئن انتظاميہ جون ننڊون حرام ٿين. ھي ئي وقت آهي پنھنجو پاڻ ملھايو.
شڪايت لاء 24 ڪلاڪ نمائندو موجود آھي ڪنھن بہ وقت ڪال ڪري سگهجي ٿي.

ھي سنڌ  گورنمينٽ طرفان برساتون  سبب متاثرن ٿيل  ماڻھون لاء  فارم الاٽ ڪيا ويا آهن  جنھن جو به گھر ڊھي ويو آھي ته اھو ھي ...
20/08/2022

ھي سنڌ گورنمينٽ طرفان برساتون سبب متاثرن ٿيل ماڻھون لاء فارم الاٽ ڪيا ويا آهن جنھن جو به گھر ڊھي ويو آھي ته اھو ھي فارم ڀري جمع ڪرائي.

20/08/2022

هن وقت سنڌ مڪمل پاڻي جي گهيري ۾ آهي،مراد علي شاھ کان وٺي سنڌ جي سڀن چونڊيل نمائندن سنڌ واسين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي!
هي تازي رپورٽ آهي ڊسٽرڪٽ ٽنڊوالهيار، ديھ يوسي لانڍي ( ڳوٺ حاجي ابراهيم لغاري) جي هتان جي چونڊيل نمائندن امداد پتافي ۽ ذوالفقار ستار بچاڻي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي،چونڊيل نمائندن کي ٽڪي جو به شرم نٿو اچي،هن وقت هتان جي چونڊيل نمائندن ٽنڊوالهيار کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي!

20/08/2022

سنڌ سراپا احتجاج پر DEOs اگھور ننڊ ستل.

جتي سڄي سنڌ جا ،%40+ مارڪون کڻندڙ اميدوار روز پنھنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ حتجاج ڪري رھيا آھن. اھڙي طرح شھيد بينظير آباد ضلعي جي تعلقي نوابشاه جا اميدوار به مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. جئين ته سنڌ ايجوڪيشن جي ويبسائيٽ تي جيڪا تعلقي نوابشاه جي پرائمري اسڪول جي خالي سيٽن جي جيڪا لسٽ رکي وئي آهي انھي ۾ مرد جنرل سيٽون 353 آھن.مينارٽي ۽ معذورن جي ڪوٽا واريون سيٽون انھن 353 کان الڳ آھن. جڏھن ته تعلقي نوابشاه ۾ پرائمري جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو ٽوٽل تعداد 596 تائين آھي جنھن ۾ ڪجھ مينارٽي ۽ معذور اميدوار پڻ شامل آهن. ھاڻي اچون ٿا ته انھن 596 مان ڪيترن jest پاس ڪئي آھي.
596 اميدوارن مان تقريبن 145 اميدوارن jest جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ انھن 145 مان ميرٽ جي حساب سان 103 اميدوارن کي jest جي جوئنگ ڏني وئي آهي.باقين pst پاس اميدوارن جو تعداد 493 ٿي ويو آهي.انھن 493 مان پھرين پاليسي تحت 42 اميدوارن کي پرائمري استاد جي پوسٽ لاءِ جوائنگ ڏني وئي آهي.جڏھن ته ٽوٽل سيٽون 353 مان 42 آڊر اميدوارن کي ملي ويا آهن ۽ بقايا 311 تعلقي نوابشاه جي پرائمري اسڪول جون سيٽون خالي آھن جيڪي ظاھر آھن. پر ڪجھ اميدوار اھڙا jest ٿي ويا آهن جيڪي پھرين پرائمري استاد ھئا اھي به پرائمري استاد جون سيٽون خالي ٿيون آھن . انھي سان گڏوگڏ جيڪي پرائمري استاد 22-2021 ۾ ريٽائرڊ ٿيا آهن.اھي ٻنھي قسم جون سيٽون ظاھر ناھن ڪيون ويون.
اسان ضلعي ايجوڪيشن آفيسر شھيد بينظير آباد کي عرض ٿا ڪريون ته مھرباني ڪري اھي سيٽون ظاھر ڪري اميدوارن جي بي چيني ختم ڪئي وڃي.
Message by a candidate

20/08/2022

پنھنجون شڪايتون اسان کي انباڪس ڪيو، تصويرن جي صورت ۾، تحرير جي صورت ۾ يا ويڊيو جي صورت ۾
انشاءالله ملي ڪري آواز بلند ڪنداسين

Join our hands
20/08/2022

Join our hands

20/08/2022

Address

Dubai

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Complainant Center by Naeem posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category