03/03/2026
جيئي ڀٽو.....جيئي عوام.....سدا جيئي
اڄ تاريخ 3/3/2026 بروز اڱارو پاڪستان پيپلز پارٽي يوسي مصري خان چانڊيو جي ماھوار ميٽنگ زيرِ صدارت قائم مقام صدر زاھد حسين چانڊيو صاحب جن جي ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو ۾ ٿي گذري۔
ميٽنگ جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي ۽ پارٽي شهيدن لاء پڻ دعا مغفرت گهري وئي۔
ميٽنگ جي ايجنڊا:
ورسي قائد و باني ايٽامڪ پاور ملڪ جو پهريون چونڊيل وزير اعظم شهيد چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي04 اپريل تي ورسي، پارٽي ماهوار گڏجاڻي ۽ هلندڙ ترقياتي ڪمن بابت ميٽنگ ڪئي وئي۔
شهيد قائد جي پرعقيدت ورسي ملھائڻ لاء تمام گهڻي انگ ۾ پارٽي ورڪرز، همدردن ۽ جيالن سميت عوام سان شانه بشانه گڏجي ھلڻ جي تياري ڪرڻ جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويو۔
ماھوار ميٽنگ ۾ پارٽي ورڪرن پنھنجا پنهنجا رايا، تجويزون ۽ هلندڙ ترقياتي ڪمن بابت مشورا به پيش ڪيا ان سان گڏوگڏ ميٽنگ جي ڪاروائي جا تمام منٽس پڻ لکت ۾ آندا وياـ
اڄوڪي ميٽنگ ۾ گهڻي انگ ۾ پارٽي ورڪرن جيالن شرڪت ڪئي، آخر ۾ جيئي ڀٽو جي نعرن سان ميٽنگ جي پڄاڻي ٿي گذري۔