15/05/2026
ڊاڪٽر جي. ايم. پنهور انسٽيٽيوٽ هميشه تعليم، تربيت ۽ عملي سکيا جي فروغ لاءِ سرگرم رهيو آهي. اسان جو مقصد صرف شاگردن کي ڪتابي علم ڏيڻ نه، پر انهن جي شخصيت، اخلاق، اعتماد ۽ عملي صلاحيتن کي به نکارڻ آهي، ته جيئن هو مستقبل ۾ ڪامياب ۽ ذميوار شهري بڻجي سگهن۔
اڄ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪيمپس بقا محمد هاليپوٽو (تعلقو کپرو) جي شاگردن جي تعليمي دوري (visit) دوران کين مختلف تعليمي ۽ تربيتِي سهولتن سان متعارف ڪرايو ويو. هن دوري جو مقصد شاگردن کي حقيقي تعليمي ماحول سان روشناس ڪرائڻ هو۔
📚 لائبريري جو دورو:
شاگردن کي لائبريري ۾ ڪتابن جي استعمال، مؤثر مطالعي جي طريقن، ۽ self-learning جي اهميت بابت ڄاڻ ڏني وئي۔
💻 ڪمپيوٽر ليبارٽري:
شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي، بنيادي ڪمپيوٽر استعمال ۽ ڊجيٽل سکيا سان متعارف ڪرايو ويو، جيڪو سندن لاءِ هڪ نئون ۽ دلچسپ تجربو هو۔
🌿 تفريحي سرگرميون:
شاگردن لاءِ پارڪ ۾ تفريحي سرگرميون پڻ ترتيب ڏنيون ويون، ته جيئن هو پڙهائي سان گڏ ذهني تازگي ۽ خوشگوار ماحول مان به لطف اندوز ٿي سگهن۔
🏫 ان کان علاوه، ويجهي The Citizens Foundation (TCF) اسڪول جو پڻ دورو ڪيو ويو، جتي شاگردن کي تعليمي ماحول، تدريسي نظام ۽ جديد تعليمي سهولتن بابت ڄاڻ ڏني وئي۔
اسان کي خوشي آهي ته پوري دوري دوران شاگردن ۾ نظم و ضبط، خوشي ۽ سٺي اخلاق جو شاندار مظاهرو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو واقعي قابلِ تعريف آهي۔
اسان دل جي گهراين سان سڀني استادن جي محنت، لگن ۽ رهنمائي کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن شاگردن جي بهتر تربيت کي يقيني بڻايو. استاد ئي قومن جي تعمير جو بنياد آهن۔
گڏوگڏ اسان هيڊ ماسٽر ۽ سڄي اسٽاف جي به دل جي گهراين سان قدرداني ڪريون ٿا، جن هن تعليمي دوري کي ڪاميابي سان منظم ڪيو۔
انتظاميه
ڊاڪٽر جي. ايم. پنهور انسٽيٽيوٽ آف ناليج، لرننگ اينڊ