PSF SAU Campus Umerkot

PSF SAU Campus Umerkot OFFICIAL 🇪🇺🇱🇾
سپاف سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ

عوامی راج ، جمہوری بالادستی اور قربانیوں کا لازوال سفر۔ تمام جمہوریت پسندوں کو پاکستان پیپلز پارٹی کا 58 واں یوم تاسیس م...
30/11/2025

عوامی راج ، جمہوری بالادستی اور قربانیوں کا لازوال سفر۔
تمام جمہوریت پسندوں کو پاکستان پیپلز پارٹی کا 58 واں یوم تاسیس مبارک،

‏ ‪ ‬
58th Foundation Day💙🇱🇾

23/11/2025

پريس رليز
23/11/2025

میں جهکا نھیں میں بکا نھیں
کھیں چھپ چھپا کر کھڑا نھیں
جو ڈٹے رھے ھیں مھاز پر
مجھے ان صفوں م تلاش کر
مجھے ان صفون م تلاش کر

پي ايس ايف سنڌ جي عظيم درسگاھ جنت السنڌ زرعي يونيورسٽي ڪيمپس عمرڪوٽ پاران انٽري ٽيسٽ لاء آيل شاگردن کي ڀليڪار ڪيو ويو
اڄ 23/11/2025 بروز آچر جي ڏينهن جنت السنڌ زرعي يونيورسٽي ڪيمپس عمرڪوٽ م انٽري ٽيسٽ لاء آيل پيارن شاگرد ڀائرن کي پي ايس ايف سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪيمپس عمرڪوٽ جي صدر مير شاهمراد مري ۽ انفارميشن سيڪريٽري منير آريسر جي اڳواڻي م پي ايس ايف عمرڪوٽ ڪيمپس جي دوستن سان ڳڏ نيو بيچ کي ويلڪم ڪيو ويو

03/11/2025

03/11/2025 پريس رليز
صدر سپاف زرعي يونيورسٽي ڪئمپس جي حڪم تي، اڄ ڇور شهر ۾ سپاف جي طرفان زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ لڳل تالابندي خلاف پرامن احتجاج ۽ زوردار نارا بازي ڪئي وئي

احتجاج دوران شاگردن ۽ سپاف جي ڪارڪنن چيو ته تعليم نوجوانن جو بنيادي حق آهي، پر افسوس جو زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ کي تالا لڳائي بند ڪرڻ سان شاگردن جو مستقبل خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔

شاگردن جو چوڻ هو:

> "اسان کي تعليم کپي، تالا نه کپن!"

انهن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن انتظاميا پاران ڪلاسون فوري طور تي نه هلائيون ويون ته سپاف پنهنجي احتجاج جو دائرو پوري ضلعي ۽ صوبي تائين وڌائيندي۔

سپاف جي نمائندن چيو ته هو تعليم لاءِ جدوجهد جاري رکندا، جيستائين شاگردن کي سندن تعليمي حق نه ملي وڃي۔
جاري ڪرده
فدا مير گرگيج

03/11/2025

پريس رليز - عمرڪوٽ 02/11/2025
شاگرد دشمن هر دستور نامنظور نامنظور
پيپلز اسٽوڊينٽ فيڊريشن سنڌايگريڪلچر يونيورسٽي ڪيمپس عمرڪوٽ ✌️🇪🇺✌️

عمرڪوٽ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ جي تالابندي خلاف شاگردن جو احتجاجي مظاهرو سخت نعاريبازي

عمرڪوٽ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ پڙهائيندڙ استادن ۽ ملازمن کي گذريل چار مهينن کان پگهارون نه مليون ملازمن جي هڙتال سبب ڪئمپس کي تالا لڳل آهن ۽ شاگردن جي پڙهائي سخت متاثر ٿي رهي آهي, مظاهرين

عمرڪوٽ ملازمن جي هڙتال سبب يونيورسٽي ڪئمپس بند آهي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ 1800 شاگردن جي پڙهائي سخت متاثر ٿي رهي آهي, مظاهرين

عمرڪوٽ گذريل هڪ هفتي يونيورسٽي ڪئمپس کي تالا لڳل آهن پوائنٽ بسون نٿيون هلن شاگرد روز اچي مايوس تي واپس ويندا آهن, مظاهرين

عمرڪوٽ ڊسمبر ۾ شاگردن پيپر رٿيل آهن ڪلاس نه هلڻ ڪري شاگردن جو مستقبل داع تي لڳل آهي ڪير به نوٽيس وٺڻ ڳالهائڻ وارو ناهي فورن ملازمن ۽ استادن جي احتجاج ۽ يونيورسٽي جي تالابندي جو نوٽيس وٺي شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي, صدر پي ايس ايف مير شاهمراد مري ۔ جنرل سيڪريٽري اصغر علي نوهڙي ۔دلمراد مري ۔منير آريسر جسونت چارڻ ۔ڪشور ڪمار۔ امتياز علي۔ منور سمون ۾ ٻين
مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي

جاري ڪردا پي آر & انفارميشن سيڪريٽري
فدا مير گرگيج

پريس رليزسنڌ زرعي يونيورسٽي ڪيمپس عمرڪوٽ ۾ تالابندي خلاف  پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (پي ايس ايف) زرعي ڪيمپس پاران سڀاڻي10: ...
01/11/2025

پريس رليز
سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪيمپس عمرڪوٽ ۾ تالابندي خلاف پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (پي ايس ايف) زرعي ڪيمپس پاران سڀاڻي10: وڳي جناح پارڪ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي جنهن ۾ عمرڪوٽ جي شاگردن، استادن، وڪيلن، صحافين سميت هر باشعور فرد کي شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪجي ٿي..
PR & Info Secretary
FIDA MIR

30/09/2025

پريس ريليز
سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ جي معزز استادن کي ڪيترن مهينن کان پگهارون ناهن مليون، جنهن جو سڌو اثر شاگردن جي پڙهائي ۽ ڪلاسن تي پيو آهي۔ 🎓

استاد اسان جي تعليم جو مرڪز آهن، جيڪڏهن سندن حقن سان ناانصافي ٿيندي ته تعليم جو معيار به متاثر ٿيندو۔

اسان، PSF عمرڪوٽ ڪيمپس، استادن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته:
1️⃣ استادن جون رهيل پگهارون فوري طور تي جاري ڪيون وڃن۔
2️⃣ استادن کي مالي ۽ اخلاقي تحفظ ڏنو وڃي۔
3️⃣ تعليم جي تسلسل کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شاگردن جو مستقبل خطري ۾ نه پوي۔

اسان پنهنجي استادن سان گڏ آهيون، ڇو ته استاد ئي اسان جي ايندڙ نسلن جا معمار آهن۔
جاري ڪرده
فدا مير گرگيج

HaPpY BirThDaY Chairman ShB♥🥳Bilawal Bhutto Zardari
21/09/2025

HaPpY BirThDaY Chairman ShB♥🥳
Bilawal Bhutto Zardari

عمرڪوٽ جي گھڻ ڳُڻي شخصيت محبوب سائين سرفراز شاه جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ سپاف ايگريڪلچرل ڪئمپس جي شاگردن پاران ڪٽيو ويو ھڪ دف...
15/09/2025

عمرڪوٽ جي گھڻ ڳُڻي شخصيت محبوب سائين سرفراز شاه جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ سپاف ايگريڪلچرل ڪئمپس جي شاگردن پاران ڪٽيو ويو
ھڪ دفعو وري جنم ڏينهن جون واڌايون قبلا الله پاڪ توهان کي شاد آباد رکي

HaPpY BirThDaY Qibla SaiN Sarfraz Shah ShB❤🥳
11/09/2025

HaPpY BirThDaY Qibla SaiN Sarfraz Shah ShB❤🥳

پريس رليز! 04 سيپٽمبر 2025عپيپلس اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سپاف) زرعي ڪيمپس عمرڪوٽ جي صدر مير شاھ مراد مري جي ھدايت تہ ايڪٽو ميم...
05/09/2025

پريس رليز!
04 سيپٽمبر 2025ع

پيپلس اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سپاف) زرعي ڪيمپس عمرڪوٽ جي صدر مير شاھ مراد مري جي ھدايت تہ ايڪٽو ميمبر منير آريسر ۽ جسونت چارن پاران اداري جي شاگردن سان سياسي ڪچھري ڪئي.

منير آريسر شاگردن سان سپاف جي منشور ۽ آئين کي متعارف ڪرائڻ کان پوءِ وڌيڪ چيو تہ سپاف زرعي ڪيمپس ۾ سدائين شاگردن جي حقن لاءِ ھميشه جاکوڙ ڪئي آ ۽ اسان جو مقصد پنھنجي تعليمي ادارن جي مالڪي ڪرڻ آھي..

ڪچھري کان پوءِ هيٺين دوستن سپاف جي منشور، آئين، ليڊرشپ ۽ جدوجھد تي اعتماد ڪندي سپاف جي بنيادي ميمبرشپ ۾ شموليت اختيار ڪندي هر وقت شاگردن جي حقن ۽ زرعي ڪيمپس جي ترقياتي ڪمن ۾ اڳڀرو ڪردار ادا ڪرڻ جو وچن ڪيو..

شريڪ ٿيندڙ

1 گل سومرو
2 امداد سميجو
3 خادم حسين
4 مگھجي ٺاڪر
5 ياسين سومرو
6 منير سميجو
7 علي سومرو
8 گل حسن
9 احسان ملاح
10 شاھيد علي
11 حنان يوسفزئي

اسين سپاف ۾ شامل ٿيندڙ سڀني ساٿين کي ڀليڪار چئون ٿا.

جاري ڪندڙ۔

فدا مير گرگيج عمرڪوٽ ڪيمپس

Address

Umarkot

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when PSF SAU Campus Umerkot posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share