08/03/2026
معصوم ٻن ورهين جي ٻار کي زبردستي پيشاب پياري ڇڏيو
خير شاهه جو رهواسي لياقت علي ميراڻي پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ نواب شاهه پريس ڪلب پهتو. هن الزام هنيو ته پاڙي جا ڪجه اوباش ماڻهو سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
لياقت علي مراني چيو ته هنن ظلم جي حد پار ڪندي سندس معصوم ٻن ورهين جي ٻار کي زبردستي پيشاب پياري ڇڏيو ۽ کين لڳاتار تنگ ڪري رهيا آهن.
هن اعليٰ اختيارين ۽ نواب شاهه پوليس کان اپيل ڪئي آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.