Jeay Sindh students Federation Jssf Sukkur

Jeay Sindh students Federation Jssf Sukkur Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Jeay Sindh students Federation Jssf Sukkur, Political organisation, Sukkur.

27/01/2025

28 جنوري صبح جو 11بجي سٽي پوائينٽ تي سڀ دوست گڏ ٿيو
جساف آريسر ضلعو سکر

14/11/2023

مذمت ٿي ڪجي سکر جي چند دڪاندارن تي جيڪي بي تڪي طور قومي ڪلچر جھڙي مقدس ڪپڙي جي غلط فروخت ڪرڻ /موٽر سائيڪل جو ڪور / مختلف گاڏين ۾ سيٽ ڪور طور ھڻي ڏيڻ / يا صوفا سيٺن / يا پردن طور فروخت ڪرڻ جي ڀرپور مذمت ڪجي ٿي ۽ اسين چتاء ڏيون ٿا ت چند ڏوڪڙن خاطر ڪلچر کي غلط استعمال ڪرڻ بند ن ڪيو ويو ت اسين ذميوارن خلاف احتجاج ڪنداسين ـ

پاران جساف ضلعو سکر

جيئي سنڌو ديش جئيي سائين جي ايم سيد جئين ته پريا ڪماري جي بازيابي لاء 3آگسٽ تي جسقم سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اگ...
02/08/2023

جيئي سنڌو ديش جئيي سائين جي ايم سيد
جئين ته پريا ڪماري جي بازيابي لاء 3آگسٽ تي جسقم سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اگواڻي ۾ سکر پريس ڪلب کان صبح ايس پي آفيس تائين ريلي ڪڍي ايس پي آفيس آڳيان تاريخي ڌرڻو ھنيو ويندو سڀني سنڌ پرست دوستن کي گذارش آهي ته صبح جو 10 وڳي سٽي پوئي تي گڏ ٿي جيئن قومي اڳواڻن سان قافلي جي صورت ۾ پريس ڪلب سکر تائي هلي سگهجي
دوستن کي گذارش آهي ته ٽائيم جي پابندي سان شرڪت ڪن

سنڌ سلامت ساٿ سلامت 🙏🏻

جيئي سنڌو ديش جئيي سائين جي ايم سيد جئين ته پريا ڪماري جي بازيابي لاء 3آگسٽ تي جسقم سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اگ...
02/08/2023

جيئي سنڌو ديش جئيي سائين جي ايم سيد
جئين ته پريا ڪماري جي بازيابي لاء 3آگسٽ تي جسقم سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اگواڻي ۾ سکر پريس ڪلب کان صبح جو 10وڳي ايس پي آفيس تائين ريلي ڪڍي ايس پي آفيس آڳيان تاريخي ڌرڻو ھنيو ويندو سڀني سنڌ پرست دوستن کي شرڪت جي اپيل ڪيون ٿا

12/02/2023

لطيف جو فڪر دراصل سنڌ جو constitution آهي جيڪڏهن اسان لطيف کي ان ريت سمجهئون..!
سنڌ شاگرد سڀاء اڳواڻ محترم غني امان چانڊيو

نيلسن منڊيلا جڏهن سائوٿ آفريڪا جو صدر ٿيو ته هڪ ڏينهن ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ ماجهاندو/لنچ ڪرڻ لاءِ ويو.  هن سان سڪيورٽي گارڊ ج...
11/02/2023

نيلسن منڊيلا جڏهن سائوٿ آفريڪا جو صدر ٿيو ته هڪ ڏينهن ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ ماجهاندو/لنچ ڪرڻ لاءِ ويو. هن سان سڪيورٽي گارڊ جو جٿو به گڏ هو. نيلسن پنهنجي کاڌي جو آڊر ڏنو. ٻيا گيراهڪ به پنهنجو آڊر ڏئي کاڌي جو انتظار ڪري رهيا هئا. ان دوران نيلسن جي نظر اتي ٿورو پر ڀري ٽيبل تي پئي جتي هڪ شخص ويٺو هو. نيلسن پنهنجي سڪيورٽي گارڊن کي حڪم ڪيو ته ان ماڻهو کي وٺي اچي سندس ٽيبل تي ويهارن.

نيسلن منڊيلا ۽ ان شخص گڏجي ماني کاڌي. جيئن ماني کائي بس ڪيائين ته اهو همراه هٿ ٻڌي وٺي تڪڙو هوٽل کان ٻاهر ڀڳو. اهو سڄو لڪاءُ سيڪيورٽي گارڊ ڏٺو. سيڪيورٽي گارڊ نيسلن کي چيو ته سائين همراه شايد بيمار هو. ماني کائي پيو ته هٿ ڏڪنس پيا. نيسلن مسڪرايو ۽ چيو ته اصل اها ڳاله ناهي. پوءِ نيسلن سيڪيورٽي گارڊ کي ٻڌائيندو آهي ته اهو همراه ڪير هو. اهو شخص منهنجو جيلر هو. مون مٿان سخت تشدد ڪندو هو. جڏهن مان ساڻو ٿي ڪري پوندو هوس ته هن کان پاڻي گهرندو هئم پر هي شخص منهنجي وات ۾ پيشاب ڪندو هو.

هِن کي خوف ته مان صدر ٿيڻ کانپوءِ هن سان پلاند ڪندس. پر اتي نيسلن ڪمال جي ڳاله ڪئي. هن چيو ته بدلي جو خيال ماڻهو مان انسانيت ختم ٿو ڪري ڇڏي پر صبر ۽ برداشت انسان کي اندروني طور مضبوط ۽ وڏي انسان ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا. توهان به جيڪڏهن سٺا انسان ٿيڻ ٿا چاهيو ته معاف ڪرڻ سکو.

ڪراچيجسقم چئيرمين صنعان خان قريشي جي JDC جي رھنمان ظفر عباس سان ملاقات سنڌ ۾ برسات متاثرن جي وڌيڪ مدد ڪرڻ جي لاء چيو ويو...
09/09/2022

ڪراچي
جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي جي JDC جي رھنمان ظفر عباس سان ملاقات سنڌ ۾ برسات متاثرن جي وڌيڪ مدد ڪرڻ جي لاء چيو ويو ۽
ظفر عباس جي مڪمل طور سنڌ ۾ غريبن کي راشن ورھائڻ ۾ مدد ڪبي
ظفر عباس صنعان خان قريشي تي مڪمل اعتماد ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مڪمل مدد ڪبي
جنھن ۾ اشرف ڪلھوڙو الاھي بخش بڪڪ وقار لغاري مومن اوڍو اياز ڀٽو گڏ

سنڌ واسين کي اڪيلو ن ڇڏبو جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پاران سموري سنڌ جي  برسات ٻوڏ متاثرن جي مالڪي  جو اعلان30 آگسٽ ٽ...
26/08/2022

سنڌ واسين کي اڪيلو ن ڇڏبو جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پاران سموري سنڌ جي برسات ٻوڏ متاثرن جي مالڪي جو اعلان30 آگسٽ ٽنڊو محمد خان مان شروعات ڪبي ـــــــــــــــــــــ سنڌ ۾ آيل طوفاني برسات ۽ سنڌو دريا ۾ چاڙھ سبب ٻوڏ ۽ پاڻي جي نيڪالي ن ڪرڻ واري پيپلز پارٽي جي ڪرپشن جي نتيجي سبب سنڌ واسين جا لکين گھر ڊھيا پيا آھن ڪروڙين ماڻھو روڊن رستن تي بنا ڪنھن سھاري جي جياپي جي جنگ بنا مدد جي جي رھيا آھن ڏک جي ھن گھڙي ۾ سنڌ واسين کي اڪيلو ن ڇڏبو لاڙ ڪاڇو نارو اتر توڙي ڪوھستان ۾ ماروئڙن جي مدد لاء جسقم جي قيادت ڪارڪنن توڙي ھمدردن سان گڏ سنڌ واسين جي ڀرپور سار لھنداسين جسقم چيئر مين صنعان خان قريشي پاران ٽنڊو محمد خان مان ھٿ وڌايو سنڌ بچايو مھم تحت مالڪي جو اعلان سنڌ جا صاحب حيثيت واپاري آبادگار انسان دوست ھن جدوجھد ۾ ساٿ ڏين .

ڀٽي جي خواهش هئي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي آرٽس فيڪلٽي جي آڊيٽوريم ۾ مخاطب ٿيانذوالفقار ڀٽو جڏھن اقتدار تان لٿو تڏھن ...
21/08/2022

ڀٽي جي خواهش هئي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي آرٽس فيڪلٽي جي آڊيٽوريم ۾ مخاطب ٿيان
ذوالفقار ڀٽو جڏھن اقتدار تان لٿو تڏھن هن چيو ته چوڌري ڪراچي يونيورسٽي ۾ خطاب ڪري سگهي ٿو ته آئون به سنڌ يونيورسٽي ۾ خطاب ڪري سگهان ٿو
انهن وقت صمد ڪانڌڙو جساف سنڌ يونيورسٽي جي صدر جي حيثيت سان بيان ڏنو هو ته "ڀٽا صاحب!
تو چيو هو ته جيڪو ڍاڪا جي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاء ويندو آئون ان جون ٽنگون ڀڃي ڇڏيندس ۽ اها تنهنجي تاريخي ۽ سياسي اقتدار واري حوس جي غلطي هئي ۽ آئون توکي چتاءُ ٿو ڏيان ته جيڪڏھن تون سنڌ يونيورسٽي آئين ته جساف تنهنجون ٽنگون ٽوڙي ڇڏيندي"..!!

ڳچيء ڳانا لوھ جا

آريسر صاحب

13/08/2022

جساف نوابشاھ ڊويزنل اڳواڻ فقير حنان عباسي جي گهر تي رياستي ادارن جي چڙهائي
چادر ۽ چؤديواري جو تقدس پائمال
گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ گهر ڀاتين کي موتمار ڌمڪيون
رياستي گنڊاگرديءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

13/08/2022

15آگسٽ1947ع

عبدالواحد آريسر

هڪ انگريز لکيو آھي ته
“ لارڊ مائونٽ بيٽن 15 آگسٽ 1947ع تي هندستان جي ورهاڱي جي منظوري جو اعلان ڪيو
پورو هندستان رنگ روشنيَ ۽ خوشبوء جي ساگر ۾ ڇوليون هڻڻ لڳو ،
جناح ۽ نهرو آل انڊيا ريڊيو تان پنهنجي پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ جو اعلان ڪري رهيا هئا پر کين خبر نه هئي ته هو ڪهڙي ڀيانڪ مستقبل لاء مسرت ڀريو اعلان ڪري رهيا آھن انهن خوشين ۽ مسرتن رنگن روشنين ۽ خوشبوئن جي دنيا ۾ صرف هڪ ماڻھو هو جيڪو پرٿوي راج روڊ تي پنهنجي گهر ۾ روئي رهيو هو!
ها!
اُن آزادي تي روئي رهيو هو جنهن آزادي لاء ھن يارنهن سال قيد ڪاٽيو هو ۽ پنهنجي قلم کان تلوار جو ڪم ورتو هو
جنهن دنيا جي عدالتن جي تاريخ ۾ پهرئين انسان جي حيثيت ۾ آزادي لاء پنهنجي واسطي ڦاسي ۽ گولي جو مطالبو عدالت ۾ ڪيو هو! اُھو انسان
مليل آزادي تي روئي رهيو هو
اهو ماڻھو هو ابوالڪلام آزاد جنهن کي خبر هئي ته هي فرقي پرستي جي بنياد تي ورهايل انسان اڳتي هلي ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاسندو. “

سائين عبدالواحد آريسر
جي ڪتاب "ُ ماڙين ماريس ڪينڪي" ٗ

پڇون ته ڪافر لڇون ته ڪافرحق چئون ته کنڀڻ حق گهر ته ڦاسي گهاٽھي ڪٿا جو قانون آ ته اوهان سنڌين جي گهرن ۾ گهڙي اسان جا گلن ...
13/08/2022

پڇون ته ڪافر
لڇون ته ڪافر
حق چئون ته کنڀڻ
حق گهر ته ڦاسي گهاٽ

ھي ڪٿا جو قانون آ ته اوهان سنڌين جي گهرن ۾ گهڙي اسان جا گلن جهڙا ڳاڙھان ڳڀرون گهوٽ بندوقن جي زور تي کنڀي گم ڪري ڇڏيو،
اوهان کي آخر ڪير ٿو اجازت ڏي رياست جون گنڊا گرديون نامنظور،
فرحان کوسو انٽر جو شاگرد آ ۽ جيئي سنڌ محاذ جو پر امن ۽ با اخلاق قومي ڪارڪن آ کيس رات ٻه وڳي نواب شاھ مان نقاب پوش گهر جي چو ديوارن جو تقدص پامال ڪري کيس گم ڪري ڇڏيو اٿن،
اسان رياست جي اهڙي عمل جي مذمت ٿا ڪيو ۽ مطالبو ٿا ڪيو ته فرحان کوسو کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي،


Address

Sukkur
92000

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Jeay Sindh students Federation Jssf Sukkur posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share