21/02/2026
مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي تي پ پ پ ضلعي سجاول جي سرگرم اڳواڻ لطيف ميمڻ چيو ته ٻوليون قومن جي سڃاڻپ هونديون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳالهائجندڙ هر ٻولي جي پنهنجي تاريخ آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٻولين جي بنياد نفرت ڦهلائڻ غلط عمل آهي، ٻولي ماڻهن کي هڪٻئي سان ڳنڊڻ جو ذريعو آهي، اسان کي فخر آهي ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري صاحب سدائين پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي دنيا آڏو سرخرو ڪيو آهي.
پاڪستان ۾ ڳالهائجندڙ سمورين ٻولين کي عزت ملڻ گهرجي ۽ کين قومي ٻولي جو درجو ملڻ گهرجي.
پيپلزپارٽي سرگرم اڳواڻ لطيف ميمڻ.