12/06/2026
🌹🎓
ٻارڻ اتحاد جي چيئرمين، محترم ڊاڪٽر قمرالدين ٻارڻ صاحب جي فرزند ۽ اسان جي پياري ڀاءُ، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ ٻارڻ کي چائنا جي اعليٰ، معتبر ۽ عالمي شهرت يافته يونيورسٽي يوڪاس (UCAS) مان ماسٽرز جي ڊگري ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪريون ٿا.
هيءَ شاندار ڪاميابي سندس مسلسل محنت، علم سان عشق، ثابت قدمي ۽ اعليٰ عزم جو روشن ثبوت آهي. يقيناً اڄوڪو ڏينهن نه رڳو سندس لاءِ، پر سندس خاندان، دوستن ۽ سڄي ٻارڻ برادري لاءِ به فخر ۽ خوشيءَ جو ڏينهن آهي.
دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس علم، عمل ۽ اخلاق جي ميدان ۾ وڌيڪ ترقيون، عزتون ۽ ڪاميابيون عطا فرمائي، ۽ کيس پنهنجي صلاحيتن وسيلي قوم، ملڪ ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
هڪ ڀيرو ٻيهر پياري ڀاءُ ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ ٻارڻ کي هن عظيم ڪاميابي تي دل جي گھرائي سان مبارڪون ۽ نيڪ تمنائون.
مبارڪون، پيار ۽ فخر! ❤️🎉
😘